Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 10:4 - Common Language New Testament

4 ڇالاءِ⁠جو اسان جي لڙائيءَ جا ھٿيار دنياوي نہ آھن پر خدائي طاقت وارا آھن، جيڪي مضبوط قلعن کي بہ ڊاھيو وجھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو اسان جي جنگ جا هٿيار جسماني نہ آهن، پر اهڙا سگهارا آهن جو خدا جي وسيلي مضبوط قلعا بہ ڊاهيو وجهن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 ڇاڪاڻ تہ اسان جي ويڙهہ جا هٿيار سنساري نہ، پر ايشور جي شڪتيءَ وارا آهن. انهن سان اسين مضبوط قلعن کي بہ ڊاهيو ٿا وجھون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 ڇاڪاڻ تہ اسان جي ويڙهہ جا هٿيار دنياوي نہ، پر خدائي طاقت وارا آهن. انهن سان اسين مضبوط قلعن کي بہ ڊاهيو ٿا وجھون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 10:4
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھن کي مصرين جي سڄي حڪمت جو علم سيکاريو ويو ۽ ھو ڳالھائڻ توڙي ڪم ڪرڻ ۾ طاقتور ٿي پيو.


رات گھڻي گذري چڪي آھي ۽ ڏينھن ٿيڻ وارو آھي. تنھنڪري اچو تہ اونداھيءَ جا ڪم ڇڏي سوجھري جا ھٿيار ٻڌون.


پنھنجي جسم جي عضون کي گناھہ جي حوالي نہ ڪريو، متان اھي بڇڙائيءَ جا ھٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيئرو سمجھي خدا جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوھان جي جسم جا عضوا سچائيءَ جا ھٿيار ٿين.


انھيءَ لاءِ تہ جيئن اوھان جو ايمان ماڻھن جي ڏاھپ تي نہ، پر خدا جي قدرت تي قائم ھجي.


ڇا ڪڏھن ڪو پنھنجي خرچ تي فوج ۾ نوڪري ڪندو آھي؟ ڇا اھڙو ڪو مالھي آھي جيڪو انگورن جو باغ تہ لڳائي ٿو، پر ان جو ميوو نہ ٿو کائي؟ ڇا اھڙو ڪو ڌنار آھي جيڪو ڌڻ تہ چاري ٿو، پر انھيءَ ڌڻ جو کير نہ ٿو ڪم آڻي؟


ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن آءٌ کڻي انھيءَ اختيار تي گھڻو فخر ڪريان، جيڪو خداوند اسان کي اوھان جي روحاني واڌاري لاءِ ڏنو آھي، نہ ڊاھي ڇڏڻ لاءِ، تڏھن بہ آءٌ شرمندو ڪين ٿيندس.


آءٌ پنھنجي غيرحاضريءَ ۾ ھي ڳالھيون لکان ٿو تہ جڏھن اوھان وٽ اچان تڏھن مون کي اختيار موجب اوھان تي سختي ڪرڻي نہ پوي. اھو اختيار خداوند مون کي اوھان جي بگاڙڻ جي لاءِ نہ، بلڪ سڌارڻ لاءِ ڏنو آھي.


ائين نہ آھي تہ اسين پنھنجو پاڻ انھيءَ لائق آھيون جو ڪنھن ڪم جي دعويٰ ڪري سگھون، پر اسان جي لياقت خدا جي طرفان آھي.


پر اھو روحاني خزانو مٽيءَ جي ٿانون، يعني اسان جي جسمن ۾ رکيل آھي تہ جيئن خبر پوي تہ اھا تمام گھڻي قدرت اسان جي نہ پر خدا جي آھي.


اسين سچو ڪلام خدا جي قدرت سان ٻڌايون ٿا. حملي ۽ بچاءَ لاءِ اسان کي سچائيءَ جا ھٿيار آھن.


پر اسين ڏينھن وارا آھيون، تنھنڪري اچو تہ ايمان ۽ محبت جي زرہ ڍڪي ۽ ڇوٽڪاري جي اميد جو لوھو ٽوپ پائي ھوشيار رھون.


اي منھنجا فرزند تيمٿيس! آءٌ تو کي اھو حڪم سپرد ٿو ڪريان تہ انھن اڳڪٿين موجب جيڪي اڳي تو بابت ڪيون ويون ھيون، تون چڱي جنگ وڙھندو رھہ ۽ ايمان ۽ صاف ضمير کي قائم رک.


عيسيٰ مسيح جي سٺي سپاھيءَ جي حيثيت ۾ اسان سان گڏ سختي سھُہ.


ايمان جي ڪري ئي يريحو شھر جون ڀتيون، جڏھن بني اسرائيل انھن جي چوڌاري ست ڏينھن ڦيرا ڏنا تہ اھي ڪري پيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ