Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 11:6 - Common Language New Testament

6 پر جيڪڏھن آءٌ تقرير ۾ بي⁠ھنر آھيان تہ بہ علم ۾ اھڙو نہ آھيان. اھا ڳالھہ اسان ھر وقت ۽ ھر حالت ۾ اوھان جي اڳيان ظاھر ڪري ڇڏي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر جيڪڏهن آئون خوش تقريريءَ ۾ گهٽ آهيان، تہ بہ علم ۾ اهڙو نہ آهيان؛ بلڪ اهو اسان سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾، سڀني ماڻهن جي اڳيان اوهان وٽ ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 پر جيڪڏهن آءٌ تقرير ڪرڻ ۾ ماهر نہ بہ هجان تہ بہ گيان ۾ گھٽ نہ آهيان ۽ اهو اسان هر وقت ۽ هر ڳالهہ ۾ اوهان جي اڳيان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پر جيڪڏهن آءٌ تقرير ڪرڻ ۾ ماهر نہ بہ هجان تہ بہ علم ۾ گھٽ نہ آهيان ۽ اهو اسان هر وقت ۽ هر ڳالهہ ۾ اوهان جي اڳيان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 11:6
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ پر خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو آھي ۽ اھا بہ ڏاھپ جي لفظن سان نہ، متان مسيح جو صليب تي چڙھي جان ڏيڻ بي⁠اثر ٿئي.


ڇالاءِ⁠جو خدا پنھنجي ڏاھپ سان ماڻھن لاءِ اھو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ ھو پنھنجي ذاتي ڏاھپ سان کيس سڃاڻين. تنھنڪري خدا جي مرضي ٿي تہ ھو انھن کي بچائي جيڪي اسان جي پيغام تي ايمان آڻين، جيتوڻيڪ اھو پيغام دنيا جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.


ھڪڙي کي پاڪ روح جي وسيلي ڏاھپ جو ڪلام ڏنو وڃي ٿو ۽ ٻئي کي ساڳئي پاڪ روح جي وسيلي علميت جو ڪلام ڏنو وڃي ٿو.


اسين اھي ڳالھيون ماڻھن جي ڏاھپ جي سيکاريل لفظن ۾ نہ، پر پاڪ روح جي سيکاريل لفظن ۾ بيان ٿا ڪريون. اھڙيءَ طرح اسين روحاني ڳالھيون روحاني لفظن سان ئي سمجھايون ٿا.


ڇالاءِ⁠جو ڪو چوي ٿو تہ ”پولس جا خط بيشڪ اثر وارا ۽ زبردست آھن، پر جڏھن پاڻ حاضر ٿو ٿئي تہ ھن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جھڙي اٿس.“


حقيقت ۾ مون رسول ھئڻ جون علامتون وڏي صبر سان نشانين، عجيب ڪمن ۽ معجزن سان اوھان تي ظاھر ڪيون.


بلڪ اسان بي⁠شرميءَ واريون ۽ لڪل ڳالھيون ڇڏي ڏنيون آھن. اسين ٺڳيءَ سان نہ ٿا ھلون ۽ نڪي خدا جي ڪلام ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري خدا جي آڏو ھر ھڪ ماڻھوءَ جي دل ۾ پنھنجي نيڪي ٿا ڄمايون.


تنھنڪري خداوند جو خوف ڪندي اسين ماڻھن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسان جو حال خدا کي معلوم آھي ۽ مون کي اميد آھي تہ اھو اوھان جي دلين تي بہ صاف ظاھر ٿيو ھوندو.


تڏھن بہ پاڪيزگي، علم، بردباري، مھرباني، پاڪ روح جي موجودگي ۽ خالص محبت ذريعي اسان پاڻ کي خدا جو خادم ثابت ڪيو.


اسان کي پنھنجين دلين ۾ جاءِ ڏيو. اسان ڪنھن سان بہ ظلم نہ ڪيو آھي، نڪي ڪنھن کي بگاڙيو آھي ۽ نڪي ڪنھن کي ٺڳيو آھي.


جنھن کي پڙھي اوھين ڄاڻي سگھو ٿا تہ آءٌ مسيح جو اھو راز ڪيتري قدر سمجھان ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ