Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 5:12 - Common Language New Testament

12 اسين اوھان سان وري پنھنجي ساراھہ نہ ٿا ڪريون، پر اوھان کي وجھہ ٿا ڏيون تہ اسان تي فخر ڪريو، جيئن انھن ماڻھن کي جواب ڏيئي سگھو جيڪي دل تي نہ پر ظاھري ڳالھين تي فخر ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 وري بہ اسين اوهان وٽ پنهنجي تعريف نہ ٿا ڪريون، پر پنهنجي ڪري اوهان کي فخر ڪرڻ جو وجهہ ٿا ڏيون، تہ اوهين انهن کي جواب ڏيئي سگهو جي ظاهر تي فخر ٿا ڪن، نہ دل تي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 اها ڳالهہ چوندي اسين وري اوهان آڏو پنهنجيون خوبيون بيان نہ ٿا ڪريون، پر اوهان کي موقعو ٿا ڏيون تہ اسان تي فخر ڪريو، جيئن انهن ماڻهن کي جواب ڏيئي سگھو جيڪي اندر جي ڳالهين تي نہ پر ظاهري ڳالهين تي فخر ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اها ڳالهہ چوندي اسين وري اوهان آڏو پنهنجيون خوبيون بيان نہ ٿا ڪريون، پر اوهان کي موقعو ٿا ڏيون تہ اسان تي فخر ڪريو، جيئن انهن ماڻهن کي جواب ڏيئي سگھو جيڪي اندر جي ڳالهين تي نہ پر ظاهري ڳالهين تي فخر ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 5:12
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اميد اٿم تہ اوھين پوريءَ طرح سمجھي ويندا. ھاڻي اوھين اسان کي رڳو ٿورو گھڻو سمجھو ٿا. پر جيئن خداوند عيسيٰ جي ڏينھن اوھين اسان تي فخر ڪري سگھو ٿا، تيئن اسين اوھان تي فخر ڪنداسين.


ڇالاءِ⁠جو اسان کي اھا جرئت ڪانھي جو پاڻ کي انھن ڪجھہ ماڻھن ۾ شمار ڪريون يا انھن سان ڀيٽيون جيڪي پنھنجي تعريف پاڻ ٿا ڪن. پر اھي پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي آزمائي ۽ پاڻ سان ڀيٽ ڪري نادان ٿا ٿين.


ڇالاءِ⁠جو جيڪو پنھنجي تعريف پاڻ ٿو ڪري سو قبول نہ ٿو پوي، پر اھو ئي قبول پوي ٿو جنھن جي تعريف خداوند ٿو ڪري.


اوھين رڳو انھن شين تي نظر ڪريو ٿا جيڪي اوھان جي اکين اڳيان آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي پاڻ تي اھو يقين آھي تہ ھو مسيح جو آھي، تہ انھيءَ کي وري دل ۾ اھو بہ سوچڻ گھرجي تہ جھڙيءَ طرح ھو پاڻ مسيح جو آھي، تھڙيءَ طرح اسين بہ آھيون.


ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن آءٌ کڻي انھيءَ اختيار تي گھڻو فخر ڪريان، جيڪو خداوند اسان کي اوھان جي روحاني واڌاري لاءِ ڏنو آھي، نہ ڊاھي ڇڏڻ لاءِ، تڏھن بہ آءٌ شرمندو ڪين ٿيندس.


آءٌ بي⁠وقوف تہ برابر ٿيو آھيان، پر انھيءَ لاءِ اوھان ئي مون کي مجبور ڪيو آھي. ڇالاءِ⁠جو اوھان کي منھنجي تعريف ڪرڻ گھربي ھئي. جيتوڻيڪ آءٌ ڪي ڪين آھيان، تڏھن بہ اوھان جي تمام وڏن رسولن کان ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ گھٽ نہ آھيان.


اسين وري پنھنجي ساراھہ پاڻ ٿا ڪريون ڇا؟ يا اسان کي ڪن ماڻھن وانگر سفارشي خط اوھان وٽ آڻڻ يا وٺي وڃڻ جي ضرورت آھي ڇا؟


پر ھر حالت ۾ پاڻ کي خدا جا خادم ڄاڻائڻ لاءِ اسين ڏاڍي صبر سان مصيبتن، ضرورتن ۽ تنگ حالتن کي منھن ٿا ڏيون.


سو جڏھن آءٌ ٻيھر اوھان وٽ اچي حاضر ٿيان تہ مون بابت اوھان جو فخر عيسيٰ مسيح جي ڪري گھڻو وڌي وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ