Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 3:14 - Common Language New Testament

14 پر جي سچائيءَ جي ڪري کڻي ڏک سھو بہ تہ اوھين سڀاڳا آھيو. سو ماڻھن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي پريشان ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پر جي راستبازيءَ جي ڪري اوهين کڻي ڏک سهو تہ بہ اوهين مبارڪ آهيو: ۽ انهن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي مونجهاري ۾ پئو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 پر جيڪڏهن سچائيءَ جي ڪري کڻي تڪليفون سهو بہ تہ اوهين سڀاڳا آهيو. سو ماڻهن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي پريشان ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 پر جيڪڏهن سچائيءَ جي ڪري کڻي تڪليفون سهو بہ تہ اوهين سڀاڳا آهيو. سو ماڻهن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي پريشان ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 3:14
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو جسم کي مارين ٿا پر روح کي نہ ٿا ماري سگھن. تنھنڪري خدا کان ڊڄو، جيڪو ٻنھي يعني جسم ۽ روح کي ماري جھنم ۾ وجھي سگھي ٿو.


سو اوھان کي ڊڄڻ نہ گھرجي، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي قيمت ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ آھي.“


جيڪو پنھنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو، سو اُھا وڃائيندو ۽ جيڪو منھنجي لاءِ پنھنجي جان وڃائيندو سو اُھا حاصل ڪندو.“


ڇالاءِ⁠جو جيڪو چاھي ٿو تہ ’آءٌ پنھنجي جان بچايان،‘ سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو منھنجي لاءِ پنھنجي جان ڏيندو تنھن کي اھا ملندي.


جيڪوبہ منھنجي ڪري گھر، ڀائر، ڀينرون، پيءُ، ماءُ، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو تہ ان کي اُھي سوء⁠ڻا ٿي ملندا ۽ دائمي زندگي بہ ملندس.


تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”برابر، پر آءٌ اوھان کي ھيءَ ڳالھہ ٻڌايان ٿو تہ جيڪو بہ منھنجي ۽ منھنجي خوشخبريءَ جي ڪري پنھنجو گھر، ڀائر، ڀينرون، ماءُ، پيءُ، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو،


ڇالاءِ⁠جو جيڪو گھُري تہ پنھنجي جان بچائي سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو منھنجي واسطي ۽ منھنجي خوشخبريءَ جي واسطي پنھنجي جان وڃائيندو سو اھا بچائيندو.


عيسيٰ انھن کي وڌيڪ چيو تہ ”پنھنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو. خدا تي يقين رکو ۽ مون تي بہ يقين رکو.


آءٌ اوھان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان، بلڪ اوھان کي پنھنجو اطمينان ڏيان ٿو. اھڙو نہ ٿو ڏيان جھڙو دنيا ڏئي ٿي. اوھين پنھنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو ۽ نڪي ڊڄو.


آءٌ پاڻ ھن کي ڏيکاريندس تہ منھنجي نالي جي ڪري کيس ڪيترا نہ ڏک سھڻا پوندا.“


سو آءٌ مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، بي⁠عزتين ۾، گھُرجن ۾، مشڪلاتن ۾ ۽ ستائجڻ ۾ خوش ٿو رھان. ڇالاءِ⁠جو جڏھن آءٌ ڪمزور ھوندو آھيان تڏھن آءٌ طاقتور ھوندو آھيان.


ڇالاءِ⁠جو مسيح جي خاطر اوھان تي اھا ٻاجھہ ٿي آھي تہ نہ رڳو مٿس ايمان آڻيو، پر ھن جي لاءِ ڏک بہ سھو.


سڀاڳو آھي اھو ماڻھو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رھي. ڇالاءِ⁠جو جڏھن ھو انھيءَ امتحان ۾ پاس ٿيو تہ کيس فتح جو تاج، يعني اھا زندگي حاصل ٿيندي جنھن جو خدا پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي.


اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين صبر ڪرڻ وارن کي سڀاڳو ٿا سڏيون. اوھان ايوب جي صبر جو حال تہ ٻڌو آھي ۽ اھا بہ خبر اٿوَ تہ پڇاڙيءَ ۾ خداوند ھن لاءِ ڇا ڇا ڪيو. انھيءَ مان ظاھر آھي تہ خداوند نھايت ٻاجھارو ۽ رحم وارو آھي.


اھڙيءَ طرح سارہ ابراھيم جي حڪم ۾ رھندي ھئي ۽ کيس پنھنجو آقا چوندي ھئي. اوھين بہ انھيءَ جون ڌيئر آھيو، بشرطيڪ نيڪي ڪريو ۽ ڪنھن بہ خوف جو شڪار نہ ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ