Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 5:10 - Common Language New Testament

10 جيڪو خدا جي فرزند تي ايمان آڻي ٿو، تنھن جي دل ۾ اھا شاھدي موجود آھي. جيڪو خدا تي ايمان نہ ٿو آڻي سو کيس ڪوڙو ٿو ڪري، ڇالاءِ⁠جو ھن انھيءَ شاھديءَ تي ايمان نہ آندو آھي، جيڪا خدا پنھنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 جيڪو خدا جي فرزند تي ايمان ٿو آڻي، تنهن ۾ شاهدي موجود آهي: جيڪو خدا تي ايمان نٿو آڻي تنهن هن کي ڪوڙو ڪيو آهي؛ ڇالاءِ تہ جيڪا شاهدي خدا پنهنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آهي، تنهن تي ايمان نہ آندو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 جيڪو ايشور جي پٽ تي وشواس رکي ٿو، سو دل سان اها شاهدي قبول ڪري ٿو. پر جيڪو انهيءَ کي قبول نہ ٿو ڪري سو ڄڻ تہ ايشور کي ڪوڙو ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ هو ايشور جي انهيءَ شاهديءَ تي يقين نہ ٿو ڪري، جيڪا سندس پٽ جي حق ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 جيڪو خدا جي فرزند تي ايمان رکي ٿو، سو دل سان اها شاهدي قبول ڪري ٿو. پر جيڪو انهيءَ کي قبول نہ ٿو ڪري سو ڄڻ تہ خدا کي ڪوڙو ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ هو خدا جي انهيءَ شاهديءَ تي يقين نہ ٿو ڪري، جيڪا سندس فرزند جي حق ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 5:10
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو ھن پنھنجو ھڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي.


جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنھن کي سزا نہ ٿي ملي، پر جيڪو ايمان نہ ٿو آڻي تنھن کي تہ سزا اڳي ئي ملي چڪي آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن خدا جي اڪيلي فرزند تي ايمان نہ آندو.


جنھن بہ ماڻھوءَ اھا شاھدي قبول ڪئي، تنھن ڄڻ اھا تصديق ڪئي تہ خدا سچو آھي.


نڪي وري ھن جي ڪلام کي دل ۾ جاءِ ٿا ڏيو، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن کي ھن موڪليو آھي تنھن کي اوھين قبول ئي نہ ٿا ڪريو.


اھو روح پاڻ اسان جي روح سان گڏ شاھدي ٿو ڏئي تہ اسين خدا جا ٻار آھيون.


پر منھنجي چوڻ جو مطلب ھي آھي تہ وارث جيستائين ٻار آھي، جيتوڻيڪ ھو ھر شيءِ جو مالڪ آھي، تنھن ھوندي بہ انھيءَ ۾ ۽ غلام ۾ ڪوبہ فرق ڪونھي.


جيئن تہ اوھين خدا جا ٻار آھيو، تنھنڪري خدا پنھنجي فرزند جو روح اوھان جي دلين ۾ بہ موڪليو آھي. اھو روح ”اي منھنجا بابا!“ چئي پڪاري ٿو.


ڇالاءِ⁠جو اوھين مري ويا آھيو ۽ اوھان جي زندگي ھاڻي مسيح سان گڏ خدا جي حضور ۾ لڪل آھي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خبردار رھجو، متان اوھان مان ڪنھن جي دل بڇڙي ۽ منڪر ٿي زندہ خدا کان ڦري نہ وڃي.


اھڙيءَ طرح اسان وٽ جيڪو نبين جو ڪلام آھي، سو وڌيڪ اعتقاد جوڳو آھي. اوھين چڱو ٿا ڪريو جو انھيءَ تي ڌيان ٿا ڏيو، ڇالاءِ⁠جو اھو ھڪ ڏيئي وانگر آھي جيڪو اونداھيءَ جاءِ ۾ تيستائين روشني پيو ڪري، جيستائين پرھہ ڦٽي ۽ صبح جو تارو اوھان جي دلين ۾ چمڪي.


جيڪڏھن اسين چئون تہ اسان گناھہ ڪونہ ڪيو آھي، تڏھن اسين ڄڻ خدا کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ اسان ۾ سندس ڪلام موجود نہ آھي.


جنھن کي اھو يقين آھي تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي، سو خدا جو ٻار آھي ۽ جيڪو پيءُ سان پيار ٿو ڪري، سو سندس ٻار سان بہ پيار ٿو ڪري.


ازدھا کي عورت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. تنھنڪري ھو عورت جي باقي اولاد سان جنگ ڪرڻ لاءِ ھليو ويو، يعني انھن سان جيڪي خدا جي حڪمن تي ٿي ھليا ۽ عيسيٰ جي شاھدي ٿي ڏنائون.


جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ ھڪڙو تجليدار پٿر بہ ڏيندوسانس. انھيءَ پٿر تي ھڪڙو نئون نالو لکيل ھوندو، جنھن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو سواءِ انھيءَ جي جنھن کي ملندو.“


آءٌ ھن کي صبح جو چمڪندڙ تارو ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ