Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 1:13 - Common Language New Testament

13 اسين اوھان ڏانھن ڪا اھڙي ڳالھہ ڪونہ ٿا لکون، جيڪا اوھين پڙھي يا سمجھي نہ ٿا سگھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 هن ڪري جو اسين اوهان ڏانهن ٻيون ڪي ڳالهيون نٿا لکون، رڳو اهي ٿا لکون جي اوهين پڙهو ۽ مڃو بہ ٿا، ۽ آئون اُميد ٿو ڪريان تہ توڙ تائين مڃيندا رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13-14 ڏسو، اسين اوهان ڏانهن ڪا اهڙي ڳالهہ ڪونہ ٿا لکون، جيڪا اوهين پڙهي يا سمجھي نہ سگھو. هاڻي اوهين اسان بابت رڳو ٿورو گھڻو سمجھو ٿا، پر اميد آهي تہ اوهين پوريءَ طرح سمجھي ويندا. تڏهن پرڀو يسوع جي اچڻ واري ڏينهن اوهين اسان تي ائين ئي فخر ڪري سگھندا جيئن اسين اوهان تي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13-14 ڏسو، اسين اوهان ڏانهن ڪا اهڙي ڳالهہ ڪونہ ٿا لکون، جيڪا اوهين پڙهي يا سمجھي نہ سگھو. هاڻي اوهين اسان بابت رڳو ٿورو گھڻو سمجھو ٿا، پر اميد آهي تہ اوهين پوريءَ طرح سمجھي ويندا. تڏهن خداوند عيسيٰ جي اچڻ واري ڏينهن اوهين اسان تي ائين ئي فخر ڪري سگھندا جيئن اسين اوهان تي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 1:13
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن ڏينھن ٿيو تہ خلاصين کي ڪنارو سڃاڻڻ ۾ نہ آيو، پر انھن ھڪ سامونڊي کاري ڏٺي، جنھن جو ڪنارو صاف ھو. سو ھو پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ جيڪڏھن ٿي سگھي تہ جھاز کي انھيءَ ڪناري تي وڃي بيھارجي.


خدا اوھان کي پڇاڙيءَ تائين قائم بہ رکندو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ڏينھن بي⁠داغ ٺھرايا وڃو.


پر مون کي اميد آھي تہ اوھان کي خبر پوندي تہ اسين ناڪام نہ آھيون.


بلڪ اسان بي⁠شرميءَ واريون ۽ لڪل ڳالھيون ڇڏي ڏنيون آھن. اسين ٺڳيءَ سان نہ ٿا ھلون ۽ نڪي خدا جي ڪلام ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري خدا جي آڏو ھر ھڪ ماڻھوءَ جي دل ۾ پنھنجي نيڪي ٿا ڄمايون.


تنھنڪري خداوند جو خوف ڪندي اسين ماڻھن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسان جو حال خدا کي معلوم آھي ۽ مون کي اميد آھي تہ اھو اوھان جي دلين تي بہ صاف ظاھر ٿيو ھوندو.


منھنجي دعا آھي تہ تون سرگرميءَ سان پنھنجو عقيدو ونڊين، ڇوتہ ائين ڪرڻ سان اسان ۾ موجود مسيح وارين برڪتن جي تو ۾ پوري پوري ڄاڻ پيدا ٿيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ