Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 3:12 - Common Language New Testament

12 اوھين قابيل وانگر نہ ٿجو، جيڪو شيطان جو ھو ۽ پنھنجي ڀاءُ جو خون ڪيائين. ھن پنھنجي ڀاءُ جو خون ڇو ڪيو؟ ڇاڪاڻ⁠تہ قابيل جا ڪم بڇڙا ھئا پر سندس ڀاءُ جا ڪم نيڪ ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 نہ قائن وانگر، جو انهي بڇڙي مان هو، ۽ پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيائين. ۽ هن ڇو انهي کي قتل ڪيو؟ ڇالاءِ جو سندس ڪم برا هئا، ۽ سندس ڀاءُ جا ڪم راستبازيءَ جا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 اوهين قائن وانگر نہ ٿجو، جيڪو شيطان جي ٽولي مان هو ۽ پنهنجي ڀاءُ جو خون ڪيائين. قائن پنهنجي ڀاءُ جو خون ڇو ڪيو؟ انهيءَ ڪري جو قائن جا ڪم بڇڙا هئا، جڏهن تہ سندس ڀاءُ جا ڪم سچائيءَ وارا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اوهين قابيل وانگر نہ ٿجو، جيڪو ابليس جي ٽولي مان هو ۽ پنهنجي ڀاءُ جو خون ڪيائين. قابيل پنهنجي ڀاءُ جو خون ڇو ڪيو؟ انهيءَ ڪري جو قابيل جا ڪم بڇڙا هئا، جڏهن تہ سندس ڀاءُ جا ڪم سچائيءَ وارا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 3:12
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُھي جيڪي بادشاھت جو ڪلام ٻڌن ٿا پر سمجھن نہ ٿا، سي انھيءَ رستي مثل آھن جتي داڻا ڪريا. شيطان اچي انھن جي دل مان اُھي پوکيل داڻا ڪڍي ٿو وٺي.


۽ ٻني ھيءَ دنيا آھي. سٺو ٻج اھي ماڻھو آھن جيڪي بادشاھت سان واسطو رکن ٿا ۽ ڪانڊيرا اھي ماڻھو آھن جيڪي شيطان سان واسطو رکن ٿا.


انھيءَ ڪري سڀني نيڪن جو خون جيڪو زمين تي وھايو ويو ھو، سو توھان جي ڳچيءَ ۾ پوندو يعني تہ نيڪ ھابيل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪريا جي خون تائين، جنھن کي اوھان مقدس جاءِ ۽ قربان⁠گاھہ جي وچ ۾ ماريو ھو.


تنھن تي پلاطس پڇين تہ ”ڇو، ھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آھي؟“ پر ھنن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪيون تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“


پر رڳو ’ھا‘ يا ’نہ‘ چئو، ان کان وڌيڪ چوڻ شيطاني آھي.“


مطلب تہ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھابيل جي خون کان وٺي ذڪريا جي خون تائين، جيڪو قربان⁠گاھہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو ويو ھو، تن سڀني جي خون جو حساب ھن زماني جي پيڙھيءَ کان ورتو ويندو.


عيسيٰ کين چيو تہ ”مون پيءُ جي پاران ڪيترائي چڱا ڪم اوھان کي ڪري ڏيکاريا آھن. انھن مان ڪھڙي ڪم جي ڪري اوھين مون کي سنگسار ڪريو ٿا؟“


پر اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، جنھن اوھان کي سچ ٻڌايو آھي. مون اھو ئي ٻڌايو آھي جيڪو مون خدا کان ٻڌو آھي. ابراھيم تہ اھڙو ڪم ڪونہ ڪيو ھو.


اوھين اھي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوھان جي پيءُ ڪيا آھن.“ تڏھن انھن وراڻيو تہ ”اسان جو پيءُ تہ رڳو خدا آھي ۽ اسين سندس ئي حقيقي اولاد آھيون.“


اھو ڪھڙو نبي ھو جنھن کي اوھان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ھنن انھن کي بہ مارايو، جن انھيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ ھاڻي اوھان پاڻ انھيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آھي.


ڇالاءِ⁠جو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين خدا جي انھن ڪليسيائن جا پوئلڳ ٿيا، جيڪي يھوديہ ۾ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھن. اوھان بہ پنھنجي ھم⁠وطن ماڻھن کان ساڳيون ئي تڪليفون سٺيون، جھڙيون انھن ڪليسيائن يھودين کان سٺيون ھيون.


ايمان جي ڪري ئي ھابيل خدا وٽ قابيل کان وڌيڪ سٺي قرباني چاڙھي. انھيءَ جي ئي ڪري خدا سندس نذرانو قبول ڪري ظاھر ڪيو تہ ھو سچار ھو. جيتوڻيڪ ھو مري ويو آھي تہ بہ ايمان جي ئي وسيلي اڃا تائين ڳالھائي پيو.


اوھين نئين عھد جي وچ واري عيسيٰ وٽ ۽ انھيءَ ڇٽڪاريل رت وٽ آيا آھيو، جيڪو ھابيل جي رت کان بھتر ڳالھيون ٿو ڪري.


انھن کي عجب ٿو لڳي تہ ھاڻي اوھين سندن اھڙي سخت بدچاليءَ جي ڊوڙ ۾ ساڻن شامل ڇو نہ ٿا ٿيو، تنھنڪري ھو اوھان جي گلا ٿا ڪن.


جيڪو گناھہ ڪري ٿو سو شيطان مان آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ شيطان شروع کان وٺي گناھہ ڪندو ٿو اچي. خدا جو فرزند انھيءَ لاءِ ظاھر ٿيو تہ جيئن شيطان جي ڪمن کي ناس ڪري.


افسوس آھي انھن تي! ڇالاءِ⁠جو ھو قابيل جي واٽ تي ھليا، نفعي جي خاطر بلعام جھڙي گمراھيءَ ۾ ڪاھي پيا ۽ قوراہ وانگر بغاوت ڪري برباد ٿيا.


مون انھيءَ عورت کي خدا جي قوم وارن جي رت ۽ عيسيٰ جي شھيدن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو. آءٌ انھيءَ عورت کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ