Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 3:7 - Common Language New Testament

7 ھاڻي موت وارو اھو عھد جيڪو پٿرن تي اُڪريل ھو، سو اھڙي تہ جلوي وارو ٿيو جو بني اسرائيل موسيٰ جي چمڪندڙ منھن ڏانھن غور سان نھاري نہ ٿي سگھيا، جيتوڻيڪ اھو جلوو جھڪو ٿيندو ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پر جيڪڏهن موت جي خدمت، جنهن جو عهد پهڻن تي اُڪريل هو، سا اهڙي جلال واري ٿي جو جيڪو جلال موسيٰ جي چهري تي هو ۽ جيتوڻيڪ اهو جلال فاني هو تہ بہ بني اسرائيل سندس منهن ڏانهن غور سان نهاري نٿي سگهيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 هاڻي موت وارو اهو ٻڌل وچن جيڪو پٿر جي تختين تي اُڪريل هو، تنهن جي سيوا اهڙي تہ جوت واري هئي جو موسيٰ جو منهن چمڪڻ لڳو. ايتري قدر جو بني اسرائيل سندس منهن ڏانهن غور سان نهاري نہ ٿي سگھيا، جڏهن تہ اها جوت عارضي هئي ۽ هاڻي نہ رهي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 هاڻي موت وارو اهو عهد جيڪو پٿر جي تختين تي اُڪريل هو، تنهن جي خدمت اهڙي تہ جلوي واري هئي جو موسيٰ جو منهن چمڪڻ لڳو. ايتري قدر جو بني اسرائيل سندس منهن ڏانهن غور سان نهاري نہ ٿي سگھيا، جڏهن تہ اهو جلوو عارضي هو ۽ هاڻي نہ رهيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 3:7
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏھن جيڪي ڪائونسل ۾ ويٺا ھئا تن استيفنس ڏانھن چتائي نھاريو تہ کين سندس منھن ملائڪ جھڙو ڏسڻ ۾ آيو.


مسيح جي اچڻ سان شريعت پوري ٿي، انھيءَ لاءِ تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو تنھن کي خدا ڏانھن سچار بڻايو ويندو.


شريعت خدا جو غضب پيدا ڪري ٿي، پر جتي شريعت ئي نہ آھي تہ اُتي سندس حڪمن جي ڀڃڪڙي بہ نہ آھي.


شريعت جي ملڻ کان پوءِ ڏوھہ وڌيا. گناھہ کڻي ڪيترا بہ وڌيا پر خدا جو فضل انھن کان بہ وڌي ويو،


اھو ئي شرعي حڪم جنھن جو مقصد مون کي زندگي بخشڻ ھو، سو ئي منھنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي پيو.


منھنجي دل تہ خدا جي شريعت مان خوش آھي،


جڏھن اسين رڳو انساني فطرت موجب رھندا ھئاسين، تڏھن اسان جون نفساني خواھشون، جيڪي شريعت جي ڪري ظاھر ٿي ٿيون سي اسان تي قابض ھيون، جنھن ڪري اسان موت لائق ڦل جھليوسين.


پر جڏھن ڪامل ايندو تہ ناقص ختم ٿي ويندو.


اھا ڳالھہ ظاھر آھي تہ اوھين مسيح جو لکيل خط آھيو، جيڪو اسان جي خدمت جي وسيلي موڪليو ويو آھي. اھو خط مس سان نہ پر زندہ خدا جي روح سان، پٿر جي سليٽن تي نہ پر ماڻھن جي دلين تي لکيل آھي.


اھو ئي آھي، جنھن اسان کي نئين عھد جي خادم ھئڻ جي لائق ڪيو. اھو عھد اکرن جو نہ پر پاڪ روح جو آھي، ڇالاءِ⁠جو اکر مارين ٿا پر روح جياري ٿو.


جيڪڏھن اھو موت وارو عھد ايترو جلوي وارو ھو، تہ پوءِ پاڪ روح جو عھد ڪيترو نہ وڌيڪ جلوي وارو ھوندو!


ڇالاءِ⁠جو جيڪي ⁠بہ شريعت جي ڪمن تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت ھيٺ اچن ٿا. ھن ڪري جو لکيل آھي تہ ”جيڪو انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪرڻ ۾ قائم نہ ٿو رھي، جيڪي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، سو لعنتي آھي.“


تہ پوءِ شريعت خدا جي واعدن جي برخلاف آھي ڇا؟ ھرگز نہ. ڇالاءِ⁠تہ جيڪڏھن ڪا اھڙي شريعت ڏني وڃي ھا جيڪا حياتي بخشي سگھي ھا تہ جيڪر سچائي شريعت جي وسيلي ملي ھا.


اوھين سينا جبل وٽ نہ آيا، جنھن کي ڇھي سگھڻ ممڪن ھو. اھو جبل باھہ سان پئي ٻريو ۽ مٿس ڪاراڻ، اونداھي ۽ طوفان ھو.


جيئن ڪنھن گھر جو جوڙيندڙ انھيءَ گھر کان وڌيڪ عزت وارو ٿئي ٿو، تيئن عيسيٰ بہ موسيٰ کان وڌيڪ عزت جي لائق ليکيو ويو.


انھيءَ ۾ لوبان ساڙڻ واري سوني قربان⁠گاھہ ھئي ۽ چئني پاسن کان سون سان مڙھيل عھد واري صندوق رکيل ھئي. انھيءَ صندوق ۾ مَنَ سان ڀريل ھڪ سونو ٿانءُ، ھارون جي لٺ جنھن مکڙيون جھليون ھيون ۽ عھدنامي جون پٿريليون تختيون ھيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ