Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 3:9 - Common Language New Testament

9 جيڪڏھن اھو عھد جيڪو ڏوھاري ٿو بڻائي سو ايڏي جلوي وارو آھي، تہ پوءِ جنھن عھد جي ڪري ماڻھو سچار ٿو بڻجي سو تہ ضرور انھيءَ کان بہ وڌيڪ جلوي وارو ھوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو اها خدمت جا ڏوهاري ٿي ٺهرائي، سا جيڪڏهن جلال واري آهي تہ جنهن خدمت جي ڪري راستباز ٿو ٺهرجي سا تہ ضرور انهيءَ کان بہ زيادہ جلال واري هوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 هائو، جيڪڏهن اها ڏوهاري بڻائڻ واري سيوا ايڏي جوت واري هئي، تہ پوءِ جنهن سيوا جي ڪري ماڻهو سچار ٿا بڻايا وڃن سا ضرور انهيءَ کان بہ وڌيڪ جوت واري هوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 هائو، جيڪڏهن اها ڏوهاري بڻائڻ واري خدمت ايڏي جلوي واري هئي، تہ پوءِ جنهن خدمت جي ڪري ماڻهو سچار ٿا بڻايا وڃن سا ضرور انهيءَ کان بہ وڌيڪ جلوي واري هوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 3:9
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابراھيم جو طھر پوءِ ٿيو ۽ اھو طھر ھڪ ثابتيءَ جو نشان ھو تہ خدا کيس طھر کان اڳ ۾ سندس ايمان جي ئي ڪري سچار ڪري قبول ڪيو. سو ابراھيم انھن سڀني جو پيءُ آھي، جيڪي خدا تي ايمان آڻين ٿا ۽ ھو کين سچار ڪري قبول ڪري ٿو، جيتوڻيڪ اھي طھريل نہ آھن.


پر خدا اوھان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي ھڪ ڪري ڇڏيو آھي ۽ کيس اسان لاءِ حڪمت يعني سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو بڻايو اٿائين.


سج جو ھڪ جلوو آھي تہ چنڊ جو وري ٻيو جلوو آھي ۽ تارن جو اڃا وري ٻيو جلوو آھي. ھر ھڪ تارو وري ٻئي تاري کان جلوي ۾ جدا جدا آھي.


جيڪڏھن اھو موت وارو عھد ايترو جلوي وارو ھو، تہ پوءِ پاڪ روح جو عھد ڪيترو نہ وڌيڪ جلوي وارو ھوندو!


مسيح گناھہ کان واقف نہ ھو، پوءِ بہ خدا کيس اسان جي بدلي گناھہ جي قرباني ٺھرايو، تہ جيئن مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاھر ٿئي.


ڇالاءِ⁠جو جيڪي ⁠بہ شريعت جي ڪمن تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت ھيٺ اچن ٿا. ھن ڪري جو لکيل آھي تہ ”جيڪو انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪرڻ ۾ قائم نہ ٿو رھي، جيڪي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، سو لعنتي آھي.“


۽ ھن سان پوريءَ طرح گڏيل ثابت ٿيان، پنھنجي انھيءَ سچائيءَ رکڻ سان نہ جيڪا شريعت کان آھي، پر انھيءَ سچائيءَ سبب جيڪا مسيح تي ايمان آڻڻ جي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. اھا سچائي ايمان جي ڪري خدا کان ملي ٿي.


ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھي ۽ رسول شمعون پطرس جي طرفان انھن ڏانھن ٿو لکجي، جن اسان جي خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جھڙو قيمتي ايمان حاصل ڪيو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ