Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 3:14 - Common Language New Testament

14 پر ھنن جون دليون موڳيون ٿي ويون، ڇوتہ اڄ ڏينھن تائين پراڻي عھدنامي جي پڙھڻ وقت اھو ساڳيو پردو رھي ٿو. اھو پردو انھن تان ايستائين نہ ٿو کڄي، جيستائين اھي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي نہ ٿا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پر هنن جون دليون سخت ٿي ويون؛ ڇالاءِ جو اڄ ڏينهن تائين پراڻي عهدنامي جي پڙهڻ وقت اهو ساڳيو پردو پيل ٿو رهي؛ جو پردو مسيح ۾ کڄي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 پر هنن جا دماغ اهڙا تہ بند ڪيا ويا جو اڄ ڏينهن تائين پراڻي وچن‌نامي جي پڙهڻ وقت اهو ساڳيو پردو رهي ٿو ۽ اهي سچ کي سمجھي نہ ٿا سگھن. اهو پردو رڳو مسيح ۾ ئي کڄي وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 پر هنن جا دماغ اهڙا تہ بند ڪيا ويا جو اڄ ڏينهن تائين پراڻي عهدنامي جي پڙهڻ وقت اهو ساڳيو پردو رهي ٿو ۽ اهي سچ کي سمجھي نہ ٿا سگھن. اهو پردو رڳو مسيح ۾ ئي کڄي وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 3:14
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ وراڻيو تہ ”انھيءَ ڪري جو اوھان کي تہ آسمان واري بادشاھت جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آھي پر انھن کي نہ،


عيسيٰ چيس تہ ”اي يوحنا جا پٽ شمعون! تون سڀاڳو آھين، ڇاڪاڻ⁠تہ ھيءَ حقيقت تو کي ڪنھن انسان کان نہ پر منھنجي آسمان واري پيءُ کان ملي آھي.


پر جيڪڏھن اوھان جون اکيون خراب آھن تہ اوھان جو سڄو بدن اوندھہ ۾ غرق ھوندو. سو جيڪا روشني اوھان ۾ آھي سا جيڪڏھن اوندھہ ھجي تہ اھا ڪيڏي نہ وڏي اونداھي ٿي پوندي.“


”مون خدا انھن جون اکيون پوري ڇڏيون آھن ۽ سندن عقل تي تالو ھڻي ڇڏيو آھي، تہ متان اھي پنھنجين اکين سان ڏسن ۽ پنھنجن عقلن سان سمجھن، ۽ مون آڏو توبھہ⁠تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“


آءٌ روشني آھيان ۽ ھن دنيا ۾ انھيءَ لاءِ آيو آھيان تہ جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي سو اونداھيءَ ۾ نہ رھي.


عيسيٰ وري فريسين سان ڳالھائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آھيان. جيڪو بہ منھنجي پيروي ڪري ٿو، تنھن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏھن بہ اونداھيءَ ۾ نہ گھمندو.“


جڏھن اتي توريت ۽ نبين جا صحيفا پڙھيا ويا، تڏھن عبادت⁠خانن جي اڳواڻن ھنن کي سڏائي چيو تہ ”اي ڀائرؤ! جيڪڏھن اوھان کي ڪا نصيحت جي ڳالھہ ماڻھن کي ٻڌائڻي آھي تہ ٻڌايو.“


ڇالاءِ⁠جو گھڻي وقت کان وٺي ھر شھر ۾ موسيٰ جي شريعت ٻڌائڻ وارا ھر سبت جي ڏينھن تي اھي ڳالھيون يھودي عبادت⁠خانن ۾ ٻڌائيندا ٿا اچن.“


انھن عورتن ۾ ٿواتيرہ شھر جي لديا نالي ھڪ خدا ترس عورت بہ ھئي، جيڪا واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو وڪڻندي ھئي. خدا ھن جي دل کولي ۽ ھن پولس جون ڳالھيون ڌيان سان ٻڌيون.


تو کي انھن جون اکيون کولڻيون آھن. انھن کي اونداھيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آھي. کين شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانھن موڙڻو آھي، تہ جيئن اھي مون تي ايمان آڻين ۽ گناھن جي معافي ملين ۽ ھو خدا جي پنھنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ھڪ ڳجھو راز آھي. آءٌ سمجھان ٿو تہ اھو اوھان کي ڄاڻڻ گھرجي، شايد اھو اوھان کي فخر ڪرڻ کان بچائي. اھو راز ھيئن آھي تہ بني اسرائيل ۾ ڪجھہ سنگدلي پيدا ٿي آھي. پر اھا رڳو ايستائين رھندي جيستائين سڀ غير قومون خدا ڏانھن ڦري پون.


پر اڄ ڏينھن تائين بہ جڏھن ھو موسيٰ جو ڪتاب پڙھن ٿا، تڏھن سندن دلين تي پردو پيل رھي ٿو.


اھو ئي آھي، جنھن اسان کي نئين عھد جي خادم ھئڻ جي لائق ڪيو. اھو عھد اکرن جو نہ پر پاڪ روح جو آھي، ڇالاءِ⁠جو اکر مارين ٿا پر روح جياري ٿو.


ڇاڪاڻ⁠تہ خدا، جنھن فرمايو تہ ”اونداھيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنھن اھا اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن اسين عيسيٰ مسيح جي چھري کي ڏسي ڪري خدا جي شان کي سڃاڻي سگھون.


اھي عقل جا انڌا آھن ۽ خدا جي ڏنل زندگيءَ ۾ ڪوبہ حصو ڪونہ اٿن، ڇاڪاڻ⁠تہ سندن دلين جي سختيءَ جي ڪري انھن ۾ جاھليت اچي ويئي آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ