Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 8:12 - Common Language New Testament

12 اھڙيءَ طرح جڏھن اوھين ڀائرن ۽ ڀينرن جو گناھہ ٿا ڪريو تہ سندن ڪمزور ضمير کي زخمي ٿا ڪريو. ائين اوھين مسيح جو گناھہ ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 انهيءَ طرح جڏهن اوهين ڀائرن جو گناهہ ٿا ڪريو، ۽ هنن جي ڪمزور دلين کي زخمي ٿا ڪريو، تڏهن اوهين مسيح جا گنهگار ٿا ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجي وشواسي ڀائرن ڀينرن جي ڪمزور ضمير کي زخمي ڪري سندن ڏوهي ٿا بڻجو ۽ ائين اوهين مسيح جا پاپي ٿا قرار ڏنا وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجي هم‌ايمان ڀائرن ڀينرن جي ڪمزور ضمير کي زخمي ڪري سندن ڏوهي ٿا بڻجو ۽ ائين اوهين مسيح جا گنهگار ٿا قرار ڏنا وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 8:12
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، متان ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي خسيس ڪري سمجھو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آسمان ۾ ھنن جا ملائڪ ھر وقت منھنجي آسمان واري پيءُ جي حضور ۾ حاضر رھن ٿا.


پوءِ پطرس عيسيٰ وٽ اچي پڇيو تہ ”خداوند، جيڪڏھن منھنجو ڪو ڀاءُ ڀيڻ منھنجو ڏوھہ ڪندو رھي تہ آءٌ کيس ڪيترا دفعا بخشي ڇڏيان؟ ڇا ست دفعا بخشي ڇڏيانس؟“


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”ھي ننڍڙا جن جو مون تي ايمان آھي، تن مان ڪنھن بہ ھڪ کي جيڪڏھن ڪو گمراھہ ڪندو، تنھن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو تہ کيس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پُڙ وجھي سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙيو وڃي.


بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان منھنجي ڪنھن گھٽ کان گھٽ ڀاءُ ڀيڻ سان بہ اھڙو ڪم ڪيو، تہ اھو ڄڻ اوھان مون سان ئي ڪيو.‘


تنھن تي بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان ڪنھن بہ گھٽ کان گھٽ ماڻھوءَ کي مدد کان انڪار ڪيو تہ ڄڻ اوھان منھنجي مدد کان انڪار ڪيو.


”ھي ننڍڙا ٻار جن جو مون تي ايمان آھي، تن مان ڪنھن ھڪ کي بہ جيڪڏھن ڪو گمراھہ ڪندو، تنھن لاءِ چڱو تہ ائين ٿيندو تہ پنھنجي ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پُڙ وجھي سمنڊ ۾ ٽپو ڏيئي ٻڏي مري.


ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي جيڪو گناھہ ڏانھن ڌُتاري ٿو، تنھن لاءِ چڱو ائين ٿيندو تہ پنھنجي ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پُڙ وجھي سمنڊ ۾ ٽپو ڏيئي ٻڏي مري.


کاڌي جي ڪري خدا جي ڪم کي برباد نہ ڪريو. بيشڪ سڀ شيون پاڪ آھن، پر جنھن شيءِ جي کائڻ ڪري ڪو ٻيو ماڻھو گمراھہ ٿئي ٿو تہ اھا شيءِ انھيءَ ماڻھوءَ لاءِ خراب آھي.


جيئن بدن ھڪ ۽ ان جا عضوا گھڻا آھن ۽ بدن جا سڀ عضوا جيتوڻيڪ گھڻا آھن پر تڏھن بہ گڏجي ھڪڙو ئي بدن ٺاھن ٿا، تيئن مسيح بہ آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ