Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 4:17 - Common Language New Testament

17 ھاڻي اھو وقت اچي پھتو آھي تہ خدا جي گھراڻي وٽان عدالت شروع ٿئي. سو جيڪڏھن اھا اسان کان ئي شروع ٿئي ٿي تہ پڇاڙيءَ ۾ انھن جو ڇا حال ٿيندو جيڪي خدا جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ڇالاءِ جو اهو وقت اچي پهتو آهي تہ خدا جي ڪليسيا مان عدالت شروع ٿئي: ۽ جيڪڏهن اُها پهرين اسان وٽان شروع ٿيندي، تہ جيڪي خدا جي خوشخبريءَ کي نٿا مڃين، تن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿيندي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 هاڻي اهو وقت اچي پهتو آهي تہ عدالت ايشور جي گھراڻي کان شروع ٿئي. سو جيڪڏهن اها عدالت اسان جي بہ ٿئي ٿي تہ پوءِ انهن جو ڪهڙو انت ٿيندو جيڪي مسيح بابت ايشور جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 هاڻي اهو وقت اچي پهتو آهي تہ عدالت خدا جي گھراڻي کان شروع ٿئي. سو جيڪڏهن اها عدالت اسان جي بہ ٿئي ٿي تہ پوءِ انهن جو ڪهڙو انجام ٿيندو جيڪي مسيح بابت خدا جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 4:17
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو جيڪي سائي وڻ سان ھيئن ٿا ڪن تہ سڪي وڻ سان ڇا ڇا نہ ڪندا؟“


ھي خط عيسيٰ مسيح جي غلام پولس جي طرفان آھي، جنھن کي خدا رسول ڪري چونڊيو ۽ کيس پنھنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ خاص طور مقرر ڪيو آھي.


جيڪي بڇڙا ڪم ڪن ٿا تن تي مصيبت ۽ تڪليف نازل ٿيندي، پھريائين يھودين تي پوءِ غير قومن تي.


اي نادان گلتيو! ڪنھن اوھان تي جادو ڪيو آھي؟ اوھان جي اکين اڳيان تہ عيسيٰ مسيح کي صليب تي چاڙھي سندس موت جو منظر ظاھر ظھور ڏيکاريو ويو.


اوھين تہ ايمان جي ڊوڙ چڱيءَ طرح ڊوڙي رھيا ھئا. پوءِ ڪنھن اوھان کي سچ کي مڃڻ کان روڪي ڇڏيو؟


تنھنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻھن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انھن سان جيڪي ايمان جي وسيلي اسان سان ھڪ ئي خاندان ۾ شريڪ آھن.


ھو انھن کي سزا ڏيندو جيڪي خدا کي نہ ٿا سڃاڻين ۽ جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين.


پر جيڪڏھن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ ھنن ھدايتن مان تو کي معلوم ٿي وڃي تہ خدا جي گھراڻي يعني جيئري خدا جي ڪليسيا، جيڪا سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آھي، تنھن ۾ ماڻھن کي ڪھڙيءَ طرح ھلت ڪرڻ کپي.


جڏھن ابراھيم کي سڏيو ويو تہ ايمان جي ڪري ئي ھو خدا جو حڪم مڃي انھيءَ جاءِ ڏانھن ھليو ويو، جيڪا بعد ۾ کيس ميراث طور ملڻي ھئي. جيتوڻيڪ ھن کي اھا خبر نہ ھئي تہ ڪيڏانھن ٿو وڃي، پر تڏھن بہ ھو اٿي روانو ٿيو.


ڇالاءِ⁠جو جيڪو ڪلام ملائڪن جي معرفت ٻڌايو ويو، سو قائم رھيو ۽ جنھن ان ڪلام کي نہ مڃيو ۽ ان جي نافرماني ڪئي تنھن کي جوڳي سزا ڏني ويئي.


خدا بہ نشانين، عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي معجزن سان پنھنجي مرضيءَ موجب پاڪ روح جون نعمتون ورھائيندي انھيءَ ڇوٽڪاري جي شاھدي ڏيندو رھيو.


پر مسيح فرزند جي حيثيت ۾ خدا جي گھر جو مختيار ھوندي وفادار رھيو. ھاڻي خدا جو گھراڻو اسين آھيون، بشرطيڪ اسين پنھنجيءَ ھمت ۽ انھيءَ اميد تي قائم رھون، جنھن تي اسان کي فخر آھي.


پوءِ ڪامل بڻجي ھو پنھنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ دائمي ڇوٽڪاري جو باني بڻيو.


اوھين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين پاڪ ڪاھنن جي حيثيت ۾ اھڙيون روحاني قربانيون پيش ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.


ٻئي ھنڌ لکيل آھي تہ ”اھو ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني ماڻھن لاءِ ٺوڪر کائڻ واري ڇپ ٿيو.“ سو اھي ماڻھو ڪلام جا نافرمان ٿي ان تان ٿاٻڙجن ٿا ۽ انھيءَ جي لاءِ اھي مقرر بہ ڪيا ويا آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ