Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 9:17 - Common Language New Testament

17 سو جيڪڏھن آءٌ پنھنجي مرضيءَ سان ائين ڪريان تہ انھيءَ جو اجورو مون کي ملندو. پر جيئن تہ آءٌ پنھنجي مرضيءَ کان سواءِ ٿو ڪريان، تہ پوءِ ڄڻ تہ اھا ھڪ ذميواري آھي جا مون کي سونپي ويئي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ڇالاءِ تہ جي آئون پنهنجي مرضيءَ سان ائين ٿو ڪريان تہ انهي جو مون کي اُجورو ٿو ملي، پر جي پنهنجي مرضيءَ کانسواءِ ٿو ڪريان تہ پوءِ اِها مختياري مون کي سونپيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 جيڪڏهن آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان پرچار ڪريان ها تہ پوءِ انهيءَ جي لاڀ جو حق بہ رکان ها. پر جيئن تہ منهنجي مرضيءَ کان وڌيڪ اها مون تي هڪ ذميواري آهي، جيڪا مون کي سونپي ويئي آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 جيڪڏهن آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان منادي ڪريان ها تہ پوءِ انهيءَ جي اجوري جو حق بہ رکان ها. پر جيئن تہ منهنجي مرضيءَ کان وڌيڪ اها مون تي هڪ ذميواري آهي، جيڪا مون کي سونپي ويئي آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 9:17
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو نبيءَ کي خدا جو نبي سمجھي قبول ٿو ڪري، تنھن کي نبيءَ جيترو اجر ملندو ۽ جيڪو نيڪ کي نيڪ سمجھي قبول ٿو ڪري، تنھن کي نيڪ جيترو اجر ملندو.


ڏسو، مون اڳ ۾ ئي اوھان کي اھو ٻڌائي ڇڏيو آھي.


خداوند جواب ۾ چيو تہ ”اوھان مان ڪير ايماندار ۽ سياڻو نوڪر آھي، جنھن کي سندس مالڪ پنھنجن نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو ھجي تہ انھن کي وقت تي کاڌو پاڻي پھچائي؟


جيڪو لابارو ڪري ٿو تنھن کي مزوري ملي ٿي ۽ دائمي زندگيءَ لاءِ فصل گڏ ڪري ٿو، تہ جيئن جنھن ماڻھوءَ پوکيو آھي ۽ جنھن لڻيو آھي سي ٻئي گڏجي خوشي ڪن.


جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو انھيءَ بنياد تي اڏيل ڪم جٽاءُ ڪندو تہ کيس ان جو اجورو ملندو.


پوکڻ وارو ۽ پاڻي ڏيڻ وارو ٻئي ھڪجھڙا آھن. ھر ڪنھن کي پنھنجي پورھئي آھر اجورو ملندو.


ماڻھن کي گھرجي تہ اسان کي مسيح جا خادم سمجھن، جن کي خدا جا راز سونپيا ويا آھن،


جيڪڏھن آءٌ خوشخبريءَ جي منادي ٿو ڪريان تہ اھا مون لاءِ ڪا فخر جي ڳالھہ ڪانھي، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ منھنجي لاءِ تمام ضروري آھي. جيڪڏھن آءٌ خوشخبريءَ جي منادي نہ ٿو ڪريان تہ منھنجي حال تي افسوس آھي.


تہ پوءِ منھنجو اجورو اھو آھي تہ جڏھن خوشخبريءَ جي منادي ڪريان، تڏھن اھا مفت ٻڌايان ۽ خوشخبريءَ جي ٻڌائڻ ۾ جيڪي منھنجا حق آھن سي پوريءَ طرح ڪم نہ آڻيان.


ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ڏيڻ جي نيت ھوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنھن ماڻھوءَ وٽ ھوندو تنھن موجب سندس نذرانو خدا قبول ڪندو، نہ انھيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آھي.


ان جي برعڪس انھن ڏٺو تہ خدا غير يھودين کي خوشخبري ٻڌائڻ جو ڪم منھنجي حوالي ڪيو آھي، جيئن ھن يھودين کي خوشخبري ٻڌائڻ جو ڪم پطرس جي حوالي ڪيو ھو.


آءٌ خدا جي ڏنل اختياريءَ موجب ڪليسيا جو خادم ٿيو آھيان، تہ جيئن خدا جي ڪلام کي اوھان وٽ پوريءَ طرح پيش ڪريان.


بلڪ جيئن خدا اسان کي قبول ڪري خوشخبري اسان جي حوالي ڪئي، تيئن ئي اسين بيان ٿا ڪريون. اسين ماڻھن کي نہ پر خدا کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي دلين کي آزمائي ٿو.


پر تنھنجي مرضيءَ جي ابتڙ مون ڪجھہ بہ ڪرڻ ڪين گھريو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن منھنجي مدد مجبوريءَ سان نہ، پر تنھنجي خوشيءَ سان ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ