Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ٿسلونيڪين 5:13 - Common Language New Testament

13 سندن محنت جي ڪري محبت سان کين وڏي عزت ڏيو. اوھين پاڻ ۾ صلح سانت سان رھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ کين سندن خدمت جي سببان محبت سان گهڻو مانُ ڏيو. پاڻ ۾ صلح سانت سان رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 هائو، سندن انهيءَ سيوا جي ڪري پيار سان کين وڏو مان ڏيو. اوهين پاڻ ۾ ميل ميلاپ سان رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هائو، سندن انهيءَ خدمت جي ڪري پيار سان کين وڏي عزت ڏيو. اوهين پاڻ ۾ ميل ميلاپ سان رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ٿسلونيڪين 5:13
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جيڪو اوھان کي قبول ٿو ڪري سو ڄڻ مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو ڄڻ ان کي قبول ڪري ٿو جنھن مون کي موڪليو آھي.


لوڻ چڱو تہ آھي، پر جيڪڏھن انھيءَ مان سواد ئي نڪري وڃي تہ پوءِ ان کي ڇا سان وري سلوڻو ڪري سگھبو؟ سو پاڻ ۾ لوڻ رکو ۽ ھڪٻئي سان صلح ۾ رھو.“


آءٌ اوھان کي اھو حڪم ٿو ڏيان تہ ھڪٻئي سان پيار ڪريو.“


آخر ۾ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! شل خوش ھجو. سڌرندا رھو. منھنجي نصيحت ٻڌو. ايڪي سان رھو. امن ۾ رھو. اھڙيءَ طرح خدا جيڪو پيار ۽ امن وارو آھي سو اوھان سان ھوندو.


جيتوڻيڪ منھنجي جسماني حالت اوھان لاءِ ھڪ آزمائش ھئي تڏھن بہ اوھان مون کي نہ ڪي حقير سمجھيو، نڪي ڌڪاريو. پر اوھان مون کي خدا جي ملائڪ وانگر، بلڪ عيسيٰ مسيح وانگر قبول ڪيو.


پر پاڪ روح جو ڦل آھي پيار، خوشي، اطمينان، صبر، مھرباني، نيڪي، ايمانداري،


جيڪو پاڪ ڪلام جي تعليم حاصل ٿو ڪري، تنھن کي گھرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري.


انھيءَ ايڪي کي جيڪو پاڪ روح اوھان کي بخشي ٿو، صلح جي ٻنڌڻ وسيلي قائم رکڻ جي دل سان ڪوشش ڪريو.


مسيح جو اطمينان، جنھن لاءِ اوھين ھڪ بدن ڪري سڏيا ويا آھيو، سو شل اوھان جي دلين تي حڪومت ڪري ۽ اوھين شڪرگذار رھو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻھن کي ھمتايو، ھيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو.


ھاڻي اطمينان بخشيندڙ خداوند پاڻ ئي اوھان کي ھميشہ ۽ ھر طرح سان اطمينان ڏئي. شل خداوند اوھان سڀني ساڻ ھجي.


جوانيءَ جي برين خواھشن کان پري ڀڄ. انھيءَ کان سواءِ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي ٿا پڪارين، تن سان گڏجي سچائي، ايمان، محبت ۽ صلح جو طلبگار ٿيءُ.


سڀني ماڻھن سان صلح سان رھڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انھيءَ پاڪائيءَ جا طلبگار ٿيو، جنھن کانسواءِ ڪوبہ خداوند کي نہ ڏسندو.


جيڪي صلح ٿا ڪرائين، سي صلح سان گڏ اھڙو ٻج ٿا پوکين، جيڪو سچائيءَ جو ڦل پيدا ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ