Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 10:12 - Common Language New Testament

12 ڇالاءِ⁠جو اسان کي اھا جرئت ڪانھي جو پاڻ کي انھن ڪجھہ ماڻھن ۾ شمار ڪريون يا انھن سان ڀيٽيون جيڪي پنھنجي تعريف پاڻ ٿا ڪن. پر اھي پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي آزمائي ۽ پاڻ سان ڀيٽ ڪري نادان ٿا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ڇالاءِ جو اسين اهڙا جرئت وارا نہ آهيون جو پاڻ کي انهن شخصن سان شمار ڪريون، يا انهن سان مقابلو ڪريون جي پنهنجي تعريف پاڻ ٿا ڪن: پر اُهي پاڻهي پاڻ کي هڪ ٻئي سان آزمائي ۽ مقابلو ڪري نادان ٿا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 اهو ٿي نہ ٿو سگھي تہ اسين اهڙي همت ڪري پاڻ کي انهن ماڻهن ۾ شمار ڪريون يا انهن سان ڀيٽيون جيڪي پنهنجي ساراهہ پاڻ ٿا ڪن. جڏهن تہ اهي پنهنجو پاڻ کي مٿاهون سمجھي هڪٻئي کي آزمائي ۽ پاڻ سان ڀيٽ ڪري مورک ٿا بڻجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اهو ٿي نہ ٿو سگھي تہ اسين اهڙي جرئت ڪري پاڻ کي انهن ماڻهن ۾ شمار ڪريون يا انهن سان ڀيٽيون جيڪي پنهنجي تعريف پاڻ ٿا ڪن. جڏهن تہ اهي پنهنجو پاڻ کي مٿاهون سمجھي هڪٻئي کي آزمائي ۽ پاڻ سان ڀيٽ ڪري نادان ٿا بڻجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 10:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فريسي بيھي پنھنجي دل ۾ ھيئن دعا گھرڻ لڳو تہ ’اي خدا! آءٌ تنھنجو ٿورائتو آھيان جو آءٌ ٻين ماڻھن جھڙو ڦورو، بي⁠انصاف يا زناڪار نہ آھيان، نہ وري ھن محصول اڳاڙيندڙ جھڙو آھيان.


آءٌ رڳو انھن ڪمن بابت دليريءَ سان ڳالھايان ٿو، جيڪي مسيح قول ۽ فعل جي وسيلي مون کان ڪرايا، تہ جيئن غير قومون خدا جون تابعدار ٿين.


اھڙي ماڻھوءَ کي سمجھڻ گھرجي تہ جھڙو پرپٺ خطن ۾ اسان جو ڪلام آھي اھڙو ئي روبرو اسان جو ڪم بہ ھوندو.


ڇالاءِ⁠جو جيڪو پنھنجي تعريف پاڻ ٿو ڪري سو قبول نہ ٿو پوي، پر اھو ئي قبول پوي ٿو جنھن جي تعريف خداوند ٿو ڪري.


اسين وري پنھنجي ساراھہ پاڻ ٿا ڪريون ڇا؟ يا اسان کي ڪن ماڻھن وانگر سفارشي خط اوھان وٽ آڻڻ يا وٺي وڃڻ جي ضرورت آھي ڇا؟


اسين اوھان سان وري پنھنجي ساراھہ نہ ٿا ڪريون، پر اوھان کي وجھہ ٿا ڏيون تہ اسان تي فخر ڪريو، جيئن انھن ماڻھن کي جواب ڏيئي سگھو جيڪي دل تي نہ پر ظاھري ڳالھين تي فخر ڪن ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ