Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 2:21 - Common Language New Testament

21 مون اوھان ڏانھن ھن ڪري نہ لکيو آھي تہ اوھين ڪي سچ کان بي⁠خبر آھيو. اوھين تہ چڱيءَ طرح سچ کي ڄاڻو ٿا، پر مون انھيءَ لاءِ لکيو آھي تہ ڪوبہ ڪوڙ سچ مان نہ ٿو نڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 مون جو اوهان کي لکيو آهي سو هن ڪري نہ، تہ اوهان کي سچ جي خبر ڪانهي، پر هن ڪري تہ اوهان کي انهي جي خبر آهي، ۽ هن ڪري تہ سچ مان ڪو ڪوڙ نٿو نڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 مون اوهان ڏانهن هن ڪري نہ لکيو آهي تہ اوهين سچ کان اڻ‌ڄاڻ آهيو. پر انهيءَ لاءِ لکيو اٿم تہ اوهين سچ کي ڄاڻو ٿا ۽ هي بہ ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ ڪوڙ سچ مان نہ ٿو نڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 مون اوهان ڏانهن هن ڪري نہ لکيو آهي تہ اوهين سچ کان اڻ‌ڄاڻ آهيو. پر انهيءَ لاءِ لکيو اٿم تہ اوهين سچ کي ڄاڻو ٿا ۽ هي بہ ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ ڪوڙ سچ مان نہ ٿو نڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 2:21
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي پلاطس چيس تہ ”پوءِ ڇا تون بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو تہ آءٌ بادشاھہ آھيان. آءٌ انھيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ ھن دنيا ۾ آيس تہ رڳو سچ جي شاھدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آھي سو منھنجو آواز ٻڌي ٿو.“


اوھين پنھنجي پيءُ يعني شيطان جا فرزند آھيو ۽ پنھنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. شروعات کان وٺي ھو خوني ھو ۽ ھن ڪڏھن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن ۾ سچ نہ آھي. جڏھن ھو ڪوڙ ٿو ڳالھائي تہ پنھنجي طبيعت موجب ٿو ڳالھائي، ڇالاءِ⁠جو ھو ڪوڙو آھي ۽ ڪوڙ جو باني آھي.


اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اھا ڳالھہ ياد رکو تہ ھر ھڪ ماڻھو ٻڌڻ ۾ تکو، ڳالھائڻ ۾ ڍرو ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٿڌو ٿئي.


تنھنڪري آءٌ اوھان کي اھي ڳالھيون ھميشہ ياد ڏياريندو رھندس، جيتوڻيڪ اوھان کي انھن جي خبر آھي ۽ انھيءَ سچائيءَ تي مضبوطيءَ سان قائم آھيو، جيڪا اوھان کي مليل آھي.


انھيءَ مان اسان کي خبر پوندي تہ اسين حق تي آھيون ۽ خدا جي حضور ۾ اسان جي دل کي خاطري ٿيندي.


جيتوڻيڪ اوھين اڳي ئي اھو سڀ ڄاڻو ٿا، تنھن ھوندي بہ آءٌ اوھان کي ياد ڏيارڻ ٿو چاھيان تہ ڪيئن خداوند ھڪ قوم کي مصر ملڪ مان بچائي ورتو ۽ پوءِ وري جن ايمان نہ آندو تن کي تباھہ ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ