Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 9:14 - Common Language New Testament

14 ساڳيءَ طرح خداوند حڪم ڏنو آھي تہ خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ وارن کي خوشخبريءَ جي وسيلي گذران ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 انهيءَ طرح خداوند بہ ائين ٺهرايو آهي، تہ جيڪي انجيل جي منادي ٿا ڪن، تن جو گذران انجيل جي ڪري ئي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 ساڳيءَ طرح پرڀو يسوع بہ اهو بندوبست ڪيو آهي تہ خوشخبريءَ جو پرچار ڪرڻ وارن کي خوشخبريءَ جي وسيلي گذران ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ساڳيءَ طرح خداوند عيسيٰ بہ اهو بندوبست ڪيو آهي تہ خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ وارن کي خوشخبريءَ جي وسيلي گذران ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 9:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سفر ۾ پاڻ سان نہ ٻاچڪو کڻجو، نڪي ٻہ ٻہ پھراڻ يا بوٽ ۽ نہ وري لٺ کڻجو، ڇالاءِ⁠جو مزور کي جيڪي گھربو سو کيس ملندو.


پوءِ انھيءَ ئي گھر ۾ ٽڪي پئجو، گھر گھر نہ ڦرجو. ھو جيڪي ڪجھہ اوھان کي ڏين سو کائجو ۽ پيئجو، ڇوتہ مزور پنھنجي مزوريءَ جو حقدار آھي.


جنھن جنھن شھر ۾ وڃو ۽ جي اتان جا ماڻھو اوھان کي قبول ڪن تہ جيڪي ڪجھہ اھي اوھان کي آڻي ڏين سو کائجو.


۽ جيئن تہ ٻنھي جو تنبن ٺاھڻ وارو ساڳيو ئي ڌنڌو ھو، تنھنڪري پولس انھن سان گڏ رھيو ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا.


جيتوڻيڪ مسيحي زندگيءَ ۾ اوھان جا ڏھہ ھزار استاد ھجن، پر اوھان جو پيءُ تہ رڳو ھڪڙو ئي آھي. ڇالاءِ⁠جو خوشخبريءَ جي وسيلي آءٌ ئي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان جو پيءُ ٿيس.


جيڪڏھن اسان اوھان ۾ روحاني شيون پوکيون آھن، تہ پوءِ اھا ڪا وڏي ڳالھہ ناھي جو اوھان مان اسين مادي شيون لڻون.


جيڪڏھن ٻيا اوھان جي حق مان حصو وٺن ٿا، تہ پوءِ اسان جو حق وڌيڪ نہ آھي ڇا؟ تنھن ھوندي بہ اسان اھو حق نہ ورتو. اٽلندو سڀ ڪجھہ سھندا رھون ٿا تہ متان عيسيٰ مسيح جي خوشخبري ڦھلائڻ ۾ ڪا رنڊڪ وجھون.


جيڪڏھن آءٌ خوشخبريءَ جي منادي ٿو ڪريان تہ اھا مون لاءِ ڪا فخر جي ڳالھہ ڪانھي، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ منھنجي لاءِ تمام ضروري آھي. جيڪڏھن آءٌ خوشخبريءَ جي منادي نہ ٿو ڪريان تہ منھنجي حال تي افسوس آھي.


اسان کي کائڻ پيئڻ جو حق نہ آھي ڇا؟


جڏھن آءٌ مسيح جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ تروآس ۾ آيس تہ خداوند جي طرفان مون لاءِ ھڪڙو در کلي پيو.


جيڪو پاڪ ڪلام جي تعليم حاصل ٿو ڪري، تنھن کي گھرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري.


ڇالاءِ⁠جو اسان جي خوشخبري اوھان وٽ نہ رڳو لفظي طور پر قدرت، پاڪ روح ۽ پوري يقين سان پھتي آھي. اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏھن اوھان وٽ ھئاسين تہ اوھان جي خاطر ڪھڙي زندگي گذاريسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ