Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 4:2 - Common Language New Testament

2 بلڪ اسان بي⁠شرميءَ واريون ۽ لڪل ڳالھيون ڇڏي ڏنيون آھن. اسين ٺڳيءَ سان نہ ٿا ھلون ۽ نڪي خدا جي ڪلام ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري خدا جي آڏو ھر ھڪ ماڻھوءَ جي دل ۾ پنھنجي نيڪي ٿا ڄمايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 پر اسان بي شرميءَ ۽ ٺڳيءَ جون ڳالهيون ڇڏي ڏنيون آهن، ۽ مڪارن وانگر نٿا هلون، نڪي خدا جي ڪلام ۾ ملاوت ٿا ڪريون، پر سچ کي پڌرو ٿا ڪريون، تہ خدا جي اڳيان اسان لاءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ خاطري ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اسين بي‌شرميءَ وارين لڪل ڳالهين کان بہ پاسو ڪريون ٿا. اسين نڪي ٺڳيءَ سان ٿا هلون ۽ نہ وري مسيح بابت ايشور جي سنديش ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري ايشور جي آڏو هر هڪ ماڻهوءَ جي دل ۾ پنهنجي نيڪي ٿا ڄمايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اسين بي‌شرميءَ وارين لڪل ڳالهين کان بہ پاسو ڪريون ٿا. اسين نڪي ٺڳيءَ سان ٿا هلون ۽ نہ وري مسيح بابت خدا جي پيغام ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري خدا جي آڏو هر هڪ ماڻهوءَ جي دل ۾ پنهنجي نيڪي ٿا ڄمايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 4:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون کي خوشخبريءَ ۾ پورو ڀروسو آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ اھا ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ سڀني ايمان آڻيندڙن جي واسطي خدا جي قدرت آھي، پھريائين يھودين لاءِ پوءِ غير قومن لاءِ.


سو جن ڪمن جي ڪري اوھين ھن مھل شرمسار آھيو، تن مان انھيءَ وقت اوھان کي ڪھڙو فائدو مليو؟ ڪجھہ بہ نہ، ڇالاءِ⁠جو انھن ڪمن جو نتيجو موت آھي.


تنھنڪري خداوند جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنھن بہ ڳالھہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھو ئي اوندھہ ۾ لڪل شيون پڌريون ڪندو ۽ ماڻھن جي دلين جون رٿون ظاھر ڪندو. تڏھن خدا جي طرفان ھر ڪنھن جي پوري پوري ساراھہ ٿيندي.


اسان کي فخر آھي تہ اسان جو ضمير اسان کي پڪ ٿو ڏئي تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوھان سان جيڪو ورتاءُ ڪيو آھي، سو پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان آھي. اھو سڀ ڪجھہ خدا جي طرفان آھي. اسان ائين دنياوي ڏاھپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آھي.


پر مون کي اھو ڊپ آھي تہ جيئن نانگ پنھنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنھن نموني اوھان جون دليون بہ انھيءَ سادگيءَ ۽ پاڪائيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح لاءِ ھئڻ گھرجن.


پر جيڪڏھن آءٌ تقرير ۾ بي⁠ھنر آھيان تہ بہ علم ۾ اھڙو نہ آھيان. اھا ڳالھہ اسان ھر وقت ۽ ھر حالت ۾ اوھان جي اڳيان ظاھر ڪري ڇڏي آھي.


اسين انھن گھڻن ماڻھن وانگر نہ آھيون، جيڪي پنھنجي نفعي لاءِ خدا جي ڪلام جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين خدا جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان خدا کي حاضر ڄاڻي مسيح سان شامل ٿي ڳالھايون ٿا.


تنھنڪري خداوند جو خوف ڪندي اسين ماڻھن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسان جو حال خدا کي معلوم آھي ۽ مون کي اميد آھي تہ اھو اوھان جي دلين تي بہ صاف ظاھر ٿيو ھوندو.


اسان جي عزت بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ بي⁠عزتي بہ. اسان جي بدنامي بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ نيڪنامي بہ. ڪي اسان کي ٺڳ سمجھن ٿا، جيتوڻيڪ اسين سچار آھيون.


پر جيڪڏھن مون ھن جي اڳيان اوھان جي بابت ڪو فخر ظاھر ڪيو ھو تہ آءٌ شرمندو نہ ٿيو ھوس. ڇالاءِ⁠جو جيئن اسان اوھان کي سڀ ڳالھيون سچائيءَ سان چيون آھن، تيئن جيڪو فخر مون طيطس جي اڳيان ڪيو ھو سو بہ سچو ثابت ٿيو.


انھيءَ کان پوءِ اڳتي اسين ٻارڙا نہ رھون ۽ ماڻھن جي ٺڳي ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراھہ ڪندڙ منصوبن پٺيان ھر قسم جي تعليم جي جھوٽي سان ڇولين وانگر ھيڏي ھوڏي گھلبا ۽ لڙھندا نہ وتون.


ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڪم اھي ڳُجھہ⁠ڳوھہ ۾ ڪن ٿا، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم جھڙي ڳالھہ آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ