Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تيمٿيس 6:20 - Common Language New Testament

20 اي تيمٿيس! جيڪي ڪجھہ سنڀال لاءِ تو کي سونپيو ويو، تنھن جي حفاظت ڪر. اجائي بڪ بڪ ۽ انھيءَ علم جي اختلافن کان پاسو ڪر، جنھن کي علم چوڻ ئي غلط آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 اي تيمٿيس، انهيءَ امانت کي سنڀالي رک، ۽ جنهن علم کي علم چوڻ ئي غلط آهي، تنهن جي اجائي بَڪ بَڪ ۽ اعتراض کان پاسو ڪر؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 اي تيمٿيس! خوشخبريءَ واري امانت جيڪا تو کي سونپي ويئي آهي، تنهن جي سنڀال ڪر. اجائي بڪ بڪ ۽ انهيءَ گيان کان پاسو ڪندو رهہ، جنهن ۾ اختلافي ڳالهيون آهن ۽ جنهن کي گيان چوڻ ئي غلط آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اي تيمٿيس! خوشخبريءَ واري امانت جيڪا تو کي سونپي ويئي آهي، تنهن جي حفاظت ڪر. اجائي بڪ بڪ ۽ انهيءَ علم کان پاسو ڪندو رهہ، جنهن ۾ اختلافي ڳالهيون آهن ۽ جنهن کي علم چوڻ ئي غلط آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تيمٿيس 6:20
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پولس دربيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ لسترا ڏانھن بہ ويو. اتي تيمٿيس نالي ھڪڙو شاگرد رھندو ھو، جنھن جي ماءُ يھودڻ ھئي ۽ ايمان آندو ھئائين. پر تيمٿيس جو پيءُ يوناني ھو.


اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا عالم بہ ساڻس مقابلو ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”ھي واتوڙي ماڻھو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”ھيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“ ڇالاءِ⁠جو پولس عيسيٰ ۽ قيامت جي منادي ڪري رھيو ھو.


انھن ڏينھن ۾ اٿينس جا سڀ ديسي توڙي پرديسي جيڪي اتي رھندا ھئا، سي پنھنجو سارو وقت نيون نيون ڳالھيون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ ۾ گذاريندا ھئا.


ھو پاڻ کي سياڻو تہ سڏائين پيا، پر حقيقت ۾ بي⁠عقل ھئا.


گھڻو ئي فائدو آھي. پھريون فائدو تہ خدا کين پنھنجو ڪلام سونپيو.


تنھن ھوندي بہ ڪامل ايمان وارن ماڻھن منجھہ اسين ڏاھپ جون ڳالھيون ٿا ڪريون، پر نہ ھن زماني جي ڏاھپ جون ۽ نڪي ھن زماني جي حاڪمن جي ڏاھپ جون، جيڪي ناس ٿي رھيا آھن.


ڇالاءِ⁠جو ھن جھان جي ڏاھپ خدا جي آڏو بي⁠وقوفي آھي. جيئن لکيل آھي تہ ”خدا ڏاھن کي سندن چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“


ائين نہ ٿئي جو ڪو ماڻھو ڪُوڙي نِوڙت ڪري ۽ ملائڪن جي عبادت ڪرڻ کي پسند ڪري اوھان کي انعام کٽڻ کان محروم رکي. اھڙو ماڻھو ڏٺل شين ۾ محو ٿي پنھنجي جسماني عقل تي اجايو ڦونڊجي ٿو.


خبردار رھجو، متان ڪو ماڻھو انھيءَ اجائي ۽ گمراھہ ڪندڙ فيلسوفيءَ سان اوھان کي شڪار ڪري نہ وٺي، جيڪا ماڻھن جي روايتن ۽ ھن دنيا جي ابتدائي اصولن موجب آھي نہ مسيح موجب.


تنھنڪري اسين پاڻ خدا جي ڪليسيائن ۾ اوھان بابت فخر ٿا ڪريون جو جيڪي ظلم ۽ مصيبتون اوھين سھو ٿا، تن سڀني ۾ اوھان جو صبر ۽ ايمان ظاھر ٿو ٿئي.


تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ثابت قدم رھو ۽ انھن ڳالھين تي قائم رھو، جيڪي اسان اوھان کي زباني يا خط جي وسيلي سيکاريون آھن.


اھا تعليم، سڳوري خدا جي جلال جي خوشخبريءَ موجب آھي، جيڪا ھن منھنجي حوالي ڪئي.


ھي تيمٿيس ڏانھن لکجي ٿو، جيڪو ايمان جي ڪري منھنجو سچو فرزند آھي. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل، رحم ۽ سلامتي ھجي.


نڪي انھن ڪوڙين آکاڻين ۽ بي⁠انتھا نسب⁠نامن تي ڌيان ڏين. اھي رڳو تڪرار جو باعث ٿين ٿا، نہ خدا جي انھيءَ انتظام جو جيڪو ايمان تي منحصر آھي.


ڪي ماڻھو انھن ڳالھين کان ڀٽڪي پري ٿي اجائي بحث ۾ وڃي پيا آھن.


اسين ھي بہ ڄاڻون ٿا تہ شريعت نيڪ ماڻھن لاءِ نہ ٺھي آھي. پر اھا نافرمانن ۽ فسادين، بدڪارن ۽ گنھگارن، ناپاڪن ۽ ڪفر بڪندڙن لاءِ ۽ انھن لاءِ ٺھي آھي جيڪي پيءُ ۽ ماءُ جا قاتل آھن ۽ جيڪي خوني آھن.


پر اجاين ۽ پوڙھين عورتن وارين آکاڻين کي نہ مڃ، اٽلندو پاڻ کي دينداريءَ جي لاءِ تربيت ڏي.


پر اي خدا جا بندا! تون انھن ڳالھين کان پري ڀڄ ۽ سچائيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حليمائيءَ جو طلبگار ٿيءُ.


تہ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ تائين انھيءَ حڪم تي بي⁠داغ ۽ بي⁠قصور رھي عمل ڪر.


تنھنڪري اي منھنجا فرزند! جيڪو فضل عيسيٰ مسيح جي طرفان آھي، تنھن جي وسيلي پختو ٿيءُ.


اجائي بڪ بڪ کان پاسو ڪر، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ماڻھو انھيءَ ۾ ڪاھي ٿا پون، سي بدڪاريءَ ۾ اڃا بہ وڌندا ويندا.


۽ اھي يھودين جي جڙتو آکاڻين يا انھن ماڻھن جي حڪمن تي ڌيان نہ ڏين جيڪي سچ کان منھن ٿا موڙين.


ھي خط طيطس ڏانھن لکجي ٿو، جيڪو ايمان ۾ شريڪ ھئڻ ڪري منھنجو سچو فرزند آھي. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.


ھن کي گھرجي تہ انھيءَ ڀروسي جھڙي ڪلام تي قائم رھي، جيڪو کيس سيکاريو ويو آھي. اھڙيءَ طرح ھو صحيح تعليم سان ٻين کي نصيحت ڪري سگھي ٿو ۽ مخالفن کي قائل بہ ڪري سگھي ٿو.


پر بي⁠وقوفيءَ جي بحث مباحثن، نسب⁠نامن، جھيڙن جھڳڙن ۽ شريعت بابت تڪرارن کان پاسو ڪر، ڇالاءِ⁠جو اھي بي⁠فائدا ۽ اجايا آھن.


تنھنڪري جيڪي اوھان کي مليو آھي ۽ جيڪي ٻڌو اٿوَ، تنھن تي عمل ڪريو ۽ توبھہ⁠تائب ٿيو. جيڪڏھن اوھين سجاڳ نہ ٿيندا تہ آءٌ چور وانگر ايندس ۽ اوھان کي خبر ئي ڪانہ پوندي تہ ڪھڙي وقت اچي اوھان جي مٿان ڪڙڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ