Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 10:18 - Common Language New Testament

18 ڇالاءِ⁠جو جيڪو پنھنجي تعريف پاڻ ٿو ڪري سو قبول نہ ٿو پوي، پر اھو ئي قبول پوي ٿو جنھن جي تعريف خداوند ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ڇالاءِ جو جيڪو پنهنجي تعريف ٿو ڪري سو قبول نٿو پوي، پر اهو جنهن جي خداوند تعريف ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 ياد رکو، جيڪو پنهنجي سچي هئڻ جي ساراهہ پاڻ ٿو ڪري سو قبول نہ ٿو پوي، پر اهو ئي قبول پوي ٿو جيڪو پرميشور آڏو سچو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 ياد رکو، جيڪو پنهنجي سچي هئڻ جي تعريف پاڻ ٿو ڪري سو قبول نہ ٿو پوي، پر اهو ئي قبول پوي ٿو جيڪو خداوند آڏو سچو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 10:18
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏھن عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين انھن منجھان آھيو جيڪي ماڻھن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر خدا اوھان جي دلين کي ڄاڻي ٿو. ڇالاءِ⁠جو جيڪو ماڻھن جي ليکي چڱو آھي، سو خدا جي نظر ۾ ڪراھت جھڙو آھي.“


انھن کي خدا کان عزت حاصل ڪرڻ بدران ماڻھن کان عزت حاصل ڪرڻ وڌيڪ پسند ھو.


اي بني اسرائيل وارؤ! ھي ڌيان سان ٻڌو تہ عيسيٰ ناصري اھو ماڻھو ھو جنھن کي خدا اوھان لاءِ مقرر ڪيو ۽ اوھان ھن کي معجزا، نشانيون ۽ عجب جھڙا ڪم ڪندي ڏٺو، جيڪي خدا ھن جي ھٿان ڪرايا. توھين اھو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.


جيڪو بہ اھڙي نموني مسيح جي خدمت ٿو ڪري، سو خدا کي پسند آھي ۽ ماڻھن ۾ بہ مقبول آھي.


اپليس کي سلام ڏجو، جنھن جي مسيح سان وفاداري ثابت ٿي چڪي آھي. ارستبولس جي گھر جي ڀاتين کي بہ منھنجا سلام ڏجو.


پر يھودي اھو آھي جنھن جي دل خدا ڏانھن سچي آھي. طھر اھو آھي جو دلي ۽ روحاني آھي ۽ نہ شرعي. اھڙي طھر جي ساراھہ ماڻھن جي واتان نہ پر خدا جي طرفان ٿئي ٿي.


اوھان جي وچ ۾ تفرقا ضرور ھوندا تہ جيئن اھو صاف ظاھر ٿئي تہ اوھان مان ڪير سچا آھن.


تنھنڪري خداوند جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنھن بہ ڳالھہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھو ئي اوندھہ ۾ لڪل شيون پڌريون ڪندو ۽ ماڻھن جي دلين جون رٿون ظاھر ڪندو. تڏھن خدا جي طرفان ھر ڪنھن جي پوري پوري ساراھہ ٿيندي.


ڇالاءِ⁠جو اسان کي اھا جرئت ڪانھي جو پاڻ کي انھن ڪجھہ ماڻھن ۾ شمار ڪريون يا انھن سان ڀيٽيون جيڪي پنھنجي تعريف پاڻ ٿا ڪن. پر اھي پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي آزمائي ۽ پاڻ سان ڀيٽ ڪري نادان ٿا ٿين.


ھاڻي اسين خدا کان دعا ٿا گھرون تہ اوھين ڪا بڇڙائي نہ ڪريو. انھيءَ لاءِ نہ، تہ اسين ڪامياب ڏسڻ ۾ اچون، پر انھيءَ لاءِ تہ اوھين اھو ئي ڪريو جيڪو چڱو ھجي، توڙي اسين ناڪام ئي سمجھيا وڃون.


اسين وري پنھنجي ساراھہ پاڻ ٿا ڪريون ڇا؟ يا اسان کي ڪن ماڻھن وانگر سفارشي خط اوھان وٽ آڻڻ يا وٺي وڃڻ جي ضرورت آھي ڇا؟


اسين اوھان سان وري پنھنجي ساراھہ نہ ٿا ڪريون، پر اوھان کي وجھہ ٿا ڏيون تہ اسان تي فخر ڪريو، جيئن انھن ماڻھن کي جواب ڏيئي سگھو جيڪي دل تي نہ پر ظاھري ڳالھين تي فخر ڪن ٿا.


پر ھر حالت ۾ پاڻ کي خدا جا خادم ڄاڻائڻ لاءِ اسين ڏاڍي صبر سان مصيبتن، ضرورتن ۽ تنگ حالتن کي منھن ٿا ڏيون.


ڪوشش ڪر تہ تون خدا وٽ وڻيل ۽ اھڙو پورھيت ثابت ٿئين جنھن کي شرمندو ٿيڻو نہ پوي ۽ جيڪو حق جو ڪلام صحيح نموني ۾ استعمال ٿو ڪري.


انھن آزمائشن جو مقصد اھو آھي تہ اوھان جو ايمان جيڪو باھہ سان پرکيل فاني سون کان بہ تمام گھڻو قيمتي آھي، سو آزمائڻ سان خالص ثابت ٿي عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ وقت واکاڻ، عظمت ۽ عزت جي لائق ٺھري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ