Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 12:6 - Common Language New Testament

6 پر جيڪڏھن آءٌ فخر ڪرڻ گھران بہ، تہ بي⁠وقوف نہ ٿيندس، ڇالاءِ⁠جو آءٌ سچ ڳالھايان ٿو. تڏھن بہ آءٌ پاڻ کي روڪيان ٿو تہ متان ڪو ماڻھو، جھڙو مون کي ڏسي ٿو يا ٻڌي ٿو تنھن کان وڌيڪ سمجھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر جيڪڏهن آئون فخر ڪرڻ گهُران بہ، تہ بيوقوف نہ ٿيندس، هن ڪري جو آئون سچ ڳالهائيندس. پر آئون پاڻ کي روڪيان ٿو؛ تہ متان ڪو ماڻهو جهڙو مون کي ڏسي ٿو يا ٻُڌي ٿو، تنهن کان مون کي وڌيڪ سمجهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 پر جيڪڏهن آءٌ فخر ڪرڻ گھران، تہ بہ مورک نہ هوندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ حقيقت بيان ڪريان ٿو. پر آءٌ انهيءَ ڪري پاڻ کي روڪيان ٿو تہ متان ڪو ماڻهو، جهڙو مون کي ڏسي ٿو يا ٻڌي ٿو تنهن کان وڌيڪ سمجھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پر جيڪڏهن آءٌ فخر ڪرڻ گھران، تہ بہ بي‌وقوف نہ هوندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ حقيقت بيان ڪريان ٿو. پر آءٌ انهيءَ ڪري پاڻ کي روڪيان ٿو تہ متان ڪو ماڻهو، جهڙو مون کي ڏسي ٿو يا ٻڌي ٿو تنهن کان وڌيڪ سمجھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 12:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو آءٌ چوان ٿو سو سچ آھي. آءٌ مسيح جو آھيان ۽ ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان. منھنجي دل، جيڪا پاڪ روح جي وس ۾ آھي سا بہ مون سان گڏ شاھدي ٿي ڏئي تہ


تہ پوءِ اپلوس ڪھڙي شيءِ آھي؟ ۽ پولس ڇا آھي؟ اھي تہ خدمتگار آھن، جن جي وسيلي اوھان ايمان آندو. ھر ڪو اھڙيءَ طرح ڪم ڪري ٿو جھڙيءَ طرح خداوند کيس ڏنو آھي.


پر قسم آھي خدا جي سچائيءَ جو تہ جيڪي ڪجھہ اسين اوھان کي چئون ٿا، ان ۾ ”ھائو“ ۽ ”نہ“ ٻہ معنائون ڪين آھن.


آءٌ وري بہ ٿو چوان تہ مون کي ڪوبہ بي⁠وقوف نہ سمجھي. پر جيڪڏھن اوھين ائين سمجھو ٿا تہ مون کي بي⁠وقوف ئي سمجھي قبول ڪريو، تہ جيئن آءٌ بہ ٿورو فخر تہ ڪريان.


خداوند عيسيٰ جو خدا ۽ پيءُ، جنھن جي ھميشہ تائين واکاڻ ھجي، سو ڄاڻي ٿو تہ آءٌ ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان.


آءٌ بي⁠وقوف تہ برابر ٿيو آھيان، پر انھيءَ لاءِ اوھان ئي مون کي مجبور ڪيو آھي. ڇالاءِ⁠جو اوھان کي منھنجي تعريف ڪرڻ گھربي ھئي. جيتوڻيڪ آءٌ ڪي ڪين آھيان، تڏھن بہ اوھان جي تمام وڏن رسولن کان ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ گھٽ نہ آھيان.


مڪاشفن جي نھايت گھڻائيءَ ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنھنڪري منھنجي بدن ۾ ھڪ ڪنڊو ھنيو ويو، يعني شيطان جو قاصد، جيڪو مون کي تنگ ڪري تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان.


جيڪڏھن ڪي سمجھن ٿا تہ اسين بي⁠خوديءَ جي حالت ۾ آھيون تہ خدا جي خاطر آھيون، پر جيڪڏھن ٺيڪ دماغ سان آھيون تہ اوھان جي خاطر آھيون.


پر جيڪڏھن مون ھن جي اڳيان اوھان جي بابت ڪو فخر ظاھر ڪيو ھو تہ آءٌ شرمندو نہ ٿيو ھوس. ڇالاءِ⁠جو جيئن اسان اوھان کي سڀ ڳالھيون سچائيءَ سان چيون آھن، تيئن جيڪو فخر مون طيطس جي اڳيان ڪيو ھو سو بہ سچو ثابت ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ