Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 5:20 - Common Language New Testament

20 اسين اھو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آھي. ھن اسان کي سمجھہ بخشي آھي تہ اسين انھيءَ خدا کي سڃاڻون جيڪو حق آھي ۽ اسين انھيءَ حقيقي خدا جا آھيون، تھڙيءَ ئي طرح سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل پڻ آھيون. اھو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آهي، ۽ اسان کي سمجهہ ڏني اٿس، تہ جيڪو سچو آهي تنهن کي ڄاڻون؛ ۽ جيڪو سچو آهي تنهن ۾ اسين آهيون، يعني سندس فرزند يسوع مسيح ۾. اهوئي سچو خدا ۽ هميشہ جي زندگي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ ايشور جو پٽ هن سنسار ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس پٽ يسوع مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي ايشور ۽ امر جيون آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند هن دنيا ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس فرزند عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 5:20
53 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ وراڻيو تہ ”انھيءَ ڪري جو اوھان کي تہ آسمان واري بادشاھت جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آھي پر انھن کي نہ،


ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اوھان کي اھڙي زبان ۽ اھڙو عقل ڏيندس جو اوھان جا ڪي⁠بہ دشمن اوھان سان مقابلو يا انڪار ڪري نہ سگھندا.


پوءِ پاڪ لکتن کي سمجھڻ لاءِ سندن ذھن اجاگر ڪيائين


ڪنھن بہ ماڻھوءَ خدا کي ڪڏھن ڪونہ ڏٺو آھي پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو سندس پاسي ۾ آھي، تنھن ئي کيس ظاھر ڪيو آھي.


جڏھن اھو ڏينھن ايندو تڏھن اوھان کي خبر پوندي تہ آءٌ پنھنجي پيءُ ۾ آھيان ۽ اوھين مون ۾ ۽ آءٌ اوھان ۾ آھيان.


تنھن تي عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منھنجي ڪلام تي عمل ڪندو. منھنجو پيءُ ھن سان پيار ڪندو، آءٌ ۽ منھنجو پيءُ ھن وٽ اينداسون ۽ ساڻس گڏجي رھنداسون.


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آھيان. منھنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پھچي نہ ٿو سگھي.


عيسيٰ چيس تہ ”اي فلپس! ھيترو وقت آءٌ اوھان سان ھوس تہ بہ اوھين مون کي نہ ٿا سڃاڻو؟ جنھن بہ مون کي ڏٺو آھي تنھن پيءُ کي ڏٺو آھي. پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ’اسان کي پيءُ ڏيکار‘؟


اوھين مون سان گڏجي ھڪ ٿي رھو ۽ آءٌ اوھان سان گڏجي ھڪ ٿي رھندس. تيستائين ڪابہ ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي، جيستائين اھا ول ۾ نہ ٿي رھي. اھڙيءَ طرح اوھين بہ ميوو نہ ٿا جھلي سگھو جيستائين مون ۾ نہ رھو.


مون انھن کي تنھنجو ڪلام ڏنو آھي پر دنيا انھن کان نفرت ڪري ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھي دنيا جا نہ آھن جيئن آءٌ دنيا جو نہ آھيان.


اي سچا بابا! دنيا تو کي نہ سڃاتو پر مون تو کي سڃاتو آھي ۽ ھنن کي اھا خبر آھي تہ تو مون کي موڪليو آھي.


دائمي زندگي اھا آھي تہ اھي تو ھڪ سچي خدا کي ۽ مون عيسيٰ مسيح کي سڃاڻين، جنھن کي تو موڪليو آھي.


تنھن تي توما چيس تہ ”اي منھنجا خداوند! اي منھنجا خدا!“


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”جيڪڏھن خدا اوھان جو پيءُ ھجي ھا تہ اوھين مون سان پيار ڪريو ھا، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ خدا وٽان آيو آھيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آھيان پر ھن مون کي موڪليو آھي.


اوھين پاڻ سان گڏ انھيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنھن لاءِ پاڪ روح اوھان کي ڌنار مقرر ڪيو آھي. سو خدا جي انھيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رھجو، جيڪا ھن پنھنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي.


قوم جا ابا ڏاڏا بہ انھن مان ئي آھن ۽ رت جي رشتي ڪري مسيح بہ انھن جو ئي آھي. خدا، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آھي، شل ھميشہ انھيءَ جي واکاڻ ٿئي. آمين.


پر خدا اوھان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي ھڪ ڪري ڇڏيو آھي ۽ کيس اسان لاءِ حڪمت يعني سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو بڻايو اٿائين.


ڇاڪاڻ⁠تہ خدا، جنھن فرمايو تہ ”اونداھيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنھن اھا اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن اسين عيسيٰ مسيح جي چھري کي ڏسي ڪري خدا جي شان کي سڃاڻي سگھون.


تنھنڪري جيڪڏھن ڪو مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھي تہ ھو نئون خلقيل آھي. پراڻيون ڳالھيون گذري ويون، ڏسو، ان جي نئين حالت شروع ٿي ويئي.


جو خدا جي سڄي قوم سان گڏجي پوريءَ طرح سمجھي سگھو تہ مسيح جي محبت جي ويڪرائي، ڊگھائي، اوچائي ۽ اونھائي ڪيتري آھي.


۽ ھن سان پوريءَ طرح گڏيل ثابت ٿيان، پنھنجي انھيءَ سچائيءَ رکڻ سان نہ جيڪا شريعت کان آھي، پر انھيءَ سچائيءَ سبب جيڪا مسيح تي ايمان آڻڻ جي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. اھا سچائي ايمان جي ڪري خدا کان ملي ٿي.


انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناھي تہ دينداريءَ جو راز وڏو آھي، يعني: ھو جسم ۾ ظاھر ٿيو ۽ پاڪ روح جي ڪري سچو ثابت ٿيو. ھو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ آسمان ڏانھن ھو مٿي کنيو ويو.


ان سان گڏ اسين انھيءَ برڪت ڀري اميد، يعني پنھنجي عظيم خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي جلوي جي ظاھر ٿيڻ جو انتظار ڪريون.


پر پنھنجي فرزند بابت ھو چوي ٿو تہ ”اي خدا! تنھنجو تخت ھميشہ تائين قائم رھندو، ۽ تون انصاف سان حڪومت ڪرين ٿو.


جيڪو فرزند کي مڃي ٿو تنھن وٽ پيءُ بہ آھي، پر جيڪو فرزند کي نہ ٿو مڃي تنھن وٽ پيءُ بہ نہ آھي.


جيڪو ڪجھہ اوھان کي شروع ۾ ٻڌايو ويو آھي، سو اوھان جي دلين ۾ رھڻ گھرجي. جيڪڏھن اھو اوھان کي ياد رھيو تہ اوھين بہ پيءُ ۽ سندس فرزند ٻنھي سان گڏجي ھڪ ٿي ويندا.


جيڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ خدا سان گڏجي ھڪ ٿي ويو آھيان.“ تنھن کي اھڙيءَ طرح ھلڻ گھرجي جھڙيءَ طرح مسيح پاڻ ھلندو ھو.


اسان ڏٺو آھي ۽ انھيءَ جي شاھدي ٿا ڏيون تہ پيءُ پنھنجي فرزند کي جھان جو ڇوٽڪاري ڏيندڙ ڪري موڪليو آھي.


اسان کي خبر آھي ۽ اھو يقين اٿئون تہ خدا جو اسان سان پيار آھي. خدا پيار آھي، جيڪو پيار ۾ رھي ٿو سو خدا ۾ رھي ٿو ۽ خدا بہ انھيءَ ۾ رھي ٿو.


خدا جي روح کي اوھين ھن طرح سڃاڻي سگھو ٿا تہ جيڪو روح قبول ڪري ٿو تہ عيسيٰ مسيح انساني صورت ۾ آيو، سو خدا جي طرفان آھي.


جنھن کي اھو يقين آھي تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي، سو خدا جو ٻار آھي ۽ جيڪو پيءُ سان پيار ٿو ڪري، سو سندس ٻار سان بہ پيار ٿو ڪري.


جيڪڏھن اسان کي خبر آھي تہ ھو اسان جي ٻڌي ٿو، تہ پوءِ اسين اھو بہ ڄاڻون ٿا تہ جيڪو بہ اسان کانئس گھريو آھي سو اسان کي مليو آھي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جنھن کي پنھنجو ٻار بڻايو آھي، سو گناھہ نہ ڪندو آھي، ڇالاءِ⁠جو خدا جو فرزند سندس حفاظت ڪري ٿو ۽ شيطان کيس ھٿ بہ لائي نہ ٿو سگھي.


دنيا کي ڪير فتح ڪري سگھي ٿو، سواءِ انھيءَ جي جيڪو ايمان آڻي ٿو تہ عيسيٰ خدا جو فرزند آھي؟


اُھي خدا جي ٻانھي موسيٰ جو راڳ ۽ گھيٽي جو راڳ ڳائي رھيا ھئا ۽ چون پيا تہ ”اي خداوند خدا، قادرِمطلق! تنھنجا ڪم وڏا ۽ عجيب آھن. اي قومن جا بادشاھہ! تنھنجون واٽون سڌيون ۽ سچيون آھن.


پوءِ مون کي آسمان کليل نظر آيو، جنھن ۾ مون ھڪ اڇو گھوڙو ڏٺو ۽ انھيءَ تي جيڪو سوار ھو سو وفادار ۽ سچار سڏيو ويندو آھي. ھو سچائيءَ سان انصاف ۽ جنگ ڪري ٿو.


”لوديڪيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو امين، وفادار ۽ سچو شاھد آھي ۽ جنھن جي وسيلي خدا سڀ ڪجھہ بڻايو، سو ھيئن ٿو چوي تہ


”فلدلفيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو پاڪ ۽ سچو آھي، جنھن وٽ دائود جي ڪنجي آھي، جنھن جي کوليل کي ڪو بند نہ ڪندو ۽ جنھن جي بند ڪيل کي ڪوبہ کولي نہ سگھندو، سو ھيئن ٿو چوي تہ


انھن وڏي آواز سان رڙيون ڪري چيو تہ ”اي پاڪ ۽ سچا خداوند! تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين ۽ زمين تي رھڻ وارن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ