Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 12:9 - Common Language New Testament

9 پر ھن مون کي چيو تہ ”منھنجو فضل تنھنجي لاءِ ڪافي آھي، ڇالاءِ⁠جو منھنجي قدرت ڪمزوريءَ ۾ مڪمل ٿي ٿئي.“ تنھنڪري آءٌ وڏي خوشيءَ سان پنھنجين ڪمزورين تي فخر ڪندس، تہ جيئن مسيح جي قدرت منھنجي مٿان ڇانيل رھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 پر هن مون کي چيو تہ منهنجو فضل تنهنجي لاءِ ڪافي آهي؛ ڇالاءِ جو منهنجي قدرت ڪمزورين ۾ ڪامل ٿي ٿئي. تنهنڪري ڏاڍيءَ خوشيءَ سان آئون پنهنجين ڪمزورين تي فخر ٿو ڪريان، تہ مسيح جي قدرت منهنجي مٿان ڇانيل رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 پر هن مون کي چيو تہ ”منهنجي ڪرپا تنهنجي لاءِ ڪافي آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجي شڪتي ڪمزوريءَ ۾ مڪمل ٿي وڃي ٿي.“ تنهنڪري هاڻي آءٌ وڏي خوشيءَ سان پنهنجي ڪمزورين تي ئي فخر ڪندس، تہ جيئن مسيح جي شڪتي منهنجي مٿان ڇانيل رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پر هن مون کي چيو تہ ”منهنجو فضل تنهنجي لاءِ ڪافي آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قدرت ڪمزوريءَ ۾ مڪمل ٿي وڃي ٿي.“ تنهنڪري هاڻي آءٌ وڏي خوشيءَ سان پنهنجي ڪمزورين تي ئي فخر ڪندس، تہ جيئن مسيح جي قدرت منهنجي مٿان ڇانيل رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 12:9
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ ويجھو اچي انھن سان ڳالھائيندي چيو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان جون سڀيئي اختياريون مليل آھن.


۽ کين تعليم ڏيو تہ انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪن جن جو مون اوھان کي حڪم ڏنو آھي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين ھميشہ اوھان سان ھوندس.“


ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اوھان کي اھڙي زبان ۽ اھڙو عقل ڏيندس جو اوھان جا ڪي⁠بہ دشمن اوھان سان مقابلو يا انڪار ڪري نہ سگھندا.


اوھان تي اھڙي آزمائش ڪانہ پيئي آھي جيڪا انسان لاءِ عام نہ ھجي. پر اوھين خدا تي ڀروسو رکي سگھو ٿا. ھو اوھان کي اھڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوھان جي سھڻ جي طاقت کان ٻاھر ھجي، بلڪ آزمائش سان گڏ بچي نڪرڻ جو رستو بہ اوھان کي ٺاھي ڏيندو تہ جيئن اوھين ان کي برداشت ڪري سگھو.


پر جيڪي ڪجھہ آھيان، سو خدا جي فضل سان آھيان ۽ خدا جو فضل مون تي اجايو نہ ھو. بلڪ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ محنت ڪئي، تنھن ھوندي بہ آءٌ نہ، پر اھو خدا جو فضل ھو جيڪو مون ساڻ آھي.


آءٌ اوھان وٽ ڪمزوري، خوف ۽ ڏاڍي ڏڪڻيءَ جي حالت ۾ رھيس.


انھيءَ لاءِ تہ جيئن اوھان جو ايمان ماڻھن جي ڏاھپ تي نہ، پر خدا جي قدرت تي قائم ھجي.


جيڪڏھن مون کي فخر ڪرڻو پيو تہ آءٌ انھن ڳالھين تي فخر ڪندس، جيڪي منھنجي ڪمزوري ظاھر ڪن ٿيون.


مون کي فخر ڪرڻو ٿو پوي، جيتوڻيڪ انھيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونھي. سو جيڪي رويائون ۽ مڪاشفا مون کي خداوند کان عنايت ٿيا آھن، ھاڻي آءٌ تن جو ذڪر ڪندس.


سو آءٌ مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، بي⁠عزتين ۾، گھُرجن ۾، مشڪلاتن ۾ ۽ ستائجڻ ۾ خوش ٿو رھان. ڇالاءِ⁠جو جڏھن آءٌ ڪمزور ھوندو آھيان تڏھن آءٌ طاقتور ھوندو آھيان.


تنھنڪري آءٌ اوھان جي روحاني فائدي لاءِ ڏاڍي خوشيءَ سان سڀ ڪجھہ خرچ ڪندس، بلڪ پاڻ بہ خرچ ٿي ويندس. جڏھن تہ آءٌ اوھان کي گھڻو پيار ڪريان ٿو، تہ پوءِ اوھين ڪو مون کي گھٽ پيار ڪندا ڇا؟


اھڙي شخص تي تہ آءٌ فخر ڪندس، پر سواءِ پنھنجين ڪمزورين جي آءٌ پنھنجو پاڻ تي فخر نہ ڪندس.


منھنجي دعا آھي تہ ھو پنھنجي جلال ڀري دولت موجب اوھان کي پنھنجي پاڪ روح جي وسيلي طاقت عطا ڪري تہ اوھين پنھنجي اندر ۾ زورآوار ٿيو ۽ ايمان جي وسيلي مسيح اوھان جي دلين ۾ رھي.


خداوند، جيڪو مون کي طاقت ٿو بخشي تنھن جي وسيلي آءٌ ھر ڳالھہ کي منھن ڏيئي ٿو سگھان.


شل اوھين ھن جي جلال واري قدرت موجب ھر طرح جي طاقت سان مضبوط ٿيندا وڃو، تہ جيئن خوشيءَ سان صبر ۽ تحمل ڪري سگھو.


انھيءَ ايمان ۽ پيار سان گڏ جيڪو عيسيٰ مسيح جي طرفان آھي، اسان جي خداوند جو فضل مون تي نھايت ئي گھڻو ٿيو.


ھنن سخت باھہ کي اُجھايو ۽ تلوار جي ڌار کان بہ بچي نڪتا. اھي ڪمزوريءَ مان زورآوار ٿيا، جنگ ۾ بھادر ٿيا ۽ ڌارين فوجن کي ڀڄائي ڪڍيائون.


تنھنڪري اچو تہ دليريءَ سان فضل واري تخت کي ھلي ويجھا ٿيون، تہ جيئن اسان تي رحم ٿئي ۽ اسين اھو فضل حاصل ڪريون جيڪو ضرورت جي وقت اسان جي مدد ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ