Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 11:21 - Common Language New Testament

21 آءٌ شرمندگيءَ سان چوان ٿو تہ ڄڻ تہ اسين ائين ڪرڻ ۾ ڪمزور ھئاسين. پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن ڳالھہ تي فخر ڪرڻ ۾ دلير آھي تہ آءٌ بي⁠وقوفيءَ سان ئي چوان ٿو تہ آءٌ بہ دلير آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 افسوس سان مون کي چوڻو ٿو پوي تہ انهن ڳالهين ۾ اسين ضعيف آهيون! انهي هوندي بہ (آئون بيوقوف ٿي ٿو چوان تہ) جي ڪنهن ڳالهہ ۾ ڪو ماڻهو ٻٽاڪ ٿو هڻي تہ آئون بہ ٻٽاڪ هڻي ٿو سگهان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 آءٌ شرمندگيءَ سان چوان ٿو تہ ڄڻ تہ اسين ائين ڪرڻ ۾ ڪمزور هئاسين. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڳالهہ تي فخر ڪرڻ ۾ دلير آهي تہ آءٌ مورکتا سان ئي چوان ٿو تہ آءٌ بہ دلير آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 آءٌ شرمندگيءَ سان چوان ٿو تہ ڄڻ تہ اسين ائين ڪرڻ ۾ ڪمزور هئاسين. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڳالهہ تي فخر ڪرڻ ۾ دلير آهي تہ آءٌ بي‌وقوفيءَ سان ئي چوان ٿو تہ آءٌ بہ دلير آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 11:21
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو ڪو چوي ٿو تہ ”پولس جا خط بيشڪ اثر وارا ۽ زبردست آھن، پر جڏھن پاڻ حاضر ٿو ٿئي تہ ھن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جھڙي اٿس.“


ڪاش! اوھين منھنجي ٿورڙي بي⁠وقوفيءَ کي برداشت ڪري سگھو. ھا، ضرور برداشت ڪريو.


جيڪي ڪجھہ آءٌ ھاڻي چوان ٿو سو خداوند جي طرفان نہ، بلڪ ڄڻ تہ ھڪ بي⁠وقوف وانگر پنھنجو پاڻ تي فخر ڪري چوان ٿو.


آءٌ پنھنجي غيرحاضريءَ ۾ ھي ڳالھيون لکان ٿو تہ جڏھن اوھان وٽ اچان تڏھن مون کي اختيار موجب اوھان تي سختي ڪرڻي نہ پوي. اھو اختيار خداوند مون کي اوھان جي بگاڙڻ جي لاءِ نہ، بلڪ سڌارڻ لاءِ ڏنو آھي.


اسان جي عزت بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ بي⁠عزتي بہ. اسان جي بدنامي بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ نيڪنامي بہ. ڪي اسان کي ٺڳ سمجھن ٿا، جيتوڻيڪ اسين سچار آھيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ