Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 2:12 - Common Language New Testament

12 اي منھنجا پيارا ٻارؤ! آءٌ اوھان ڏانھن انھيءَ لاءِ ٿو لکان، جو مسيح جي نالي جي ڪري اوھان جا گناھہ معاف ڪيا ويا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، آئون اوهان ڏانهن هن ڪري ٿو لکان جو سندس نالي ڪري اوهان جا گناهہ معاف ڪيا ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 اي منهنجا پريميؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان جو مسيح جي نالي جي ڪري اوهان جا پاپ معاف ڪيا ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اي منهنجا عزيزؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان جو مسيح جي نالي جي ڪري اوهان جا گناهہ معاف ڪيا ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 2:12
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ھن جي نالي ۾ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين توبھہ ۽ گناھن جي بخشڻ جي تبليغ ضرور ڪئي وڃي.


جڏھن عيسيٰ انھن جو ايڏو ايمان ڏٺو تہ بيمار کي چيائين تہ ”ادا، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“


انھيءَ بابت سڀني نبين جي شاھدي آھي تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو، تنھن جا گناھہ سندس نالي جي وسيلي بخشيا ويندا.“


تنھنڪري اي ڀائرؤ! آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين ڄاڻي وٺو تہ عيسيٰ جي طرفان اوھان اڳيان گناھن جي بخشش جو اعلان ڪجي ٿو،


ڪنھن بہ ٻئي جي ھٿ ۾ ڇوٽڪارو نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو آسمان جي ھيٺان ماڻھن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونھي جنھن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ملي.“


اوھان مان ڪي اھڙا ئي ھئا. پر اوھين گناھن کان ڌوپجي ويا. اوھين پاڪ ڪيا ويا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۽ اسان جي خدا جي پاڪ روح جي وسيلي خدا ڏانھن سچار بڻايا ويا.


اسان کي مسيح جي رت جي وسيلي ڇوٽڪارو ملي ٿو، يعني اسان جا گناھہ معاف ڪيا وڃن ٿا.


ھڪ ٻئي تي مھربان ۽ نرم دل ٿيو ۽ جھڙيءَ طرح خدا مسيح جي وسيلي اوھان کي معاف ڪيو، تھڙيءَ طرح اوھين بہ ھڪ ٻئي کي معاف ڪندا رھو.


جنھن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو، يعني گناھن جي معافي ملي آھي.


ھي ڳالھيون اسين انھيءَ لاءِ لکي رھيا آھيون تہ جيئن اسان کي پوري پوري خوشي حاصل ٿئي.


پر جيڪڏھن اسين روشنيءَ ۾ ھلون ٿا، جيئن خدا پاڻ بہ روشنيءَ ۾ آھي، تہ پوءِ اسان جي ھڪ ٻئي سان صحبت آھي ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح جو رت اسان کي سڀني گناھن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.


پر جيڪڏھن اسين پنھنجا گناھہ باسينداسين تہ خدا پنھنجو واعدو پاڙيندو ۽ انصاف ڪري اسان جا گناھہ معاف ڪندو ۽ اسان کي ساري بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندو.


منھنجا پيارا ٻارو، آءٌ ھي اوھان ڏانھن انھيءَ لاءِ لکي رھيو آھيان، تہ جيئن اوھين گناھہ نہ ڪريو. پر جيڪڏھن ڪو شخص گناھہ ڪري ٿو تہ پيءُ وٽ اسان جو ھڪڙو مددگار موجود آھي يعني عيسيٰ مسيح، جيڪو انصاف ڪرڻ وارو آھي.


مون اوھان ڏانھن ھن ڪري نہ لکيو آھي تہ اوھين ڪي سچ کان بي⁠خبر آھيو. اوھين تہ چڱيءَ طرح سچ کي ڄاڻو ٿا، پر مون انھيءَ لاءِ لکيو آھي تہ ڪوبہ ڪوڙ سچ مان نہ ٿو نڪري.


پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان ڏانھن ڪو نئون حڪم نہ پر اھو پراڻو حڪم لکان ٿو، جيڪو شروعات کان وٺي اوھان وٽ ھو. ھي پراڻو حڪم اھو پيغام آھي، جيڪو اوھين ٻڌي چڪا آھيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ