Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 4:18 - Common Language New Testament

18 جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪڏھن سچار کي ئي وڏي مشڪل سان ڇوٽڪارو ملندو، تہ پوءِ بدڪارن ۽ گنھگارن جو ڪھڙو حال ٿيندو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ جيڪڏهن راستباز ماڻهوءَ کي ئي مشڪلات سان نجات ملندي تہ بي دين ۽ گنهگارن جو حال ڪهڙو ٿيندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 اهو پوِتر شاستر مطابق آهي تہ ”جيڪڏهن سچار ئي وڏيءَ مشڪل سان ٿا بچي نڪرن، تہ پوءِ ايشور کان پري رهندڙ پاپين جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 اهو پاڪ ڪلام مطابق آهي تہ ”جيڪڏهن سچار ئي وڏيءَ مشڪل سان ٿا بچي نڪرن، تہ پوءِ خدا کان پري رهندڙ گنهگارن جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 4:18
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھڪ دفعي ڪيترائي محصول اڳاڙيندڙ ۽ گنھگار ماڻھو عيسيٰ جون ڳالھيون ٻڌڻ لاءِ سندس چوڌاري اچي مڙيا.


ڇالاءِ⁠جو جيڪي سائي وڻ سان ھيئن ٿا ڪن تہ سڪي وڻ سان ڇا ڇا نہ ڪندا؟“


انھن شاگردن کي ھمتايو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ ھو ايمان تي قائم رھن. انھن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مصيبتن مان لنگھڻو پوندو.“


۽ چيائين تہ ’اي پولس! ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين ۽ ڏس، ھي جيڪي ماڻھو جھاز ۾ تو سان گڏ آھن، تن سڀني کي خدا تنھنجي خاطر بچايو آھي.‘


تنھن تي پولس صوبيدار ۽ سپاھين کي چيو تہ ”جيڪڏھن ھي خلاصي جھاز تي نہ رھندا تہ اوھين بچي نہ سگھندا.“


جيڪي ماڻھو پنھنجي بڇڙائيءَ جي ڪري سچ کي لڪائي ٿا ڇڏين، تن جي اھڙي بي⁠ديني ۽ بڇڙائيءَ تي آسمان مان خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.


جڏھن اسين اڃا لاچار ئي ھئاسين تہ بلڪل انھيءَ وقت مسيح اسان بدڪارن لاءِ جان ڏني.


پر خدا اسان سان پنھنجو پيار انھيءَ مان ثابت ٿو ڪري جو جڏھن اسين اڃا گنھگار ئي ھئاسين تہ مسيح اسان جي لاءِ مئو.


تنھنڪري جيڪو پاڻ کي مضبوط بيٺل ٿو سمجھي، سو خبردار ٿئي متان ڪري نہ پوي.


اسين ھي بہ ڄاڻون ٿا تہ شريعت نيڪ ماڻھن لاءِ نہ ٺھي آھي. پر اھا نافرمانن ۽ فسادين، بدڪارن ۽ گنھگارن، ناپاڪن ۽ ڪفر بڪندڙن لاءِ ۽ انھن لاءِ ٺھي آھي جيڪي پيءُ ۽ ماءُ جا قاتل آھن ۽ جيڪي خوني آھن.


جڏھن تہ خدا جي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو واعدو اڃا باقي رھيل آھي، تڏھن اسان کي خبردار رھڻ گھرجي تہ متان ائين نہ ٿئي جو اوھان مان ڪو پوئتي رھيل نظر اچي.


اوھان سچار کي ڏوھي ٺھرايو آھي ۽ قتل ڪيو آھي. پر سچار اوھان جي مخالفت نہ ٿو ڪري.


ھوشيار ۽ سجاڳ رھو. اوھان جو دشمن شيطان گجندڙ شينھن وانگر چوڌاري گھمي وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنھن کي ڦاڙي کائي.


انھيءَ ساڳئي حڪم جي وسيلي موجودہ آسمان ۽ زمين انھيءَ لاءِ بچائي رکيا ويا آھن تہ ساڙيا وڃن. اھي عدالت جي ڏينھن تائين موجود رھندا، جنھن ڏينھن بدڪار ماڻھن کي ناس ڪيو ويندو.


ھو انھيءَ لاءِ ٿو اچي تہ جيئن ھر ھڪ سان انصاف ڪري ۽ انھن سڀني بدڪارن کي سزا ڏئي، جن بدڪاريءَ جو طريقو اختيار ڪري بدڪاريءَ جا ڪم ڪيا. ھو انھن سڀني سخت ڳالھين لاءِ کين ڏوھاري ٺھرائيندو، جيڪي ھنن وڏن گنھگارن سندس برخلاف ڪيون آھن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ