Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 5:19 - Common Language New Testament

19 اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا ٻار آھيون، جيتوڻيڪ ٻي سڄي دنيا شيطان جي قبضي ۾ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا آهيون، پر سارو جهان انهي بڇڙي جي قبضي ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 هاڻ اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين ايشور جا ٻار آهيون، جڏهن تہ سڄو سنسار شيطان جي قبضي ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 هاڻ اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا ٻار آهيون، جڏهن تہ سڄي دنيا شيطان جي قبضي ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 5:19
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شيطان چيس تہ ”آءٌ تو کي انھن سڀني جي حڪومت ۽ شان وَ شوڪت ڏيندس ڇوتہ اھو مون تي ڇڏيل آھي تہ جنھن کي چاھيان تنھن کي ڏيان.


ھي اھو وقت آھي جو دنيا جو فيصلو ٿيندو. ھاڻي ھن دنيا جي سردار کي لوڌي ڪڍيو ويندو.


ھن کان پوءِ آءٌ اوھان سان وڌيڪ نہ ڳالھائيندس، ڇالاءِ⁠جو ھن دنيا جو سردار اچي رھيو آھي. ھن جو مون تي ڪوبہ اختيار نہ آھي.


۽ انصاف جي نسبت ھيئن جو دنيا جي سردار جو فيصلو ٿي چڪو آھي.


منھنجي دعا اھا نہ آھي تہ تون کين دنيا مان کڻي وٺ، پر اھا دعا آھي تہ کين انھيءَ بڇڙي کان بچاءِ.


اھو روح پاڻ اسان جي روح سان گڏ شاھدي ٿو ڏئي تہ اسين خدا جا ٻار آھيون.


اسان کي فخر آھي تہ اسان جو ضمير اسان کي پڪ ٿو ڏئي تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوھان سان جيڪو ورتاءُ ڪيو آھي، سو پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان آھي. اھو سڀ ڪجھہ خدا جي طرفان آھي. اسان ائين دنياوي ڏاھپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آھي.


اھي ايمان نہ ٿا آڻين، ڇالاءِ⁠تہ جنھن کي ھن زماني جا ماڻھو خدا ڪري مڃين ٿا ان خدا، يعني شيطان انھن جي عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آھي. ھو نہ ٿو چاھي تہ مسيح جيڪو خدا جي صورت آھي، تنھن جي جلال جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني انھن تي پوي.


ڇالاءِ⁠جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪڏھن اسان جو جسم جيڪو جھوپڙيءَ جھڙو ڪچو گھر آھي، ڊاھيو ويندو تہ اسان کي خدا کان آسمان تي ھڪڙو پڪو گھر ملندو. اھو ھٿن سان جوڙيل نہ آھي، بلڪ ھميشہ قائم رھندڙ آھي.


مسيح اسان جي گناھن جي لاءِ پنھنجو پاڻ ڏيئي ڇڏيو، تہ جيئن ھو اسان کي ھن ھاڻوڪي خراب زماني مان اسان جي خدا ۽ پيءُ جي مرضيءَ موجب آزاد ڪري.


انھيءَ وقت اوھين دنيا جي دستور موجب ھلندا ھئا ۽ ھوا ۾ اختياري ھلائيندڙ حڪمران، يعني شيطان جا پوئلڳ ھئا. ھيءُ اھو ئي روح آھي، جيڪو ھاڻي انھن ماڻھن تي حڪومت ڪري ٿو جيڪي خدا جا نافرمان آھن.


انھيءَ سبب ڪري ئي آءٌ ھي ڏک بہ ٿو سھان. تنھن ھوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن تي مون ايمان آندو آھي، تنھن کي آءٌ سڃاڻان ٿو. مون کي يقين آھي تہ جيڪي ڪجھہ ھن منھنجي حوالي ڪيو آھي، تنھن جي ھو انھيءَ ڏينھن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي.


ڇالاءِ⁠جو اسين بہ ڪنھن وقت نادان، نافرمان، گمراھہ ۽ طرح طرح جي نفساني خواھشن ۽ عياشين جا غلام ھئاسين. اسين بغض ۽ حسد جي حالت ۾ گذاريندا ھئاسين، نفرت جي لائق ھئاسين ۽ ھڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا ھئاسين.


اي بي⁠وفا انسانو! ڇا اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آھي؟ تنھنڪري جيڪو ماڻھو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو بڻائي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيا آھيون، ڇالاءِ⁠جو اسين پنھنجن ڀائرن سان پيار ڪريون ٿا. جيڪو پيار نہ ٿو ڪري سو موت جي حالت ۾ آھي.


جيڪي خدا جي حڪمن تي عمل ڪن ٿا، سي منجھس رھن ٿا ۽ ھو انھن ۾ رھي ٿو. اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا اسان ۾ رھي ٿو. اھو اسين انھيءَ ڪري ڄاڻون ٿا تہ ھن اسان کي پاڪ روح ڏنو آھي.


جيڪو خدا جي فرزند تي ايمان آڻي ٿو، تنھن جي دل ۾ اھا شاھدي موجود آھي. جيڪو خدا تي ايمان نہ ٿو آڻي سو کيس ڪوڙو ٿو ڪري، ڇالاءِ⁠جو ھن انھيءَ شاھديءَ تي ايمان نہ آندو آھي، جيڪا خدا پنھنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آھي.


اوھين جيڪي خدا جي فرزند جي نالي تي ايمان آڻيو ٿا، تن ڏانھن مون ھي ڳالھيون انھيءَ لاءِ لکيون آھن تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ اوھان کي دائمي زندگي مليل آھي.


جيڪڏھن اسان کي خبر آھي تہ ھو اسان جي ٻڌي ٿو، تہ پوءِ اسين اھو بہ ڄاڻون ٿا تہ جيڪو بہ اسان کانئس گھريو آھي سو اسان کي مليو آھي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جنھن کي پنھنجو ٻار بڻايو آھي، سو گناھہ نہ ڪندو آھي، ڇالاءِ⁠جو خدا جو فرزند سندس حفاظت ڪري ٿو ۽ شيطان کيس ھٿ بہ لائي نہ ٿو سگھي.


اسين اھو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آھي. ھن اسان کي سمجھہ بخشي آھي تہ اسين انھيءَ خدا کي سڃاڻون جيڪو حق آھي ۽ اسين انھيءَ حقيقي خدا جا آھيون، تھڙيءَ ئي طرح سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل پڻ آھيون. اھو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آھي.


اھو وڏو ازدھا يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس ۽ شيطان بہ سڏبو آھي ۽ جيڪو ساري جھان کي گمراھہ ٿو ڪري، سو زمين تي اڇلايو ويو ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ ھيٺ اڇلايا ويا.


ھُن کيس انھيءَ اوڙاھہ ۾ اڇلائي اُتي بند ڪري ڇڏيو ۽ مٿس مُھر ھڻي ڇڏيائين، تہ جيئن ھزار سالن جي پوري ٿيڻ تائين قومن کي وري گمراھہ نہ ڪري. انھيءَ کان پوءِ ضروري آھي تہ کيس ٿوري وقت لاءِ ڇوڙيو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ