Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 2:9 - Common Language New Testament

9 جيڪو دعويٰ ٿو ڪري تہ ”آءٌ روشنيءَ ۾ آھيان.“ پر پنھنجي ھم⁠ايمان سان دشمني ٿو ڪري، سو اڃا تائين اونداھيءَ ۾ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 جيڪو چوي ٿو تہ آئون سوجهري ۾ آهيان، پر پنهنجي ڀاءُ سان دشمني ٿو ڪري، سو اڃا تائين اوندهہ ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 جيڪو دعويٰ ٿو ڪري تہ ”آءٌ روشنيءَ ۾ آهيان،“ پر پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان نفرت ٿو ڪري، سو اڃا تائين اونداهيءَ ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جيڪو دعويٰ ٿو ڪري تہ ”آءٌ روشنيءَ ۾ آهيان،“ پر پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان نفرت ٿو ڪري، سو اڃا تائين اونداهيءَ ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 2:9
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ کين چيو تہ ”جيڪڏھن اوھين انڌا ھجو ھا تہ اوھان تي ڪو ڏوھہ نہ ٿئي ھا. پر ھاڻي تہ اوھين پاڻ چئو ٿا تہ ’اسين ڏسون ٿا،‘ سو اوھان تي ڏوھہ ثابت آھي.“


ھڪڙي ڏينھن جڏھن اٽڪل ھڪ ⁠سؤ ويھہ ڄڻا اچي گڏ ٿيا، تڏھن پطرس ڀائرن جي وچ ۾ اٿي بيٺو ۽ چيائين تہ


پر جنھن ماڻھوءَ ۾ اھي خوبيون نہ آھن، سو ڪوتاھہ نظر بلڪ انڌو آھي. ھو پنھنجن اڳوڻن گناھن جي ڌوپي صاف ٿيڻ واري ڳالھہ کي وساري ويٺو آھي.


پوءِ جيڪڏھن اسان جي خدا سان صحبت آھي ۽ ھلون وري اوندھہ ۾، تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالھايون ۽ سچ تي عمل نہ ٿا ڪريون.


پر جيڪو پنھنجي ھم⁠ايمان سان دشمني ٿو ڪري، سو اوندھہ ۾ آھي ۽ اوندھہ ۾ گھمي ٿو. کيس خبر نہ آھي تہ ڪيڏانھن ٿو وڃان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوندھہ سندس اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو آھي.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو چوي تہ ”آءٌ خدا کي سڃاڻان ٿو،“ پر سندس حڪمن تي عمل نہ ٿو ڪري تہ اھو شخص ڪوڙو آھي ۽ ھن ۾ سچائي اصل ڪانہ آھي.


انھيءَ مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ ڪير خدا جا ۽ ڪير شيطان جا ٻار آھن، ڇالاءِ⁠جو جيڪو سچائي نہ ٿو ڪري سو خدا جو ٻار نہ آھي ۽ نڪي اھو جيڪو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو چوي تہ ”آءٌ خدا سان پيار ٿو ڪريان،“ پر ھو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري جنھن کي ھن ڏٺو آھي، سو خدا سان پيار ڪين ڪري سگھندو، جنھن کي ھن ڏٺو ئي ڪينھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ