Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ٿسلونيڪين 2:17 - Common Language New Testament

17 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏھن اسين ٿوري عرصي جي لاءِ اوھان کان دلي طور نہ پر رڳو جسماني طور جدا ٿياسين، تڏھن ڏاڍي سڪ سان اوھان جي منھن ڏسڻ لاءِ تمام گھڻي ڪوشش ڪئي سون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 پر اي ڀائرو، جڏهن اسين ٿوري عرصي جي لاءِ جسم جي ڪري، نہ دل جي ڪري، اوهان کان جدا ٿياسين، تڏهن ڏاڍي سڪ سان اوهان جي منهن ڏسڻ لاءِ نهايت گهڻي ڪوشش ڪئي سون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏهن اسين ٿوري عرصي لاءِ اوهان کان دلي طور نہ پر رڳو شرير جي لحاظ کان جدا ٿياسين، تڏهن اسان ڏاڍي سڪ جي ڪري اوهان سان وري ملڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏهن اسين ٿوري عرصي لاءِ اوهان کان دلي طور نہ پر رڳو جسماني طور جدا ٿياسين، تڏهن اسان ڏاڍي سڪ جي ڪري اوهان سان وري ملڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ٿسلونيڪين 2:17
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏھن ڪو فريادي تو تي ڪيس ڪري ۽ تو کي ڪورٽ ڏانھن وٺي وڃي تہ واٽ تي ئي ڪوشش ڪري ساڻس ٺاھہ ڪر، متان ھو تو کي جج وٽ وٺي وڃي ۽ جج تو کي پوليس جي حوالي ڪري ۽ پوليس تو کي جيل ۾ وجھي.


انھن کي چيائين تہ ”منھنجي دل ڏاڍو ٿي چاھيو تہ آءٌ ڏکن سھڻ کان اڳ ۾ اوھان سان گڏجي ھي عيد فصح کاوان.


پر ڀائرن پولس ۽ سيلاس کي راتوواھہ بيريا ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو ۽ جڏھن ھو اتي پھتا تہ يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويا.


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان کي خبر ھئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوھان ڏانھن اچڻ جو ارادو ڪيو ھو، پر ھيستائين ڪنھن نہ ڪنھن سبب ڪري اچي نہ سگھيس. جيئن منھنجو ڪم غير قوم جي ٻين ماڻھن ۾ ڪامياب ٿيو آھي، تيئن منھنجي مرضي آھي تہ اوھان ۾ بہ ڪامياب ٿئي.


پر ھاڻي ھنن علائقن ۾ رھڻ لاءِ منھنجي ڪابہ ضرورت ڪانہ رھي آھي ۽ ڪيترن ئي ورھين کان سڪ اٿم تہ اوھان ڏانھن اچان.


جيتوڻيڪ منھنجو جسم اوھان وٽ حاضر نہ آھي پر منھنجو روح حاضر آھي. سو مون ڄڻ تہ پنھنجي موجودگيءَ ۾ اڳ ئي اھڙي ڪم ڪرڻ واري لاءِ فتويٰ ڏئي ڇڏي آھي.


ڇالاءِ⁠جو جيتوڻيڪ آءٌ جسماني طور اوھان وٽ موجود نہ آھيان، تڏھن بہ روحاني طور اوھان وٽ موجود آھيان. آءٌ اوھان جي قاعدي پٽاندڙ ھلڻ ۽ مسيح تي اوھان جي ايمان جي پختائي ڏسي خوش ٿو ٿيان.


پر ھاڻي تيمٿيس اوھان وٽان ٿي واپس آيو ۽ اوھان جي ايمان ۽ محبت جي باري ۾ سٺي خبر ڏنائين. ھن اسان کي ٻڌايو آھي تہ اوھين اسان کي ھميشہ دل سان ياد پيا ڪريو ۽ اسان جي ڏسڻ جي گھڻي سڪ اٿوَ، جھڙيءَ طرح اسان کي بہ اوھان جي آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ