Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 8:10 - Common Language New Testament

10 فرض ڪريو تہ ڪو ڪمزور سمجھہ وارو اوھان علم وارن مان ڪنھن کي بت⁠خاني ۾ بتن تي چاڙھيل قربانيءَ واريون شيون کائيندي ڏسندو، تہ ھو بہ انھن شين کائڻ ۾ نہ ھمتائبو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڪو، تو علم واري کي بُتن جي مندر ۾ ويهي بُتن تي چاڙهيل قربانيءَ جون شيون کائيندو ڏسي، تہ جي هن جو ايمان ڪمزور هوندو تہ هن جي دل ڪانہ ٿيندي تہ جيڪي شيون بُتن تي قربانيءَ طور چاڙهيل آهن سي هو بہ کائي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 فرض ڪريو تہ ڪو ڪمزور سمجھہ وارو اوهان ڄاڻ وارن مان ڪنهن کي بت‌خاني ۾ بتن تي ٻليدان ڪيل کاڌو کائيندو ڏسي، تہ هو بہ اهو کاڌو کائڻ ۾ نہ همتائبو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 فرض ڪريو تہ ڪو ڪمزور سمجھہ وارو اوهان ڄاڻ وارن مان ڪنهن کي بت‌خاني ۾ بتن تي قرباني ڪيل کاڌو کائيندو ڏسي، تہ هو بہ اهو کاڌو کائڻ ۾ نہ همتائبو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 8:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر انھيءَ جي بجاءِ اسين کين لکي موڪليون تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙھيون ويون آھن سي ھو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري گھُٽي ماريل جانور ۽ رت ئي کائين.


آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ خداوند عيسيٰ جي وسيلي مون کي يقين آھي تہ اھڙي ڪابہ شيءِ نہ آھي جيڪا خود ناپاڪ آھي. پر جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو اعتقاد آھي تہ فلاڻي شيءِ ناپاڪ آھي، تہ پوءِ اھا انھيءَ جي لاءِ ناپاڪ آھي.


پر جيڪو ڪنھن شيءِ ۾ شڪ رکندي بہ اھا کائيندو تہ اھو ڏوھاري ٿيندو، ڇالاءِ⁠جو ھو اھا شيءِ اعتقاد سان نہ ٿو کائي ۽ جيڪو ڪم اعتقاد سان نہ ڪيو وڃي سو گناھہ آھي.


اوھين ڪنھن کي بہ گمراھہ نہ ڪريو، توڙي جو اھي يھودي ھجن يا غير قوم يا خدا جي ڪليسيا.


تہ پوءِ بتن تي نذر ڪيل کاڌي بابت اسان کي خبر آھي تہ دنيا ۾ بتن جي ڪابہ حقيقت ناھي ۽ ھڪڙي خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪينھي.


پر سڀني ماڻھن کي اھا ڄاڻ نہ آھي، ايتري تائين جو اسان مان بہ ڪي اڃا تائين بت⁠پرستيءَ جي اثر ھيٺ آھن. سي ھن کاڌي کي بتن جي ئي قربانيءَ جي حيثيت سان کائين ٿا. جيئن تہ ھو چڱيءَ طرح نيڪيءَ ۽ بديءَ ۾ تميز نہ ٿا ڪري سگھن، تنھنڪري ھو پليت ٿي پون ٿا.


پر خبردار رھجو، ائين نہ ٿئي جو اوھان جي ھيءَ آزادي، ڪمزور سمجھہ وارن لاءِ گمراھيءَ جو سبب بڻجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ