Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 9:13 - Common Language New Testament

13 اوھان کي خبر ڪانھي ڇا تہ جيڪي ھيڪل ۾ ڪم ڪرڻ وارا آھن سي ھيڪل مان ٿا کائين ۽ جيڪي قربان⁠گاھہ جا خدمتگار آھن سي قربانيءَ مان ٿا حصو وٺن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 اوهان کي خبر ڪانهي ڇا تہ جيڪي هيڪل ۾ خدمت ٿا ڪن سي هيڪل جي شين مان ٿا کائين؛ ۽ جيڪي قربانگاهہ جي خدمت ٿا ڪن، تن کي قربانگاهہ مان حصو ٿو ملي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ جيڪي هيڪل ۾ ڪم ڪرڻ وارا آهن سي هيڪل مان ٿا کائين ۽ جيڪي ٻليدان واري جاءِ جا سيواداري آهن سي ٻليدان مان ٿا حصو وٺن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ جيڪي هيڪل ۾ ڪم ڪرڻ وارا آهن سي هيڪل مان ٿا کائين ۽ جيڪي قربان‌گاهہ جا خدمتگار آهن سي قربانيءَ مان ٿا حصو وٺن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 9:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوھان کي خبر آھي تہ جيڪڏھن اوھين غلامن وانگر ڪنھن جي تابعداري ڪريو ٿا تہ اوھين انھيءَ ماڻھوءَ جا غلام آھيو. ھاڻي جيڪڏھن اوھين گناھہ جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو موت آھي. پر جيڪڏھن خدا جي تابعداري ڪندا تہ ھو اوھان کي سچار ڪري قبول ڪندو.


يا وري بني اسرائيل تي نظر ڪريو. ڇا اھي قربانين کائڻ وارا قربان⁠گاھہ جي خدمت ۾ شريڪ نہ آھن؟


اوھان کي خبر ڪانھي ڇا تہ گوءِ جي ميدان تي ڊوڙندا تہ گھڻيئي آھن، پر انعام رڳو ھڪڙي کي ئي ملندو آھي؟ اوھين بہ ائين ئي ڊوڙو تہ جيئن انعام کٽو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ