Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 5:14 - Common Language New Testament

14 ھڪ ٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو. شل اوھان سڀني تي، جيڪي مسيح جا آھيو سلامتي ھجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 محبت جو ڀاڪر پائي هڪٻئي کي سلام ڪجو. اوهين سڀ، جي مسيح ۾ آهيو، تن کي شل اطمينان حاصل ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي نمسڪار ڪجو. شل اوهان سڀني تي، جيڪي مسيح جا آهيو شانتي هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو. شل اوهان سڀني تي، جيڪي مسيح جا آهيو سلامتي هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 5:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وري جيڪڏھن اوھين رڳو پنھنجن دوستن کي سلام ڪريو ٿا تہ اوھان ڪا خاص ڳالھہ تہ ڪانہ ڪئي، ڇوتہ غير قومن وارا بہ ائين ئي ڪن ٿا.


آءٌ اوھان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان، بلڪ اوھان کي پنھنجو اطمينان ڏيان ٿو. اھڙو نہ ٿو ڏيان جھڙو دنيا ڏئي ٿي. اوھين پنھنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو ۽ نڪي ڊڄو.


مون اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جيئن مون سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان کي اطمينان ملي. ھن دنيا ۾ اوھان کي ڏک ملندا پر دلجاءِ ڪريو جو مون دنيا تي فتح حاصل ڪئي آھي.“


انھيءَ ساڳئي آچر جي ڏينھن شام جو جڏھن شاگرد يھودي اڳواڻن جي ڊپ کان در دروازا بند ڪيو ويٺا ھئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”سلام.“


ھفتي کان پوءِ شاگرد وري گھر ۾ گڏ ويٺا ھئا. ھن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو ھو ۽ گھر جا در دروازا بند ھئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”سلام.“


ھي خط انھن سڀني ڏانھن آھي، جيڪي روم شھر ۾ خدا جا پيارا آھن ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ چونڊيا ويا آھن. شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.


ھڪ ٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام چئجو. مسيح جون سڀ ڪليسيائون اوھان کي سلام ڏين ٿيون.


تنھنڪري جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ويا آھن، تن لاءِ ھاڻي سزا جو حڪم نہ آھي.


پر خدا اوھان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي ھڪ ڪري ڇڏيو آھي ۽ کيس اسان لاءِ حڪمت يعني سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو بڻايو اٿائين.


سڀيئي ڀائر ۽ ڀينرون اوھان کي سلام ٿا ڏين. ھڪ ٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو.


ھڪ ٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو. سڀ ايمان وارا اوھان کي سلام ٿا ڏين.


تنھنڪري جيڪڏھن ڪو مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھي تہ ھو نئون خلقيل آھي. پراڻيون ڳالھيون گذري ويون، ڏسو، ان جي نئين حالت شروع ٿي ويئي.


خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان شل ڀائرن ۽ ڀينرن کي اطمينان ۽ ايمان سان گڏ محبت حاصل ٿئي.


سڀني ايمان وارن کي پيار سان ملي سلام ڏجو،


خدا پيءُ اڳ ۾ ئي اوھان کي ڄاتو ۽ پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ڪري اوھان کي چونڊيو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين عيسيٰ مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پاڪ صاف ڪيا وڃو. شل اوھان تي فضل ۽ سلامتي وڌندي رھي.


اميد اٿم تہ جلد ئي اچي تو سان ملندس ۽ پوءِ روبرو ڳالھائينداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ