Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 3:20 - Common Language New Testament

20 خاص ڪري انھن ڳالھين ۾ جن ۾ اسان جي دل اسان کي ملامت ڪري ٿي، ڇالاءِ⁠جو خدا اسان جي دلين کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو ۽ کيس سڀني ڳالھين جي خبر آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 خاص ڪري انهن ڳالهين ۾ جن ۾ اسان جي دل اسان کي ڏوهہ ٿي ڏئي. ڇالاءِ جو خدا اسان جي دل کان وڏو آهي، ۽ سڀني ڳالهين جي خبر اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 3:20
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وري ٽيون دفعو ھن چيس تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنھن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇالاءِ⁠جو ھن ٽيون دفعو کيس چيو ھو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو.“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! تو کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو تہ آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منھنجين رڍن کي وڃي چار.


جڏھن انھن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن انھن مان پھريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا ھڪڙو ھڪڙو ٿي ھليا ويا. پوءِ رڳو عيسيٰ اڪيلو وڃي رھيو ۽ اھا عورت بيٺي رھي.


جڏھن ڪائونسل جي ماڻھن اھو ٻڌو تہ اھي ايترا تہ ڪاوڙيا جو رسولن کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا.


پوءِ ڪير آھي جو اسان کي ڏوھدار بڻائيندو؟ جڏھن تہ عيسيٰ مسيح خود اسان جي خاطر مئو، بلڪ مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو. ھو خدا جي ساڄي پاسي آھي ۽ اسان جي شفاعت پيو ڪري.


ڇالاءِ⁠جو منھنجو ضمير مون تي ڪا ملامت نہ ٿو ڪري. تنھن ھوندي بہ ان مان اھو ثابت نہ آھي تہ آءٌ ڪو سچ⁠پچ بي⁠ڏوھي آھيان. مون کي جاچڻ وارو تہ خداوند ئي آھي.


تون ڄاڻي ڇڏ تہ اھڙو ماڻھو بگڙيل ۽ گنھگار آھي ۽ پاڻ کي ڏوھي ٿو ٺھرائي.


ڪابہ خلقيل شيءِ خدا کان لڪل ڪانھي، بلڪ جنھن کي اسين حساب ڏينداسين تنھن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کليل آھن.


خدا جڏھن ابراھيم سان واعدو ڪيو تڏھن ھن پنھنجو ئي قسم کنيو، ڇالاءِ⁠جو کانئس وڏو ڪوبہ نہ ھو.


انھيءَ مان اسان کي خبر پوندي تہ اسين حق تي آھيون ۽ خدا جي حضور ۾ اسان جي دل کي خاطري ٿيندي.


اي پيارا عزيزو! جيڪڏھن اسان جون دليون اسان کي ملامت نہ ٿيون ڪن، تہ پوءِ خدا جي آڏو اسين ھمت ڪري سگھون ٿا.


پيارا ٻارؤ! اوھين خدا جا آھيو ۽ انھن نبي سڏائيندڙن تي فتحياب ٿيا آھيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اوھان ۾ آھي سو انھيءَ کان وڌيڪ طاقتور آھي جيڪو دنيا ۾ آھي.


آءٌ انھيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀني ڪليسيائن کي خبر پوندي تہ آءٌ اھو آھيان جيڪو اندر جا خيال ۽ دلين جا راز ڄاڻيان ٿو. آءٌ اوھان مان ھر ھڪ کي سندس ڪمن جو اجر ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ