Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 11:28 - Common Language New Testament

28 ٻين ڳالھين کان سواءِ ھيءَ ڳالھہ ھر روز مون تي بار وانگر ٿي رھي، يعني سڀني ڪليسيائن جي ڳڻتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ٻين ڳالهين کانسواءِ هيءَ ڳالهہ بہ آهي جا هر روز مون تي بار وانگر ٿي رهي، يعني سڀني ڪليسيائن جو فڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

28 اهڙين ٻين ڳالهين کان علاوہ وشواسين جي سڀني منڊلين جي ڳڻتي هميشہ مون تي بار وانگر ٿي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 اهڙين ٻين ڳالهين کان علاوہ سڀني ڪليسيائن جي ڳڻتي هميشہ مون تي بار وانگر ٿي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 11:28
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪجھہ وقت کان پوءِ پولس برنباس کي چيو تہ ”ھل تہ ھر ھڪ شھر ۾ انھن ڀائرن وٽ ھلون، جن کي اسان خداوند جو ڪلام ٻڌايو آھي ۽ ڏسون تہ انھن جو ڪھڙو حال آھي.“


ڪجھہ وقت اتي رھڻ کان پوءِ ھو اتان روانو ٿي گلتيا ۽ فروگيا جي علائقن مان لنگھندو سڀني شاگردن کي ھمتائيندو ويو.


ھو انھن سڀني علائقن مان ٿيندو ۽ ماڻھن کي نصيحتون ڪندو يونان ڏانھن ھليو ويو.


انھيءَ کان پوءِ سڄي يھوديہ، گليل ۽ سامريہ جي ڪليسيائن کي امن حاصل ٿيو. اھي قائم ٿينديون ويون ۽ خداوند جي خوف ۽ پاڪ روح جي مدد سان وڌنديون ويون.


مون تي سڀني جو فرض آھي، توڙي جو اھي سڌريل ھجن يا اڻ⁠سڌريل، پڙھيل ھجن يا اڻ⁠پڙھيل.


اي غير قومن وارؤ! ھاڻي آءٌ اوھان سان ڳالھائي رھيو آھيان، ڇالاءِ⁠جو آءٌ غير قومن ڏانھن رسول ڪري موڪليو ويو آھيان ۽ آءٌ پنھنجي ھن ڪم ۾ فخر محسوس ٿو ڪريان،


آءٌ عيسيٰ مسيح جو خادم ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاھنن وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريان ٿو، انھيءَ لاءِ تہ غير قومون، جن کي پاڪ روح پاڪ ڪيو آھي سي خدا جي آڏو نذراني جي صورت ۾ قبول پون.


۽ جيڪي منھنجي حياتيءَ واسطي پنھنجا سر بہ ڏيڻ لاءِ تيار ھئا، تن جو نہ رڳو آءٌ پر غير قومن جون سڀ ڪليسيائون بہ ٿورائتيون آھن.


پر جيئن خداوند ھر ھڪ کي زندگيءَ جي نعمت عطا ڪئي آھي ۽ جھڙيءَ طرح خدا کيس چونڊيو آھي، تھڙيءَ طرح ھو زندگي گذاري. اھو حڪم آءٌ سڀني ڪليسيائن جي لاءِ ٿو ڏيان.


آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھان کي خبر پوي تہ اوھان لاءِ، لوديڪيا ۾ رھندڙن لاءِ ۽ انھن سڀني لاءِ جن ذاتي طور منھنجو منھن نہ ڏٺو آھي، آءٌ ڪيتري قدر سخت محنت ٿو ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ