Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 2:7 - Common Language New Testament

7 پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان ڏانھن ڪو نئون حڪم نہ پر اھو پراڻو حڪم لکان ٿو، جيڪو شروعات کان وٺي اوھان وٽ ھو. ھي پراڻو حڪم اھو پيغام آھي، جيڪو اوھين ٻڌي چڪا آھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 اي پيارو، آئون اوهان ڏانهن ڪو نئون حڪم نٿو لکان، پر اهو ئي اڳيون حڪم جو شروعات کان وٺي اوهان کي مليو هو: اڳيون حڪم اهو ئي ڪلام آهي جو اوهان شروع کان ٻُڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 اي پريميؤ! آءٌ اوهان ڏانهن ڪو نئون حڪم نہ پر اهو پراڻو حڪم لکان ٿو، جيڪو شروع کان وٺي اوهان کي مليل آهي. هي پراڻو حڪم هڪٻئي سان پيار وارو اهو ئي سنديش آهي، جيڪو اوهين ٻڌي چڪا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اي عزيزؤ! آءٌ اوهان ڏانهن ڪو نئون حڪم نہ پر اهو پراڻو حڪم لکان ٿو، جيڪو شروع کان وٺي اوهان کي مليل آهي. هي پراڻو حڪم هڪٻئي سان پيار وارو اهو ئي پيغام آهي، جيڪو اوهين ٻڌي چڪا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 2:7
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اوھان ٻڌو آھي تہ اھو چيو ويو ھو تہ ’پنھنجن دوستن سان پيار ڪر ۽ پنھنجن دشمنن کان نفرت ڪر.‘


آءٌ اوھان کي ھڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ ھڪٻئي سان پيار ڪريو. جيئن مون اوھان سان پيار ڪيو آھي، تيئن اوھان کي بہ ھڪٻئي سان پيار ڪرڻ گھرجي.


پوءِ ھو کيس اريوپگس نالي ھڪڙي جاءِ تي شھر جي ڪائونسل وٽ وٺي آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ٻڌاءِ تہ ھي ڪھڙي نئين تعليم آھي جيڪا تون ڏيئي رھيو آھين؟


پر اي عزيزو! جيتوڻيڪ اسين اھي ڳالھيون ڪريون ٿا، تڏھن بہ توھان جي باري ۾ بھترين ۽ ڇوٽڪاري سان لاڳو ٿيندڙ ڳالھين جو يقين ٿا رکون،


جيڪو ڪجھہ اوھان کي شروع ۾ ٻڌايو ويو آھي، سو اوھان جي دلين ۾ رھڻ گھرجي. جيڪڏھن اھو اوھان کي ياد رھيو تہ اوھين بہ پيءُ ۽ سندس فرزند ٻنھي سان گڏجي ھڪ ٿي ويندا.


جيڪو پيغام اوھان شروعات کان ٻڌو آھي، سو ھي آھي تہ اسان کي ھڪ ٻئي سان پيار ڪرڻ گھرجي.


پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ھاڻي اسين خدا جا ٻار آھيون ۽ اڃا اھا ڳالھہ ظاھر ڪانہ ٿي آھي تہ اسين ڇا ٿينداسين. پر ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏھن مسيح ظاھر ٿيندو تہ اسين بہ ھن جھڙا ٿي پونداسين، ڇالاءِ⁠جو اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن ھو حقيقت ۾ آھي.


اي پيارا عزيزو! جيڪڏھن اسان جون دليون اسان کي ملامت نہ ٿيون ڪن، تہ پوءِ خدا جي آڏو اسين ھمت ڪري سگھون ٿا.


ھن جو حڪم ھيءُ آھي تہ اسين سندس فرزند عيسيٰ مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون ۽ ھڪ ٻئي سان ائين پيار ڪريون جيئن ھن اسان کي حڪم ڏنو آھي.


اي عزيزو! سڀڪنھن روح تي يقين نہ ڪريو، پر روحن کي آزمائي ڏسو تہ اُھي خدا جي طرفان آھن يا نہ، ڇالاءِ⁠جو ڪيترائي اھڙا ماڻھو دنيا ۾ نڪري پيا آھن، جيڪي پاڻ کي نبي سڏائين ٿا.


اي عزيزو! جڏھن خدا ئي اسان سان اھڙو پيار ڪيو، تہ پوءِ اسان کي بہ گھرجي تہ ھڪ ٻئي سان پيار ڪريون.


جڏھن تہ مسيح جو اھو حڪم آھي تہ جيڪو خدا سان پيار ٿو ڪري تنھن کي پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان بہ پيار ڪرڻ گھرجي.


اي عزيزو! اچو تہ ھڪ ٻئي کي پيار ڪريون. ڇالاءِ⁠جو پيار خدا جي طرفان آھي ۽ جيڪو پيار ڪري ٿو، سو خدا جو ٻار آھي ۽ ھو خدا کي سڃاڻي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ