Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ٿسلونيڪين 2:3 - Common Language New Testament

3 ڇالاءِ⁠جو اسان جي نصيحت گمراھہ ڪندڙ ناھي، نڪي ناپاڪيءَ يا ٺڳيءَ واري آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو اسان جي نصيحت گمراہ ڪندڙ ناهي؛ نڪي ناپاڪ يا ٺڳيءَ واري آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 اوهين اهو بہ ڄاڻو ٿا تہ اوهان ۾ اسان جو پرچار ڀَٽڪائڻ وارو نہ هو، نڪي اسان جو مقصد اپوِتر هو ۽ نہ وري اسان جي نيت ٺڳيءَ واري هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اوهين اهو بہ ڄاڻو ٿا تہ اوهان ۾ اسان جي تبليغ گمراهيءَ واري نہ هئي، نڪي اسان جو مقصد ناپاڪ هو ۽ نہ وري اسان جي نيت ٺڳيءَ واري هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ٿسلونيڪين 2:3
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن اتي توريت ۽ نبين جا صحيفا پڙھيا ويا، تڏھن عبادت⁠خانن جي اڳواڻن ھنن کي سڏائي چيو تہ ”اي ڀائرؤ! جيڪڏھن اوھان کي ڪا نصيحت جي ڳالھہ ماڻھن کي ٻڌائڻي آھي تہ ٻڌايو.“


يوسف نالي ھڪ لاوي ھو جنھن جو وطن قبرص ھو، تنھن کي رسولن برنباس جو لقب ڏنو ھو، جنھن جي معنيٰ آھي ”ھمت⁠افزائي ڪندڙ.“


ڇالاءِ⁠جو اھڙا ماڻھو ڪوڙا رسول ۽ دغابازيءَ سان ڪم ڪندڙ آھن. اھي ويس مٽائي پنھنجو پاڻ کي مسيح جي رسولن جھڙو ٿا بڻائين.


اسين انھن گھڻن ماڻھن وانگر نہ آھيون، جيڪي پنھنجي نفعي لاءِ خدا جي ڪلام جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين خدا جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان خدا کي حاضر ڄاڻي مسيح سان شامل ٿي ڳالھايون ٿا.


بلڪ اسان بي⁠شرميءَ واريون ۽ لڪل ڳالھيون ڇڏي ڏنيون آھن. اسين ٺڳيءَ سان نہ ٿا ھلون ۽ نڪي خدا جي ڪلام ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري خدا جي آڏو ھر ھڪ ماڻھوءَ جي دل ۾ پنھنجي نيڪي ٿا ڄمايون.


ڏسو، اسين پنھنجي نہ پر عيسيٰ مسيح جي تبليغ ڪريون ٿا تہ ھو خداوند آھي. پنھنجي لاءِ ھيئن ٿا چئون تہ عيسيٰ جي خاطر اسين اوھان جا خادم آھيون.


اسان جي عزت بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ بي⁠عزتي بہ. اسان جي بدنامي بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ نيڪنامي بہ. ڪي اسان کي ٺڳ سمجھن ٿا، جيتوڻيڪ اسين سچار آھيون.


اسان کي پنھنجين دلين ۾ جاءِ ڏيو. اسان ڪنھن سان بہ ظلم نہ ڪيو آھي، نڪي ڪنھن کي بگاڙيو آھي ۽ نڪي ڪنھن کي ٺڳيو آھي.


ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ جھڙيءَ طرح ڪو پيءُ پنھنجي ٻار سان ھلندو آھي، تھڙيءَ طرح اسين بہ اوھان مان ھر ھڪ سان ھلياسين.


ڇالاءِ⁠جو خدا اسان کي ناپاڪ زندگي گذارڻ لاءِ نہ، بلڪ پاڪ زندگي گذارڻ لاءِ سڏيو آھي.


اھو ئي سبب آھي جو خدا ھنن تي گمراھيءَ جو اثر وجھندو، تہ جيئن ھو ان ڪوڙ کي مڃين.


جڏھن اسان اوھان کي پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي قدرت ۽ اچڻ جي خبر ڏني ھئي، تڏھن بناوٽي آکاڻين تي ڪونہ لڳا ھئاسين. پر سندس عظمت جا اکين ڏٺا شاھد ھئاسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ