Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 10:2 - Common Language New Testament

2 ھائو، آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ جڏھن اوھان وٽ اچان تڏھن مون کي دليري ڏيکارڻ لاءِ زور نہ ڀرجو. ڇالاءِ⁠جو مون کي يقين آھي تہ ڪن اھڙن ماڻھن کي آءٌ دليري بہ ڏيکاري سگھان ٿو، جيڪي سمجھن ٿا تہ اسين دنياوي نيت سان زندگي ٿا گذاريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 هائو، آئون اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ متان حاضر ٿي ڪري مون کي انهيءَ دليريءَ سان همت ڏيکارڻي پوي، جنهن سان آئون ڪن ماڻهن تي دلير ٿيڻ جو ارادو ٿو ڪريان، جي اسان جي بابت ائين ٿا سمجهن تہ اسين جسماني طور هلت ٿا ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي دليري ڏيکارڻ لاءِ مجبور نہ ڪجو. ڏسو، ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سمجھن ٿا تہ اسان جي هلت چلت سنساري آهي، تن کي آءٌ دليري بہ ڏيکاري سگھان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي دليري ڏيکارڻ لاءِ مجبور نہ ڪجو. ڏسو، ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سمجھن ٿا تہ اسان جي هلت چلت دنياوي آهي، تن کي آءٌ دليري بہ ڏيکاري سگھان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 10:2
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھنڪري جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ويا آھن، تن لاءِ ھاڻي سزا جو حڪم نہ آھي.


اھو خدا انھيءَ لاءِ ڪيو تہ اسين جيڪي انساني فطرت موجب نہ پر پاڪ روح موجب ھلون ٿا، تن ۾ شريعت جي سچائي پوري ٿي وڃي.


جيڪي انساني فطرت موجب ھلن ٿا سي انساني فطرت جا تابعدار آھن. پر جيڪي پاڪ روح موجب ھلن ٿا سي پاڪ روح جا تابعدار آھن.


تہ پوءِ جڏھن مون اھو ارادو ڪيو تہ ڪا ڦيرڦار ڪيم ڇا؟ يا جيڪي ڳالھيون آءٌ رٿيان ٿو سي دنياوي ماڻھن وانگر رٿيان ٿو ڇا؟ جو ڪڏھن ”ھا، ھا“ بہ ڪريان تہ ساڳئي وقت ”نہ، نہ“ بہ؟


آءٌ شرمندگيءَ سان چوان ٿو تہ ڄڻ تہ اسين ائين ڪرڻ ۾ ڪمزور ھئاسين. پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن ڳالھہ تي فخر ڪرڻ ۾ دلير آھي تہ آءٌ بي⁠وقوفيءَ سان ئي چوان ٿو تہ آءٌ بہ دلير آھيان.


آءٌ پنھنجي غيرحاضريءَ ۾ ھي ڳالھيون لکان ٿو تہ جڏھن اوھان وٽ اچان تڏھن مون کي اختيار موجب اوھان تي سختي ڪرڻي نہ پوي. اھو اختيار خداوند مون کي اوھان جي بگاڙڻ جي لاءِ نہ، بلڪ سڌارڻ لاءِ ڏنو آھي.


جڏھن اڳئين دفعي آءٌ اوھان وٽ موجود ھوس، تڏھن اوھان کي ان وقت ئي تاڪيد ڪيو ھوم. ھاڻي آءٌ غيرحاضريءَ ۾ بہ انھن ماڻھن کي، جن ھيستائين گناھہ پئي ڪيا آھن ۽ اھڙن ٻين سڀني کي ٻيھر تاڪيد ٿو ڪريان تہ جڏھن آءٌ وري ايندس تڏھن ڪنھن کي بہ نہ ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ