Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 10:10 - Common Language New Testament

10 ڇالاءِ⁠جو ڪو چوي ٿو تہ ”پولس جا خط بيشڪ اثر وارا ۽ زبردست آھن، پر جڏھن پاڻ حاضر ٿو ٿئي تہ ھن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جھڙي اٿس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو هو چون ٿا تہ هن جا خط بيشڪ اثرائتا ۽ زبردست آهن؛ پر جڏهن هو پاڻ حاضر ٿو ٿئي تہ هن جو بدن ڪمزور ڏسڻ ۾ ٿو اچي ۽ سندس تقرير بي اثر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 بيشڪ ڪي چون ٿا تہ ”پولس جا خط رعب وارا ۽ سخت آهن، پر جڏهن پاڻ حاضر ٿئي ٿو تہ هن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جهڙي اٿس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 بيشڪ ڪي چون ٿا تہ ”پولس جا خط رعب وارا ۽ سخت آهن، پر جڏهن پاڻ حاضر ٿئي ٿو تہ هن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جهڙي اٿس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 10:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ پر خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو آھي ۽ اھا بہ ڏاھپ جي لفظن سان نہ، متان مسيح جو صليب تي چڙھي جان ڏيڻ بي⁠اثر ٿئي.


ڇالاءِ⁠جو خدا پنھنجي ڏاھپ سان ماڻھن لاءِ اھو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ ھو پنھنجي ذاتي ڏاھپ سان کيس سڃاڻين. تنھنڪري خدا جي مرضي ٿي تہ ھو انھن کي بچائي جيڪي اسان جي پيغام تي ايمان آڻين، جيتوڻيڪ اھو پيغام دنيا جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.


ھاڻي آءٌ پولس، جيڪو اوھان جي روبرو نِوڙت وارو آھيان پر اوھان جي پرپٺ اوھان جي واسطي وڏيءَ ھمت وارو آھيان، سو مسيح جي نھٺائيءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجھي اوھان کي منٿ ٿو ڪريان.


اھڙي ماڻھوءَ کي سمجھڻ گھرجي تہ جھڙو پرپٺ خطن ۾ اسان جو ڪلام آھي اھڙو ئي روبرو اسان جو ڪم بہ ھوندو.


ھي آءٌ انھيءَ لاءِ ٿو چوان تہ متان اوھين سمجھو تہ آءٌ اوھان کي پنھنجن خطن ذريعي ڊيڄاريان ٿو.


آءٌ شرمندگيءَ سان چوان ٿو تہ ڄڻ تہ اسين ائين ڪرڻ ۾ ڪمزور ھئاسين. پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن ڳالھہ تي فخر ڪرڻ ۾ دلير آھي تہ آءٌ بي⁠وقوفيءَ سان ئي چوان ٿو تہ آءٌ بہ دلير آھيان.


پر جيڪڏھن آءٌ تقرير ۾ بي⁠ھنر آھيان تہ بہ علم ۾ اھڙو نہ آھيان. اھا ڳالھہ اسان ھر وقت ۽ ھر حالت ۾ اوھان جي اڳيان ظاھر ڪري ڇڏي آھي.


انھيءَ مان اوھان کي پنھنجي گھربل ثابتي ملندي تہ مسيح منھنجي معرفت ڳالھائي ٿو. ھو اوھان سان واسطي رکڻ ۾ ڪمزور نہ آھي، پر اوھان ۾ زورآور آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ