Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 12:2 - Common Language New Testament

2 آءٌ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل ھڪڙي شخص کي ڄاڻان ٿو، جيڪو چوڏھن سال اڳي اوچتو ٽئين آسمان تي کنيو ويو. مون کي خبر نہ آھي تہ بدن سميت يا بدن کان سواءِ کنيو ويو. اھو خدا ئي ڄاڻي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 مسيح ۾ هڪڙي شخص جي مون کي خبر آهي تہ چوڏهن ورهيہ ٿيا جو هو ٽئين آسمان تائين کڄي ويو. (مون کي خبر ناهي تہ بدن ۾ ويو، يا بدن کانسواءِ، انهي جي خبر خدا کي آهي.)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 آءٌ مسيح جي هڪڙي پوئلڳ کي ڄاڻان ٿو، جيڪو چوڏهن سال اڳي اوچتو آڪاش تي کنيو ويو. مون کي سڌ نہ آهي تہ هو شرير سميت يا شرير کان سواءِ کنيو ويو. اهو ايشور ئي ڄاڻي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 آءٌ مسيح جي هڪڙي پوئلڳ کي ڄاڻان ٿو، جيڪو چوڏهن سال اڳي اوچتو عرش عظيم تي کنيو ويو. مون کي خبر نہ آهي تہ هو بدن سميت يا بدن کان سواءِ کنيو ويو. اهو خدا ئي ڄاڻي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 12:2
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن ئي انھن لاءِ رحمت گھري رھيو ھو تہ کانئن جدا ٿيندو ويو، تان جو آسمان ڏانھن کڄي ويو.


جيڪوبہ منھنجو گوشت کائي ٿو ۽ منھنجو رت پيئي ٿو، سو مون ۾ رھي ٿو ۽ آءٌ ھن ۾ رھان ٿو.


جڏھن رسولن کي اھا خبر پئجي ويئي تہ ھو لوڪئُنيا علائقي جي شھرن لسترا ۽ دربي ۽ انھن جي آس⁠پاس وارن علائقن ڏانھن ڀڄي ويا.


پوءِ آءٌ موٽي يروشلم ۾ آيس ۽ جڏھن ھيڪل ۾ دعا گھري رھيو ھوس تہ مون کي ھڪ رويا ڏسڻ ۾ آئي،


اپليس کي سلام ڏجو، جنھن جي مسيح سان وفاداري ثابت ٿي چڪي آھي. ارستبولس جي گھر جي ڀاتين کي بہ منھنجا سلام ڏجو.


پرسڪلا ۽ اڪولا کي منھنجا سلام ڏجو، جن مون سان گڏ عيسيٰ مسيح جي خدمت ڪئي آھي،


منھنجي قوم وارن اندرنيڪس ۽ يونياس کي سلام ڏجو، جيڪي مون سان گڏ جيل ۾ ھئا ۽ جيڪي رسولن ۾ مشھور آھن ۽ مون کان اڳي مسيحي ٿيا ھئا.


اُربانس کي منھنجا سلام ڏجو، جيڪو مسيح جي خدمت ۾ مون سان گڏ آھي ۽ منھنجي پياري دوست استاخس کي بہ سلام ڏجو.


تنھنڪري جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ويا آھن، تن لاءِ ھاڻي سزا جو حڪم نہ آھي.


پر خدا اوھان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي ھڪ ڪري ڇڏيو آھي ۽ کيس اسان لاءِ حڪمت يعني سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو بڻايو اٿائين.


آءٌ ائين ڇو ٿو چوان؟ ڇا انھيءَ لاءِ تہ آءٌ اوھان سان پيار نہ ٿو ڪريان؟ خدا ڄاڻي ٿو تہ آءٌ اوھان سان ڪيڏو نہ پيار ٿو ڪريان.


اوھين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ ايمان تي آھيو يا نہ ۽ پاڻ کي آزمايو. ڇا اوھين پاڻ بابت ھي نہ ٿا ڄاڻو تہ عيسيٰ مسيح اوھان ۾ آھي؟ جيڪڏھن نہ، تہ اوھين آزمائش ۾ بلڪل ناڪام آھيو.


تنھنڪري جيڪڏھن ڪو مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھي تہ ھو نئون خلقيل آھي. پراڻيون ڳالھيون گذري ويون، ڏسو، ان جي نئين حالت شروع ٿي ويئي.


مسيح گناھہ کان واقف نہ ھو، پوءِ بہ خدا کيس اسان جي بدلي گناھہ جي قرباني ٺھرايو، تہ جيئن مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاھر ٿئي.


ان وقت يھوديہ جي علائقن ۾ جيڪي مسيحي ڪليسيائون ھيون، تن منھنجي شڪل بہ نہ ڏٺي ھئي.


ڇالاءِ⁠جو جڏھن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيون، تڏھن طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنھن ڪم جو نہ آھي. پر رڳو ايمان ئي ڪم جو آھي، جيڪو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


ھو جيڪو ھيٺ لٿو سو اھو ساڳيو ئي آھي جيڪو سڀني آسمانن کان بہ تمام مٿي چڙھي ويو، انھيءَ لاءِ تہ ھو سموري ڪائنات کي ڀرپور ڪري.


انھيءَ کان پوءِ اسين، جيڪي اڃا تائين جيئرا ۽ ڇڏيل ھونداسين سي انھن سان گڏ مٿي ڪڪرن ۾ کنيا وينداسين، تہ جيئن ھوا ۾ خداوند سان ملاقات ڪريون. اھڙيءَ طرح اسين ھميشہ خداوند سان گڏ رھنداسين.


تنھنڪري جڏھن تہ اسان جو ھڪڙو وڏو سردار ڪاھن آھي، يعني خدا جو فرزند عيسيٰ، جيڪو آسمانن مان لنگھي ويو آھي، تڏھن اچو تہ اسين پنھنجي اقرار تي مضبوطيءَ سان قائم رھون.


ڇالاءِ⁠جو مسيح انسان جي ٺاھيل مقدس جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جيڪا حقيقي مقدس جاءِ جو رڳو نقل ھئي. پر ھو آسمان ۾ ئي داخل ٿيو، تہ جيئن خدا جي حضور ۾ اسان جي خاطر حاضر ٿئي.


خداوند واري ڏينھن آءٌ رويا جي حالت ۾ اچي ويس ۽ پنھنجي پٺيان ھڪڙو اھڙو وڏو آواز ٻڌم جيڪو توتاري جي آواز وانگر ھو،


عورت کي پٽ ڄائو، يعني اھو ٻار جيڪو سڀني قومن تي لوھہ جي لٺ سان حڪم ھلائيندو. اھو ٻار ھڪدم خدا ۽ سندس تخت ڏانھن کڄي ويو.


ھڪدم آءٌ رويا جي حالت ۾ اچي ويس ۽ ڏٺم تہ آسمان ۾ ھڪڙو تخت رکيل ھو ۽ انھيءَ تخت تي ڪو ويٺو ھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ