Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 3:17 - Common Language New Testament

17 ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن خدا جي اھا ئي مرضي ھجي تہ اوھين نيڪي ڪرڻ سبب ڏک سھو، تہ اھا ڳالھہ بدي ڪرڻ سبب ڏک سھڻ کان بھتر آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ڇالاءِ جو جيڪڏهن خدا جي مرضي موجب اوهين نيڪي ڪري ڏک سهو، تہ اها ڳالهہ بدي ڪري ڏک سهڻ کان چڱي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 ڏسو، جيڪڏهن ايشور جي اها ئي مرضي هجي تہ اوهين نيڪي ڪرڻ سبب تڪليفون سهو، تہ اها ڳالهہ بدي ڪرڻ سبب تڪليفن سهڻ کان بهتر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 ڏسو، جيڪڏهن خدا جي اها ئي مرضي هجي تہ اوهين نيڪي ڪرڻ سبب تڪليفون سهو، تہ اها ڳالهہ بدي ڪرڻ سبب تڪليفن سهڻ کان بهتر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 3:17
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ ٿورو پرڀرو ويو ۽ پاڻ کي منھن ڀر ڪيرائي دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي منھنجا بابا! جيڪڏھن ٿي سگھي تہ ھي پيالو مون تان ٽاريو وڃي، تنھن ھوندي بہ منھنجي نہ پر تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“


عيسيٰ وري ٻيو دفعو پري ويو ۽ دعا گھريائين تہ ”اي منھنجا بابا! جيڪڏھن ھي پيالو منھنجي پيئڻ کان سواءِ ٽري نہ ٿو سگھي تہ پوءِ ڀلي تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“


ھن موڪلائڻ وقت کين چيو تہ ”خدا گھريو تہ آءٌ ضرور موٽي ايندس.“ ائين چئي ھو اِفسس مان روانو ٿي ويو.


جڏھن اسين کيس مڃائي نہ سگھياسين، تڏھن اسان ايترو چئي بس ڪئي تہ ”جيڪا خداوند جي مرضي.“


انھن ڳالھين جي ڪري اوھين گھڻي خوشي ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ ھاڻي ٿوري وقت لاءِ ضرورت جي ڪري اوھين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئي ڏکي ٿيا آھيو.


ڇالاءِ⁠جو خدا جي مرضي اھا آھي تہ نيڪي ڪرڻ سان اوھين بي⁠وقوف ماڻھن جي نادانيءَ وارين ڳالھين کي ٻنجو ڏيئي ڇڏيو.


ھن ڪري جو جيڪڏھن اوھان گناھہ ڪري مار کاڌي ۽ صبر ڪيو تہ انھيءَ ۾ ڪھڙو فخر آھي؟ پر جيڪڏھن اوھين نيڪي ڪري ڏک ڀوڳيو ۽ صبر ڪريو ٿا تہ اھا ڳالھہ خدا جي نظر ۾ تعريف جوڳي آھي.


پر جي سچائيءَ جي ڪري کڻي ڏک سھو بہ تہ اوھين سڀاڳا آھيو. سو ماڻھن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي پريشان ٿيو.


ائين نہ ٿئي جو اوھان مان ڪو خوني، چور، بدڪار يا ٻين جي ڪمن ۾ دست⁠اندازي ڪندڙ ٿي ڏک سھي.


تنھنڪري جيڪي خدا جي مرضيءَ موجب ڏک ٿا سھن، سي نيڪي ڪرڻ سان پنھنجيون جانيون سچي خالق جي حوالي ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ