Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 1:11 - Common Language New Testament

11 جيڪڏھن اوھين بہ پنھنجين دعائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪندا، تہ پوءِ گھڻن ماڻھن جي دعائن سان جيڪا نعمت ملي آھي انھيءَ لاءِ اسان جي پاران گھڻا ماڻھو شڪرانو بجاءِ آڻيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 اوهين بہ پنهنجي دعا سان اسان جي مدد ڪجو، تہ جيڪا نعمت اسان کي گهڻن جي وسيلي ملي آهي، تنهن جي لاءِ اسان جي طرفان گهڻا ماڻهو شڪرانا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 جڏهن تہ اوهين بہ گڏجي پنهنجين پرارٿنائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪريو ٿا. پوءِ گھڻين پرارٿنائن جي وسيلي اسان تي ڪرپا ٿي ويندي، تڏهن اسان جي ڪري گھڻا ماڻهو ايشور جو شڪر ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 جڏهن تہ اوهين بہ گڏجي پنهنجين دعائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪريو ٿا. پوءِ گھڻين دعائن جي وسيلي اسان تي فضل ٿي ويندو، تڏهن اسان جي ڪري گھڻا ماڻهو خدا جو شڪرانو ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 1:11
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پطرس تہ جيل ۾ پھري ھيٺ ھو، پر ڪليسيا جي ماڻھن ھن لاءِ دل وَ جان سان خدا کان دعائون پئي گھريون.


ھي سڀ ڪجھہ اوھان جي واسطي آھي. جيئن گھڻن ماڻھن جي ڪري فضل وڌيڪ ٿيندو پيو وڃي، تيئن شڪرانو بہ وڌندو پيو وڃي، جنھن سان خدا جي واکاڻ ٿئي ٿي.


ھو اوھان لاءِ ڏاڍي محبت سان دعا ٿا گھرن، ڇاڪاڻ⁠تہ خدا جو اوھان تي تمام گھڻو فضل آھي.


ڇالاءِ⁠جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھان جي دعائن ۽ عيسيٰ مسيح جي روح جي مدد سان آءٌ ڇڏائجي ويندس.


انھيءَ سان گڏ اسان جي لاءِ بہ دعا گھرندا ڪريو تہ خدا اسان لاءِ ڪلام ٻڌائڻ جو دروازو کولي، تہ جيئن اسين مسيح جي انھيءَ راز کي بيان ڪري سگھون جنھن جي ڪري آءٌ قيد ۾ آھيان.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ دعا گھرو.


مطلب تہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ دعا گھرو تہ خداوند جو پيغام جلد ڦھلجي ۽ عزت سان قبول ڪيو وڃي، جيئن اوھان منجھہ آھي.


ٻي ڳالھہ تہ منھنجي ٽڪڻ لاءِ ھڪ ڪمرو تيار رکج، ڇوتہ اميد ٿو ڪريان تہ اوھانجين دعائن جي بدلي ۾ خداوند مون کي آزاد ڪري اوھان وٽ آڻيندو.


اسان جي لاءِ دعا گھرندا رھو، ڇالاءِ⁠جو اسان کي پڪ آھي تہ اسان جي نيت صاف آھي ۽ اسين ھر طرح ايمانداريءَ سان زندگي گذارڻ ٿا چاھيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ