Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 3:4 - Common Language New Testament

4 جيڪوبہ گناھہ ڪري ٿو سو خدا جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو ڏوھدار آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ گناھہ خدا جي قانون جي ڀڃڪڙي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 جيڪو گناهہ ٿو ڪري سو بي شرع ڪم ٿو ڪري؛ ۽ گناهہ شرع جي برخلاف آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 جيڪو بہ پاپ ڪري ٿو سو ايشور جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري. هائو، پاپ ايشور جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جيڪو بہ گناهہ ڪري ٿو سو خدا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري. هائو، گناهہ خدا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 3:4
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھنڪري جيڪو ڪنھن ننڍڙي حڪم جي بہ ڀڃڪڙي ڪندو ۽ ٻين ماڻھن کي بہ ائين ڪرڻ سيکاريندو، سو آسمان واري بادشاھت ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انھن تي عمل ڪندو ۽ ٻين کي بہ ائين ئي ڪرڻ سيکاريندو تہ اھو آسمان واري بادشاھت ۾ وڏو سڏبو.


تڏھن پولس ھن کي چيو تہ ”خدا يقيناً تو کي بہ ڌڪ ھڻندو اي اندر ڪارا! ڇا تون منھنجو فيصلو شريعت موجب ٿو ڪرين؟ نہ، تون تہ شريعت جي خلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏئين.“


مطلب تہ شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ڪوبہ ماڻھو خدا ڏانھن سچار ٿي نہ ٿو سگھي. شريعت جي وسيلي تہ رڳو کيس گناھن جي خبر پوي ٿي.


شريعت خدا جو غضب پيدا ڪري ٿي، پر جتي شريعت ئي نہ آھي تہ اُتي سندس حڪمن جي ڀڃڪڙي بہ نہ آھي.


آءٌ ڊڄان ٿو تہ جڏھن آءٌ وري اوھان وٽ اچان تہ متان منھنجو خدا مون کي اوھان جي اڳيان شرمندو ڪري. متان مون کي اھڙن گھڻن ماڻھن جي ڪري افسوس ڪرڻو پوي جن ھيستائين ناپاڪيءَ، زناڪاريءَ ۽ فحاشيءَ وارا ڪم ڪري گناھہ پئي ڪيا آھن ۽ انھن کان توبھہ نہ ڪئي اٿن.


اھڙي دعا جيڪا ايمان سان گھري ويندي، سا بيمار کي شفا ڏيندي ۽ خداوند انھيءَ کي اٿاري کڙو ڪندو. جيڪڏھن ھن گناھہ ڪيا ھوندا تہ کيس انھن جي بہ معافي ملندي.


سڀڪا بڇڙائي گناھہ آھي، پر اھڙو بہ گناھہ آھي جنھن جو نتيجو موت نہ آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ