Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 1:8 - Common Language New Testament

8 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي انھن مصيبتن کان بي⁠خبر رکڻ نہ ٿا چاھيون، جيڪي ايشيا پرڳڻي ۾ ڀوڳيونسين. اسين برداشت کان ٻاھر بار ھيٺ دٻيل ھئاسين، ايتري تائين جو زندہ رھڻ جي اميد ئي ڇڏي ڏني ھئي سون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 اي ڀائرو، اسان جي مرضي نہ آهي تہ اوهين اسان جي انهيءَ مصيبت کان ناواقف رهو جا آسيہ ۾ اسان تي پيئي؛ جنهن ڪري اسين حد کان وڌيڪ، ۽ پنهنجي طاقت کان ٻاهر بار هيٺ اچي وياسين، ايتري قدر جو اسان پنهنجي حياتيءَ جي بہ اُميد لاهي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! انهيءَ جو مثال ڏيندي اسين اوهان کي ان مصيبت کان آگاهہ ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪا آسيا صوبي ۾ ڀوڳيسين. اسين برداشت کان ٻاهر بار هيٺ دٻيل هئاسين، ايتري قدر جو اسان جيوت رهڻ جي اميد ئي ڇڏي ڏني هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! انهيءَ جو مثال ڏيندي اسين اوهان کي ان مصيبت کان آگاهہ ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪا آسيا صوبي ۾ ڀوڳيسين. اسين برداشت کان ٻاهر بار هيٺ دٻيل هئاسين، ايتري قدر جو اسان جيئري رهڻ جي اميد ئي ڇڏي ڏني هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 1:8
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھو فروگيا ۽ گلتيا جي علائقن مان لنگھي ويا، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح ھنن کي ايشيا پرڳڻي ۾ ڪلام جي تبليغ ڪرڻ کان منع ڪئي ھئي.


انھيءَ تقرير کان پوءِ ھن اھا گڏجاڻي برخاست ڪئي.


جيتوڻيڪ اسين پارٿي، مادئي، عيلامي، مسوپتاميہ، يھوديہ، ڪپدڪيا، پنطس، ايشيا،


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان کي خبر ھئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوھان ڏانھن اچڻ جو ارادو ڪيو ھو، پر ھيستائين ڪنھن نہ ڪنھن سبب ڪري اچي نہ سگھيس. جيئن منھنجو ڪم غير قوم جي ٻين ماڻھن ۾ ڪامياب ٿيو آھي، تيئن منھنجي مرضي آھي تہ اوھان ۾ بہ ڪامياب ٿئي.


جيڪڏھن آءٌ اِفسس ۾ جھنگلي جانورن سان انساني خواھش جي ڪري وڙھيس تہ پوءِ مون کي ڪھڙو فائدو رسيو؟ جيڪڏھن مئل نہ ٿا اٿارجن تہ پوءِ ڇو نہ کائي پي وٺون، ڇوتہ سڀاڻي مري کپي وينداسين.


ڇالاءِ⁠جو ھتي اثرائتي ڪم ڪرڻ جو وڏو موقعو آھي، توڙي جو ڪيترائي مخالف آھن.


ھا اوھين تہ پھريون ئي آسودا ھئا. اوھين تہ اڳي ئي دولتمند ھئا ۽ اوھان اسان کان سواءِ بادشاھي ڪئي. ڪاش! اوھين سچ⁠پچ بادشاھي ڪريو ھا تہ من اسين بہ اوھان سان گڏ بادشاھي ڪريون ھا.


سچ⁠پچ تہ اسان پنھنجين دلين ۾ موت جي فتويٰ محسوس ڪئي، تان جو سکيوسين تہ پاڻ تي نہ، بلڪ خدا تي ڀاڙيون جيڪو مئلن کي جياري ٿو.


اسين گمنام سمجھيا وڃون ٿا تڏھن بہ مشھور آھيون. مُڙدن وانگر آھيون تڏھن بہ ڏسو، اسين جيئون پيا. اسين سزا کاڌل آھيون تڏھن بہ ماري وڌل نہ آھيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ