Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 2:16 - Common Language New Testament

16 ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي ڪجھہ دنيا جو آھي، يعني خراب انساني خواھش، نظر جو گناھہ، دنياوي مغروري، سي پيءُ جي طرفان نہ آھن پر دنيا جي طرفان آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ڇالاءِ جو جيڪي بہ دنيا ۾ آهي، يعني جسماني خواهش، ۽ اکين جي خواهش، ۽ حياتيءَ جي مغروري، سا پيءُ جي طرفان نہ آهي، پر دنيا جي طرفان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪي ڪجھہ سنسار جو آهي، يعني شرير جي خواهش، اکين جي خواهش ۽ سنساري وڏائي، سي پتا جي طرفان نہ آهن پر سنسار جي طرفان آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪي ڪجھہ دنيا جو آهي، يعني جسماني خواهش، اکين جي خواهش ۽ دنياوي مغروري، سي پيءُ جي طرفان نہ آهن پر دنيا جي طرفان آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 2:16
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وري شيطان عيسيٰ کي ھڪڙي اتانھين جبل تي وٺي ويو ۽ دنيا جون سڀيئي بادشاھتون ۽ سندن شان وَ شوڪت ڏيکاريائينس،


پر ھاڻي آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو ماڻھو ڪنھن عورت ڏانھن بري نگاھہ سان ٿو ڏسي سو پنھنجيءَ دل ۾ ان عورت سان زنا ڪري چڪو.


پوءِ شيطان کيس ھڪ مٿاھينءَ جاءِ تي وٺي ويو ۽ ھڪ پل ۾ دنيا جون مڙيئي بادشاھتون ڏيکاريائينس.


پر خداوند عيسيٰ مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪيو ۽ جسماني خواھشن جي پورائيءَ لاءِ خيال نہ پچايو.


ھي واقعا اسان جي لاءِ سبق آھن تہ جيئن اسين خراب شين جي خواھش نہ ڪريون، جھڙيءَ طرح انھن ٿي ڪئي.


ڇالاءِ⁠جو انساني فطرت پاڪ روح جي برخلاف خواھش ڪري ٿي ۽ پاڪ روح انساني فطرت جي برخلاف. ھي ٻئي ھڪٻئي جا دشمن آھن، انھيءَ ڪري جيڪي اوھين ڪرڻ چاھيو ٿا سو نہ ٿا ڪريو.


جيڪي عيسيٰ مسيح جا آھن، تن انساني فطرت کي ان جي لاڙن ۽ برين خواھشن سميت صليب تي چاڙھي ڇڏيو آھي.


ان وقت اسين سڀيئي بہ انھن سان گڏ پنھنجي انساني فطرت جي جسماني خواھشن موجب زندگي گذاريندا ھئاسين ۽ پنھنجي جسم ۽ دل جون خواھشون پوريون ڪندا ھئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين سڀني وانگر خدا جي ناراضپي جا حقدار ھئاسين.


اھو اسان کي سيکاري ٿو تہ بدڪاريءَ ۽ دنياوي خواھشن کان انڪار ڪري ھن موجودہ دنيا ۾ پرھيزگاريءَ، سچائيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون.


ڇالاءِ⁠جو اسين بہ ڪنھن وقت نادان، نافرمان، گمراھہ ۽ طرح طرح جي نفساني خواھشن ۽ عياشين جا غلام ھئاسين. اسين بغض ۽ حسد جي حالت ۾ گذاريندا ھئاسين، نفرت جي لائق ھئاسين ۽ ھڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا ھئاسين.


اھڙي ڏاھپ آسمان کان نہ ٿي اچي، بلڪ اھا دنياوي، جسماني ۽ شيطاني آھي.


پر ھاڻي اوھين پنھنجين ٻٽاڪن تي فخر ٿا ڪريو. اھڙو سمورو فخر برو آھي.


اوھين فرمانبردار ٻارن وانگر زندگي گذاريو. اھي بريون خواھشون اختيار نہ ڪريو، جيڪي اوھان جي جاھليت واري زماني ۾ اوھان منجھہ ھيون.


اي پيارا دوستو! آءٌ اوھان کي ھن دنيا ۾ پرديسي ۽ جلاوطن سمجھي منٿ ٿو ڪريان تہ انھن جسماني برين خواھشن کان پري رھو، جيڪي اوھان جي روح سان جنگ ٿيون جوٽين.


خاص ڪري انھن کي جيڪي جسم جي ناپاڪ خواھشن جي پيروي ٿا ڪن ۽ خدا جي اختياريءَ کي ڪين جھڙو ٿا ڄاڻن. اُھي اھڙا تہ گستاخ ۽ ھٺيلا آھن جو عظيم آسماني ھستين جي گلا ڪرڻ کان بہ نہ ٿا ڊڄن.


ڇالاءِ⁠جو اھي مغروريءَ جون نھايت بيھوديون ڳالھيون ڪري، شھوت⁠پرستيءَ جي وسيلي انھن ماڻھن کي جسماني خواھشن ۾ ڦاسائين ٿا، جيڪي گمراھہ ٿيل ماڻھن کان ھاڻي آزاد ٿيا آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ