Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 4:16 - Common Language New Testament

16 تنھنڪري اسين ھمت نہ ٿا ھاريون. جيتوڻيڪ جسماني طرح اسين فنا ٿيندا ٿا وڃون، تڏھن بہ روحاني طرح ڏينھون ڏينھن نوبنو ٿيندا پيا وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 تنهنڪري اسين همت نٿا هاريون؛ پر جيتوڻيڪ اسان جي ظاهري انسانيت فنا ٿيندي ٿي وڃي، تڏهن بہ اسان جي اندرين انسانيت روز بروز نئين ٿيندي ٿي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 تنهنڪري اسين همت نہ ٿا هاريون. جيتوڻيڪ شرير جي لحاظ کان اسين ناس ٿيندا ٿا وڃون، تڏهن بہ آتمڪ طور ڏينهون ڏينهن نوان ٿيندا پيا وڃون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تنهنڪري اسين همت نہ ٿا هاريون. جيتوڻيڪ جسماني طور اسين فنا ٿيندا ٿا وڃون، تڏهن بہ روحاني طور ڏينهون ڏينهن نوان ٿيندا پيا وڃون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 4:16
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسان جي ڏھاڙيءَ جي ماني اسان کي روزانو ڏي.


ھن جھان جو نمونو اختيار نہ ڪريو، بلڪ خدا جي ڏنل نئين سمجھہ وسيلي بدلجي وڃو. پوءِ اوھين سمجھي سگھندا تہ خدا جي چڱي، پسنديدہ ۽ ڪامل مرضي ڪھڙي آھي.


منھنجي دل تہ خدا جي شريعت مان خوش آھي،


تہ پوءِ اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت⁠قدم رھو ۽ ھميشہ خداوند جي ڪم ۾ وڌندا ھلو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ خداوند جي خدمت ۾ اوھان جو پورھيو اجايو نہ آھي.


تنھنڪري آءٌ اوھان جي روحاني فائدي لاءِ ڏاڍي خوشيءَ سان سڀ ڪجھہ خرچ ڪندس، بلڪ پاڻ بہ خرچ ٿي ويندس. جڏھن تہ آءٌ اوھان کي گھڻو پيار ڪريان ٿو، تہ پوءِ اوھين ڪو مون کي گھٽ پيار ڪندا ڇا؟


سو اسان تي خدا جو اھڙو رحم ٿيو آھي، جو اسان کي ھيءَ خدمت ملي آھي. تنھنڪري اسين ھمت نہ ٿا ھاريون،


منھنجي دعا آھي تہ ھو پنھنجي جلال ڀري دولت موجب اوھان کي پنھنجي پاڪ روح جي وسيلي طاقت عطا ڪري تہ اوھين پنھنجي اندر ۾ زورآوار ٿيو ۽ ايمان جي وسيلي مسيح اوھان جي دلين ۾ رھي.


اوھان جي دل ۽ دماغ پوريءَ طرح نئون ٿيڻ گھرجي.


۽ نئين انسانيت کي پھري ڇڏيو آھي، جيڪا خدا جي پوري ڄاڻ سان پنھنجي خالق جي صورت موافق نئين ٿيندي ٿي وڃي.


تڏھن ھن اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو. اھو اسان جي سچائيءَ جي ڪمن ڪرڻ ڪري نہ، بلڪ سندس رحم جي ڪري ٿيو. ھن اسان کي روحاني طور نئين سر پيدا ڪرڻ جي غسل ۽ پاڪ روح سان نئين زندگي ڏيڻ جي وسيلي ڇوٽڪارو ڏنو.


ان جي بدران اوھان جي باطني انسانيت، حليم ۽ غريب طبيعت جي غيرفاني سينگار سان سينگاريل ھجي. خدا جي نظر ۾ انھيءَ جو وڏو قدر آھي.


جيڪڏھن مسيح جي نالي جي ڪري اوھان کي بي⁠عزت ڪيو ٿو وڃي تہ اوھين سڀاڳا آھيو، ڇالاءِ⁠جو خداءِ⁠ذوالجلال جي روح جي اوھان تي ڇانوَ آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ