Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 2:17 - Common Language New Testament

17 سڀني ماڻھن جي عزت ڪريو، پنھنجي ھم⁠ايمان برادريءَ سان محبت رکو، خدا کان ڊڄو ۽ بادشاھہ جو احترام ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 سڀني ماڻهن جي عزت ڪريو. برادريءَ وارن کي پيار ڪريو. خدا کان ڊڄو. بادشاهہ جي تعظيم ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 سڀني جو مان‌سمان ڪريو، وشواسي ڀائرن ڀينرن سان پيار ڪريو، ايشور جو خوف رکو ۽ مهاراجا جو مان‌سمان ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 سڀني جي عزت ڪريو، هم‌ايمان ڀائرن ڀينرن سان پيار ڪريو، خدا جو خوف رکو ۽ شهنشاهہ جو احترام ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 2:17
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن جواب ڏنو تہ ”قيصر جا.“ تڏھن عيسيٰ کين چيو تہ ”چڱو، جيڪو قيصر جو آھي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪو خدا جو آھي سو خدا کي ڏيو.“


جيڪڏھن اوھين ھڪٻئي سان پيار ڪندا تہ پوءِ سڀني کي خبر پوندي تہ اوھين منھنجا شاگرد آھيو.“


ھڪ ٻئي سان ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر گھڻو پيار ڪريو ۽ ٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو.


سڀني جو حق ادا ڪريو. جنھن کي ڍل ڏيڻي ھجي تنھن کي ڍل ڏيو، جنھن کي محصول ڏيڻو ھجي تنھن کي محصول ڏيو، جنھن کان ڊڄڻ گھرجي تنھن کان ڊڄو ۽ جنھن جي عزت ڪرڻ گھرجي تنھن جي عزت ڪريو.


اي پيارا دوستو! جڏھن اسان سان اھڙا واعدا ڪيا ويا آھن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي ھر انھيءَ شيءِ کان پاڪ ڪريون جيڪا اسان جي جسم ۽ روح ٻنھي کي پليت ڪري ٿي ۽ خدا جو خوف رکندي مڪمل طرح پاڪ ٿي وڃون.


مسيح جي ادب جي ڪري ھڪ ٻئي جي تابع رھو.


ذاتي لالچ ۽ اجائي ھٺ کان ڪجھہ بہ نہ ڪريو، بلڪ نماڻائيءَ سان ھڪ ٻئي کي پاڻ کان بھتر سمجھو.


جيڪي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ جوٽيل آھن، سي سڀيئي پنھنجن مالڪن کي پوريءَ عزت جي لائق سمجھن، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي نالي جي ۽ اسان جي تعليم جي بدنامي نہ ٿئي.


ھڪ ٻئي کي ھڪ ڪٽنب جا سمجھي محبت ڪندا رھو.


ھاڻي جڏھن تہ اوھان حق جي تابعداريءَ سان پاڻ کي پاڪ ڪيو آھي ۽ ڀائرن لاءِ حقيقي محبت پيدا ٿي اٿوَ، تڏھن دل⁠وجان سان پاڻ ۾ گَھري محبت رکو.


خداوند جي خاطر ھر انساني اختياريءَ جا تابعدار رھو، مثال طور شھنشاھہ جا انھيءَ ڪري جو ھو سڀني کان مٿاھون آھي.


ساڳيءَ طرح اي جوانو! اوھين بزرگن جي تابع رھو. اوھين سڀيئي ھڪ ٻئي اڳيان نماڻائيءَ سان پھريل رھو، ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ