Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 11:11 - Common Language New Testament

11 آءٌ ائين ڇو ٿو چوان؟ ڇا انھيءَ لاءِ تہ آءٌ اوھان سان پيار نہ ٿو ڪريان؟ خدا ڄاڻي ٿو تہ آءٌ اوھان سان ڪيڏو نہ پيار ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 سو ڇو؟ انهي لاءِ ڇا تہ آئون اوهان کي پيار نٿو ڪريان؟ خدا ڄاڻي ٿو تہ آئون اوهان کي پيار ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 آءٌ ائين ڇو ٿو چوان؟ ڇا انهيءَ لاءِ تہ آءٌ اوهان سان پيار نہ ٿو ڪريان؟ ايشور ڄاڻي ٿو تہ آءٌ اوهان سان ڪيڏو نہ پيار ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 آءٌ ائين ڇو ٿو چوان؟ ڇا انهيءَ لاءِ تہ آءٌ اوهان سان پيار نہ ٿو ڪريان؟ خدا ڄاڻي ٿو تہ آءٌ اوهان سان ڪيڏو نہ پيار ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 11:11
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وري ٽيون دفعو ھن چيس تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنھن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇالاءِ⁠جو ھن ٽيون دفعو کيس چيو ھو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو.“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! تو کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو تہ آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منھنجين رڍن کي وڃي چار.


خدا جيڪو اسان جي دلين جو ڄاڻڻ وارو آھي تنھن اسان کي اھو ڏيکاريو تہ غير قومون بہ ايمان آڻي سگھن ٿيون، ڇالاءِ⁠جو انھن کي بہ پاڪ روح مليو جيئن اسان کي مليو آھي.


خدا، جنھن جي فرزند جي خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنھنجي دل⁠وجان سان سندس خدمت ٿو ڪريان، سو منھنجو شاھد آھي تہ آءٌ اوھان کي ھردم پنھنجي دعائن ۾ ياد ڪريان ٿو،


مسيح جي سچائي جيڪا مون ۾ آھي، تنھن موجب چوان ٿو تہ اخيا جي سمورن علائقن ۾ مون کي انھيءَ فخر ڪرڻ کان ڪوبہ نہ روڪيندو.


خداوند عيسيٰ جو خدا ۽ پيءُ، جنھن جي ھميشہ تائين واکاڻ ھجي، سو ڄاڻي ٿو تہ آءٌ ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان.


تنھنڪري آءٌ اوھان جي روحاني فائدي لاءِ ڏاڍي خوشيءَ سان سڀ ڪجھہ خرچ ڪندس، بلڪ پاڻ بہ خرچ ٿي ويندس. جڏھن تہ آءٌ اوھان کي گھڻو پيار ڪريان ٿو، تہ پوءِ اوھين ڪو مون کي گھٽ پيار ڪندا ڇا؟


اسين انھن گھڻن ماڻھن وانگر نہ آھيون، جيڪي پنھنجي نفعي لاءِ خدا جي ڪلام جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين خدا جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان خدا کي حاضر ڄاڻي مسيح سان شامل ٿي ڳالھايون ٿا.


آءٌ اوھان تي الزام ھڻڻ خاطر ائين نہ ٿو چوان، ڇالاءِ⁠جو مون اڳي ئي چئي ڇڏيو آھي تہ اوھان لاءِ اسانجين دلين ۾ اھڙي جاءِ آھي جو اسين جيئڻ ۽ مرڻ ۾ ھميشہ گڏ آھيون.


ڪابہ خلقيل شيءِ خدا کان لڪل ڪانھي، بلڪ جنھن کي اسين حساب ڏينداسين تنھن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کليل آھن.


آءٌ انھيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀني ڪليسيائن کي خبر پوندي تہ آءٌ اھو آھيان جيڪو اندر جا خيال ۽ دلين جا راز ڄاڻيان ٿو. آءٌ اوھان مان ھر ھڪ کي سندس ڪمن جو اجر ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ