Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ٿسلونيڪين 3:13 - Common Language New Testament

13 شل ھو اوھان جي دلين کي اھڙو مضبوط ڪري جو جڏھن اسان جو خداوند عيسيٰ پنھنجي سڀني پوئلڳن سان اچي، تڏھن اسان جي خدا ۽ پيءُ جي اڳيان اوھين پاڪ ۽ بي⁠عيب ھجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 انهي لاءِ تہ اُهو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن اسان جو خداوند يسوع پنهنجن سڀني پاڪ ٿيلن سان اچي، تڏهن اسان جي خدا پيءُ جي اڳيان اوهين پاڪيزگيءَ ۾ بي عيب هجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 ائين هو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن هو اچي ۽ پنهنجي سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن سان گڏ هجي، تڏهن اسان جي ايشور پتا جي آڏو اوهين پوِتر ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 ائين هو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن هو اچي ۽ پنهنجي سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان گڏ هجي، تڏهن اسان جي خدا پيءُ جي آڏو اوهين پاڪ ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ٿسلونيڪين 3:13
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جڏھن ابن⁠آدم پنھنجي جلوي سان ايندو ۽ سڀ ملائڪ ساڻس گڏ ھوندا، تڏھن ھو پنھنجي جلال واري تخت تي ويھندو


جيڪڏھن ڪو ھن بي⁠ايمان ۽ بڇڙي زماني ۾ مون کان ۽ منھنجي ڪلام کان شرمائيندو تہ ابن⁠آدم بہ ان کان شرمائيندو، جڏھن ھو پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ پاڪ ملائڪن سان گڏ ايندو.“


ھو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ ھئا ۽ خدا جي سڀني حڪمن ۽ فرضن جي پوريءَ طرح بجاآوري ڪندا ھئا.


تون ڪير ٿيندو آھين جو ڪنھن ٻئي جي نوڪر تي تھمت ٿو ھڻين؟ انھيءَ جي ڪامياب يا ناڪام ھجڻ جي فيصلي جو اختيار سندس مالڪ کي ئي آھي. پر ھو ڪامياب ٿيندو، ڇالاءِ⁠جو خداوند ھن کي ڪامياب ڪري سگھي ٿو.


جيڪو راز گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو ھو، سو ھاڻي ابدي خدا جي حڪم موجب نبين جي صحيفن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھو ايمان جا تابعدار ٿين. عيسيٰ مسيح جي جنھن خوشخبريءَ بابت آءٌ منادي ٿو ڪريان تنھن ۾ انھيءَ راز جي ظاھر ٿيڻ موجب شل خدا اوھان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري.


پر ھر ڪو پنھنجي واري تي جياريو ويندو. ان جو پھريون ڦل مسيح آھي جيڪو جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ پوءِ ان جي وري اچڻ سان اُھي جيئرا ٿي اٿندا جيڪي مسيح جا آھن.


مسيح اسان جي گناھن جي لاءِ پنھنجو پاڻ ڏيئي ڇڏيو، تہ جيئن ھو اسان کي ھن ھاڻوڪي خراب زماني مان اسان جي خدا ۽ پيءُ جي مرضيءَ موجب آزاد ڪري.


ھن جو مقصد ھو تہ ھڪڙي اھڙي جلوي واري ڪليسيا پنھنجي اڳيان پيش ڪري، جنھن تي ڪوبہ داغ يا گھنج يا ڪا ٻي اھڙي شيءِ نہ ھجي، بلڪ اھا پاڪ ۽ بي⁠عيب ھجي.


تہ جيئن اوھين چڱين ڳالھين کي سمجھي پسند ڪريو ۽ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تائين صاف⁠دل ۽ بي⁠ڏوھي رھو.


پر ھاڻي ھن اوھان کي مسيح جي جسماني موت جي وسيلي پاڻ سان صحيح رابطي ۾ آندو آھي. انھيءَ لاءِ تہ ھو اوھان کي پاڪ، بي⁠عيب ۽ بي⁠ڏوھہ بڻائي پنھنجي حضور ۾ حاضر ڪري،


ڀلا، اسان جي اميد، اسان جي خوشي ۽ اسان جي فخر جو تاج ڪير آھي؟ ڇا اسان جي خداوند عيسيٰ جي اڳيان سندس اچڻ وقت اھي اوھين ئي نہ ھوندا؟


ھاڻي شل اسان جو خدا ۽ پيءُ پاڻ ۽ اسان جو خداوند عيسيٰ اوھان وٽ اچڻ لاءِ اسان جي راھہ تيار ڪري.


سو تيمٿيس، جيڪو اسان جي ڀاءُ ۽ مسيح جي خوشخبري ڦھلائڻ ۾ خدا سان گڏ ڪم ڪندڙ آھي، تنھن کي اوھان ڏانھن موڪليوسين، انھيءَ لاءِ تہ ھو اوھان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري ۽ ان جي باري ۾ اوھان کي ھمتائي.


انھيءَ ڪري اسين اوھان کي خداوند جي ڪلام موجب ٿا چئون تہ اسين، جيڪي اڃا تائين جيئرا آھيون ۽ خداوند جي اچڻ تائين ڇڏيا ويا آھيون سي انھن کان، جيڪي مري ويا آھن، ڪنھن بہ طرح اڳتي ڪين ٿي وينداسين.


انھيءَ کان پوءِ اسين، جيڪي اڃا تائين جيئرا ۽ ڇڏيل ھونداسين سي انھن سان گڏ مٿي ڪڪرن ۾ کنيا وينداسين، تہ جيئن ھوا ۾ خداوند سان ملاقات ڪريون. اھڙيءَ طرح اسين ھميشہ خداوند سان گڏ رھنداسين.


شل اطمينان بخشيندڙ خدا پاڻ اوھان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري. شل ھو اوھان جي روح، جان ۽ بدن کي، يعني اوھان کي مڪمل طور اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ تائين بي⁠عيب رکي.


اھو مسيح جي اچڻ واري ڏينھن تي ٿيندو، جڏھن ھن جا پاڪ ٿيل، يعني جن ايمان آندو آھي سي سڀ سندس واکاڻ ۽ تعظيم ڪندا. انھن ۾ اوھين بہ شامل ھوندا، ڇالاءِ⁠جو اوھان اسان جي شاھديءَ تي ايمان آندو.


۽ اوھان ڏک سھڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. ھي انھيءَ وقت ٿيندو جڏھن خداوند عيسيٰ پنھنجي طاقتور ملائڪن سان گڏ ڀڙڪندڙ باھہ ۾ آسمان مان ظاھر ٿيندو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ ۽ ھن وٽ اسان جي گڏ ٿيڻ بابت اوھان کي منٿ ٿا ڪريون،


اوھين بہ صبر ڪريو ۽ ثابت⁠قدم رھو، ڇالاءِ⁠جو خداوند جو اچڻ ويجھو آھي.


ھاڻي خدا، جيڪو ھر طرح جي فضل جو سرچشمو آھي ۽ جنھن اوھان کي مسيح جا ھئڻ ڪري پنھنجي دائمي عظمت ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آھي، سو اوھان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سھڻ کان پوءِ پاڻھي اوھان کي ڪامل، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو.


انھن ماڻھن جي باري ۾ ئي حنوڪ، جيڪو آدم جي ستين پيڙھيءَ ۾ ھو، اڳڪٿي ڪري چيو تہ ”ياد رکو، خداوند پنھنجي لکين ملائڪن سان اچي ٿو.


خدا جيڪو اوھان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو ۽ پنھنجي جلال واري حضور ۾ نھايت خوشيءَ سان بي⁠عيب ڪري بيھاري سگھي ٿو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ