Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 4:10 - Common Language New Testament

10 پيار اھو نہ آھي تہ اسان خدا کي پيار ڪيو، پر ھي آھي تہ خدا اسان کي پيار ڪيو ۽ پنھنجي فرزند جي قرباني ڏنائين، جيڪا اسان جا گناھہ کڻي وڃي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 پيار هن ۾ نہ آهي تہ اسان خدا کي پيار ڪيو، پر انهي ۾ آهي تہ هن اسان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي گناهن جي ڪفاري لاءِ پنهنجي فرزند کي موڪليائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 پيار اهو نہ آهي تہ اسين ايشور سان پيار ڪريون ٿا، پر هي آهي تہ ايشور اسان سان پيار ڪندي پنهنجي پٽ کي اسان جي پاپن جو ڪفارو ڏيڻ واري ٻليدان طور موڪليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 پيار اهو نہ آهي تہ اسين خدا سان پيار ڪريون ٿا، پر هي آهي تہ خدا اسان سان پيار ڪندي پنهنجي فرزند کي اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيڻ واري قربانيءَ طور موڪليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 4:10
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوھان کي ھڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ ھڪٻئي سان پيار ڪريو. جيئن مون اوھان سان پيار ڪيو آھي، تيئن اوھان کي بہ ھڪٻئي سان پيار ڪرڻ گھرجي.


اوھان مون کي ڪين چونڊيو آھي، بلڪ مون اوھان کي چونڊيو آھي ۽ انھيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اھڙو ميوو جھليو جيڪو ھميشہ ھلي. پوءِ اوھين پيءُ کان منھنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو ھو اوھان کي ڏيندو.


ڇالاءِ⁠جو خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو ھن پنھنجو ھڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي.


آءٌ اھا زندہ ماني آھيان جيڪا آسمان مان نازل ٿي آھي. جيڪڏھن ڪو ھن مانيءَ مان کائيندو تہ اھو ھميشہ زندہ رھندو. جيڪا ماني آءٌ ڏيندس سا منھنجو جسم آھي، جيڪو آءٌ ڏيان ٿو تہ جيئن ھن دنيا کي زندگي ملي.“


تنھنڪري اھو ضروري ھو تہ ھو ھر طرح پنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر ٿئي، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ ھو اھڙو وڏو سردار ڪاھن ٿئي، جيڪو رحمدل ۽ وفادار ھجي ۽ ماڻھن جي گناھن جو ڪفارو ادا ڪري.


ھو پاڻ اسان جا گناھہ پنھنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙھيو، انھيءَ لاءِ تہ اسين گناھن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي خاطر جيئون. ھن جي مار کائي زخمي ٿيڻ جي ڪري اوھين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


تنھنڪري مسيح بہ ھڪڙي ئي ڀيري اوھان جي گناھن جي ڪري مئو يعني سچار گنھگارن لاءِ، انھيءَ لاءِ تہ اوھان کي خدا تائين پھچائي. ھو جسم جي اعتبار کان تہ ماريو ويو، پر روح جي اعتبار کان جيئرو ڪيو ويو.


مسيح پاڻ اھڙي قرباني آھي، جيڪا اسان جا گناھہ کڻي وڃي ٿي، نہ رڳو اسان جا پر سڄي جھان جا گناھہ.


ڏسو، پيءُ جو اسان سان ڪيترو نہ پيار آھي. ھن جو اسان سان ايترو تہ پيار آھي جو اسين خدا جا ٻار ٿا سڏجون ۽ حقيقت ۾ اسين آھيون بہ. اِھو ئي سبب آھي جو دنيا اسان کي نہ ٿي سڃاڻي، ڇالاءِ⁠جو ھن کيس بہ نہ سڃاتو آھي.


اسين پيار انھيءَ لاءِ ٿا ڪريون، جو پھريائين خدا اسان سان پيار ڪيو آھي.


اھا شاھدي ھيءَ آھي تہ خدا اسان کي دائمي زندگي ڏني آھي ۽ اھا زندگي خدا جي فرزند جي وسيلي آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ