Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 13:7 - Common Language New Testament

7 ھاڻي اسين خدا کان دعا ٿا گھرون تہ اوھين ڪا بڇڙائي نہ ڪريو. انھيءَ لاءِ نہ، تہ اسين ڪامياب ڏسڻ ۾ اچون، پر انھيءَ لاءِ تہ اوھين اھو ئي ڪريو جيڪو چڱو ھجي، توڙي اسين ناڪام ئي سمجھيا وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 هاڻي اسين خدا کان دعا ٿا گهُرون تہ اوهين ڪا بڇڙائي نہ ڪريو؛ نہ انهي لاءِ تہ اسين وفادار ڏسڻ ۾ اچون، پر انهي لاءِ تہ اوهين اُهوئي ڪريو جو چڱو هجي، پوءِ اسين ڀلي تہ بي وفا سمجهيا وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 هاڻي اسين ايشور کي پرارٿنا ٿا ڪريون تہ اوهين ڪا بڇڙائي نہ ڪريو. انهيءَ لاءِ نہ، تہ اسين سچا ڏسڻ ۾ اچون، پر انهيءَ لاءِ تہ اوهين اهي ئي ڪم ڪريو جيڪي چڱا هجن، توڙي جو اسين سچا نہ سمجھيا وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 هاڻي اسين خدا کان دعا ٿا گھرون تہ اوهين ڪا بڇڙائي نہ ڪريو. انهيءَ لاءِ نہ، تہ اسين سچا ڏسڻ ۾ اچون، پر انهيءَ لاءِ تہ اوهين اهي ئي ڪم ڪريو جيڪي چڱا هجن، توڙي جو اسين سچا نہ سمجھيا وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 13:7
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ، پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


منھنجي دعا اھا نہ آھي تہ تون کين دنيا مان کڻي وٺ، پر اھا دعا آھي تہ کين انھيءَ بڇڙي کان بچاءِ.


جھڙيءَ طرح ھنن خدا کي سڃاڻڻ کان منھن موڙيو، تھڙيءَ طرح خدا بہ کين بڇڙن ڪمن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ جيئن ھو گمراھيءَ جا ڪم ڪندا رھن.


جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري تنھن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اھڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنھن کي سڀ چڱو چون.


اھڙيءَ طرح فضيلت سان ھلون جيئن ڏينھن جو ھلبو آھي. نہ ناچ رنگ ۽ نہ نشي ۾، نہ زناڪاري ۽ نہ شھوت⁠پرستيءَ ۾، نہ جھيڙي ۽ نہ حسد ۾ ھلون.


اپليس کي سلام ڏجو، جنھن جي مسيح سان وفاداري ثابت ٿي چڪي آھي. ارستبولس جي گھر جي ڀاتين کي بہ منھنجا سلام ڏجو.


اوھان جي وچ ۾ تفرقا ضرور ھوندا تہ جيئن اھو صاف ظاھر ٿئي تہ اوھان مان ڪير سچا آھن.


ڇالاءِ⁠جو ڪو چوي ٿو تہ ”پولس جا خط بيشڪ اثر وارا ۽ زبردست آھن، پر جڏھن پاڻ حاضر ٿو ٿئي تہ ھن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جھڙي اٿس.“


ڇالاءِ⁠جو جيڪو پنھنجي تعريف پاڻ ٿو ڪري سو قبول نہ ٿو پوي، پر اھو ئي قبول پوي ٿو جنھن جي تعريف خداوند ٿو ڪري.


پر مون کي اميد آھي تہ اوھان کي خبر پوندي تہ اسين ناڪام نہ آھيون.


ڇالاءِ⁠جو اسين سچائيءَ جي خلاف ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھون، پر رڳو ھن جي حق ۾ ئي ڪري ٿا سگھون.


جڏھن اسين ڪمزور آھيون ۽ اوھين زورآوار آھيو تڏھن اسين خوش ٿا ٿيون. اسين اھا بہ دعا ٿا گھرون تہ اوھان ۾ مڪمل سڌارو اچي.


پر ھر حالت ۾ پاڻ کي خدا جا خادم ڄاڻائڻ لاءِ اسين ڏاڍي صبر سان مصيبتن، ضرورتن ۽ تنگ حالتن کي منھن ٿا ڏيون.


ڇالاءِ⁠جو اسان جو مقصد ھي آھي تہ اسين اھي ڳالھيون ڪريون، جيڪي نہ رڳو خداوند جي نظر ۾ پر ماڻھن جي نظر ۾ بہ چڱيون ھجن.


ھاڻي، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي⁠بہ ڳالھيون سچيون آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون اشرافت جھڙيون آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون درست آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون پاڪ آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون وڻندڙ آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون ساراھہ جوڳيون آھن، مطلب تہ جيڪي⁠بہ نيڪيءَ واريون ۽ تعريف جي لائق ڳالھيون آھن انھن تي ويچار ڪندا رھجو.


شل اطمينان بخشيندڙ خدا پاڻ اوھان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري. شل ھو اوھان جي روح، جان ۽ بدن کي، يعني اوھان کي مڪمل طور اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ تائين بي⁠عيب رکي.


خاص طرح بادشاھن ۽ سڀني اختياريءَ وارن لاءِ دعا گھرو، انھيءَ لاءِ تہ اسين پوري دينداريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان امن ۽ آرام جي زندگي گذاريون.


ڪوشش ڪر تہ تون خدا وٽ وڻيل ۽ اھڙو پورھيت ثابت ٿئين جنھن کي شرمندو ٿيڻو نہ پوي ۽ جيڪو حق جو ڪلام صحيح نموني ۾ استعمال ٿو ڪري.


خداوند مون کي ھر بري ڪم کان بچائيندو ۽ پنھنجي آسماني بادشاھت ۾ صحيح سلامت پھچائيندو. شل سندس واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.


سڀاڳو آھي اھو ماڻھو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رھي. ڇالاءِ⁠جو جڏھن ھو انھيءَ امتحان ۾ پاس ٿيو تہ کيس فتح جو تاج، يعني اھا زندگي حاصل ٿيندي جنھن جو خدا پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي.


غير قومن ۾ پنھنجي ھلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوھان تي بدڪار ھئڻ جي تھمت ٿا ھڻن سي اوھان جا چڱا ڪم ڏسي انھيءَ ڏينھن تي خدا جي واکاڻ ڪن جڏھن خداوند اچي عدالت ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ